وائي 99.
”اَلمَجَازُ قِنَطَرة الحَقِيقَةِ“، ساراهجي سبحان
1.
وره ويراڳين جو، ناگهه آهي نڌان
2.
تلڪ لڳا تيري راڄ ۾، پوٿي پڙهيا قرآن
3.
ڪوڙيين ڪڇيا ڪينڪي، عارف سندا عرفان
4.
صيقل لال شهر ۾ سَتاديئه مڪان
5.
جهولي پر جهولندا، جبي منجهه جوان
6.
بابو پنندي بکيا، احسن آهي انسان
7.
ره روندي ويا، شريف چئي، درد دڪاني دڪان
سر رپ
995. هورن ڏنا دور، دردن ڌومون لائيون
آڌيءَ ويلي ان سان، اٿيو ڪريان اور
جهڙي جهڙن جهور، تهڙي آهي تن ۾.
996. جهڙ ڦڙ ڪيو جهمن، نيڻن نڪون لائيون
ٽهڪن ۽ ٽمن، کورا ڪري کاڻيون.
997. انهيءَ پهه آهين، جا سٽا سانوڻ مينهن جي
ابر ارتي گاڏئون، بيوس وسائين
ڏسڪيو ڏسائين، اوڪارين نه اکيون.
998. آهين پهه سوئي، جا سٽا سانوڻ مينهن جي
چولي چئاڪن سان، رتائون روئي
بيٺيون جهڙ جهوئي، اوڪارين نه اکيون.
999. ڪڪر هون نه هون، اکين آگم نه لهي
ڀينر! ڀرئي ٿانءَ جان، نيڻ پلٽيو پون
سي مر رويو رون، جن مسافر سپرين.
1000. اُڀريا ڪري انگور، سور هنيين کي سامهون
سيني اندر، شريف چئي، دردن ڪيا دستور
پچان ٿي منجهه پور، لڇان ڪڇان ڪينڪي.
1001. اُڀريا ڪري اور، سور هنيين کي سامهون
وجهيو وڍ وجود کي، درد ٿا ڪن دور
هنيڙي اندر هور، لڇان ڪڇان ڪينڪي.
1002. من ۾ ٻري باه، سپيريان جي سڪ جي
منجهين مچ محبت جو، جيرا جوش جلاءِ
اندر کورو کانءِ، ٻاهر سڌ نه سوز جي.
1003. سدا سوز سرير ۾، گوندر جو گذران
بره ڏاڍو بڇيو، قهري ڪشي ڪان
ماري ٿو مڙگان، مون کي محبوبن جو.
1004. سدا سوز سرير ۾، وِڄن جيئن وري
اڱڻ اچن نه سپرين، پڇن نه پير ڀري
آيل اُن ڳري، ڪهڙي حال هلي وڃان.
1005. سدا سوز سرير ۾، وڄن جيئن وسي
جيرا آٽن جوش ۾، مَري تَن تسي
خوشي ويا کسي، ڏيئي دور درد جو.
1006. ڏيئي دور درد جو، پرين ويا پاڻ
سر منهجي سانجاڻ، سرهي رکيائون سور جي.
1007. سانڍج سور سرير ۾، سندا فراق ڦٽ
جي پٽيون چڪن پٽ، ته ڪتر ڪڻڪج ڪينڪي.
1008. سانڍج سور سرير ۾، پور اندر پوري
کامي جي کوري، ته ڪتر ڪڻڪج ڪينڪي.
1009. پرت ۾ پڌر پاءِ، سانڍج ساء سرير ۾
آڻ نه آب اکين ۾، م ڪي جر وهاءِ
متان لوڪ لکاءِ، پل پروجهي پاڻ کي
.
1010. سانڍج سڪ سرير ۾، روحان اندر راز
مڇڻ ڳرهيين عام سين، محبوبي مجاز
دوست پرين دمساز، ايندءِ اورج ڳاليهون.
1011. حال موافق نه لهان، سندو سور سهي
جنهن سان رات رهي، اوريان وره ڳالهيون.
1012. وساري ورونہ کي، وسان هڏ م ويہ
پکي ڪنهن م پيہ، اور متان ڪا اوريين.
1013. اورڻ ان کي عام، ڳرهڻ ڳجهيون ڳالهڙيون
”عَرَفتُ رَبّي بِرَبّي“ ايءَ پروڙج پار
سڪڻ جن سينگار، تني حال حل ڪيو.
1014. سدا هون نه سور، گوندر وڃن گذريو
”لاتَيئَسُوا مِن رحمة الله“، پڙهي ڪر پروڙ
متان ٿئين ملور، سگها ملندئي سپرين.
وائي 100.
جن سان جيءَ جڙي، ساه سڪي ٿو ان کي
1.
ڪارڻ ڪانڌ ڪڪوريو، رائو مون رڙي
2.
ويري ور وٺي ويا، چانگن تي چڙهي
3.
منان مور نه وسري، ٻاروچو ٻڙي!
4.
مادر موڪل مون ٿئي، آيل ڇڏ اڙي
5.
ساٿين ري، شريف چئي، آءٌ سورن منجهه سڙي
وائي 101.
هن کهيل ساڻ کڻو، تان ڪو پير پريان جي پيچري
1.
وٺي واٽ وندر جي، ڇپر تان ڇڻو
2.
چڙهي ڏونگر چوٽيين، هاري پاڻ هڻو
3.
هڏ نه ڏٺان هوت کي، تڏهن ٿيون تڻو
سر ليلان
1015. وڏائِي وَرَن سان ڪميڻيون جي ڪنِ
تَني کي، شريف چئي، اوڀالا اچنِ
جو سينگار سرتيين، سدا تنهن سڪن
”الشّيَاطِينَ عَلي الکافرُينِ“، پڙهج کان پرين
سي ليلان جيئن لڇن، ڪاڻِ جني کي ڪانڌ سان.
1016. ڪاڻ مَ پوئي ڪانڌ سان، جو ميٽي مَٺايون
ڍولو ڍِلايون، ڍڪي دلبر داسڙو.
1017. ڍڪي دلبر داسڙو، ڪچايون ڪوجهنِ
اصلان اٻوجهنِ، سينگاري سلطان سو.
1018. چنيسر جي چت ۾، مڙيئي موچاري
بخشي ستاري، ڪري اوڍي اگهاڙيون.
1019. چنيسر جي چت ۾، محبت جو مذڪور
ڪونروءَ پڇائي ڪانڌ جو، حاصل ڪيو حضور
جتي اچي ڪونڪو، اُتي ٿيس اُمور
ڪيائين عروج عشق مان، ملي ٿي مهجور
معنيٰ ڪِي مسرور، ڏٺائين وارث وَلهو.
1020. ڏسي ڏينهاڻِي، دَران اندر داسڙو
”عَرفتَ رَبّي بِرَبّي“ اُن جي اها اهُڃاڻي
ناهي وراڻِي، ڪونروءَ سندي قول کي.
1021. چوريءَ تون چڙهيو، ڪُہ ويئينءَ ڪانڌ کان
ڀوري ڀؤ نه ٿيو، تو ليلان لِکَ جيترو!
1022. چوريءَ جي چڙهن، ڀڄي ڀتارن کان
مور نه سي مرڪن، ليلان اهڙي لَکڻين.
1023. ليلان لکڻ تنهنجا، ڪهڙا هئا ڪالهه
ڪياءِ عبادت اهڙي، جهڙي ڪري نه زال
خوديءَ جي خيال، توکي دران دور ڪيو.
1024. دران توکي دور ڪيو، تڪبّر جي طور
ڪانڌ نه ڏجن مڱيا، مڱيا ڏجن ڍور
ليلان منجهه لهور، اڳي اهڙي ڪانه ٿي.
1025. اڳي اهڙي ڪانه ٿي، منجهان ڄامن ڄٽ
ڪنهن چيوءِ ته ڪانڌ تون، مٿي مڻئي مٽ
هاڻ هار رکي هٽ، آڻ اڌارو اُن تان.
1026. ليلان لِک جيتري، مت نه آيئي من
هئڻ وڌائي هستي، جڏهن جيڪي ڪن
ترت تڙائي تن، دران دوستُ، شريف چئي.
1027. ڪري وڏائي وَرن سان، مور نه اها مت
شرمنديون ٿين، شريف چئي، جن ڀائڻ جي ڀت
منجهان هئڻ هٿ، ڪنهن کي اچي ڪينڪي.
وائي 102.
هر کي مٿي هار، ليلان پاڻ لڄايو هر کي مٿي هار
1.
ديس ڇڏايس داسڙي، ٿي دم ۾ ڌارو ڌار
2.
لوٺي شهر لِهور کي، سڪي سڀ ڄمار
3.
ملڪن ۾ مشهور ٿي، نجس نار نڪار
4.
منجهان شوق، شريف چئي، ڪريو توبہ جي توار
سر بلاول
1028. حڪمت جڳائي حڪيم کي، جو والي واحدُ ويءُ
قادر پنهنجي قدرت سان، راحم آهِ رفيعُ
هادي هردم حَيُّ، سڀڪنهن ڏانهن سامهون.
1029. خالق ڪونه خلقيو، جکري سنديءَ جوڙ
سِرجيو سيد، شريف چئي، سڀني لٿي سوڙ
راهوءَ جي رهاڻ ۾، مشڪ کٿوريءَ کوڙ
ٻَڌا محمّد موڙ، عالم آسودو ٿيو.
1030. خالق ڪونه خلقيو، جکري جهو جوان
پڌرو ڪيائين پاڻ مان، سندو نور نشان
”اَلا نِسَانُ سِرّي وَ آنا سِره“، ڦريو ايءُ
فرمان
سيد ٿيو سلطان، مرسل مڃيو مڙني.
1031. جَڳٽ جهان جوڙيا، جکري ڪاڻ جليل
”لَوُ لاڪَ لَمّا خَلَقتُ الاَ فلاڪُ“ جو،
ٿيو شرف خاص خليل
عيسيٰ لاءِ انجيل احمد جي اوصاف ۾.
1032. ملهي آيو معرڪي، جکرو جود جوان
مرڪي سندس مرسلين ناطق نام نشان
فائق مڪو فرقان، شفيع سندي شان ۾.
1033. دُرُ ٻڌي دستارُ، مَرڪي آيو معرڪي
احمد تنهن عالَم جو، باري کنيو بارُ
سيد ٿيو سوارُ، لٿو سئونڪو سَرڻيين.
1034. سيد ٿيو سرتاج، مهندار مور مڙني جو
ڏيہ ڏسيون سڀ ڏاج، آگي بخشيون اُن کي.
1035. هاديءَ هدايت جو، دولهه اُپٽيو دَرُ
ماري منافقن جو، ڪامل ڀڳو ڪر
”اَشُهَدُ ان لاَاِلہ الالله“ چئي، پاڙهيائين مظهر
محمد ٿيو اطهر، سيد مڃيو سڀڪنهن.
1036. هادي هدايت جو، وارث آه علي
ڀڳا ڪوٽ ڪفر جا، حضرت ساه هلي
شاه ساقي سڀڪنهن، اولياءِ توڻي ولي
مانجهيءَ مرد ملي، پاڙهيو حمدُ هزارن کي.
1037. سوره مٿي سِر، ويس اُلٿو ولايت جو
اعليٰ اَسَدُالله کي، کنو آيو خنجر
دست ڪري دلبر، پوشُ پرهي نڱيو.
1038. پوش پرهي نڱيو، جُبي منجهه جوان
وڙهيو ساڻ ويريين، پڙ ۾ پهلوان
يار صحابي ڪيترا، ڀيڙا منجهه ميدان
سورهيه ٿيو سلطان، قلعا ڀڃي خيبر جا.
1039. حامي حمايت آئيو، هادي حيدرشاه
سورهيه جي شجاعت کي، ڄاڻي هيڪ الله
اُڌميو اوڙاه، قيصر قلعي وچ ۾.
1040. مٿي تو مٿير، سر آهي سبحان جو
ڪري کيل کني جو، گهوڙو گهمايو شير
ڪير پروڙي پير، اعليٰ اسدالله جا.
1041. اعليٰ اسدالله جو، گهوڙو ٿو گهلي
”قُل هُوَاللهُ اَحَدُاللهُ الصّمَدُ“اها چال چلي
ساقي شاه، شريف چئي، هادي ٿيو هلي
دامن جو جهلي، سو واصل ٿييي وصال ۾.
1042. فتح نصرت ساڻ، قيصر قلعي آئيو
کني جو کيل ڪري، قيصر سڃاتائين پاڻ
عليءَ جو اهڃاڻ، ديميون دَهوڙي دام سان.
1043. سرسو سخاوت ۾، ابر کان اظهار
جبرئيل جِليبَ ۾، هلي هميشہ هلڪار
جڏهن چڙهي جنگ تي، جوڙ ڪري جنسار
پئي هڪل هفت اقليم ۾، ڪنبي ڪل ڪفار
ماري منافقن جو، حملي ساڻ هزار
قيصر قلعي ڪوڏيو، هاتڪ همت دار
جهيڙي ۾ جهونجهار، اچي ته اِجرائي ٿئي.
1044. سرسو سخاوت ۾، شاهن سندو شاه
اچي اڻ سونهن کي، رهبر ڏسي راه
اچي بکيي، اوليي، اگهاڙي آگاہ
سَرڻينِ پيو ساه، ڏسي جود جوان جو
.
وائي 103.
مرسل محمّد ميرُ، مَرڪي محمد مير، مهڙ مور مڙني
جو.
1.
خالق ڪونه خلقيو اهڙو ٻيو امير
2.
اصلي احمد ٿيو نرمل بي نظير
3.
سو سردار سڀني جو صاحب ڪيو سڌير
سر ڏهر
1045. ڪاڇي ڪڇ قلات، ڪُڻڪ ڪونجڙين جي
رائي اهي رات، وڳر ساريائون پنهنجا.
1046. ڪاڇي منجهه ڪا، ڪُڻڪ ڪونجڙين جي
مون سڻيندي سا، نيڻين ننڊ حرام ٿي.
1047. ڪاڇي اچي اڄ، وڳر ساريائون پنهنجا
روئي ڪيائون رڄ، ڳارا ڏيئي پاڻ ۾.
1048. ڪاڇي اچي ڪال، وڳر ساريائون پانهنجا
هئي تني جي حال، چُوڻُو چُڻڻ آئيون.
1049. رويو ڪن قطار، ٻاجهاريون ٻوليون ڪيو
جهڙيءَ ڀت ستار، اسان چوڻو هاريو.
1050. ڪن رويو قطارون، ٻاجهاري ٻولي ڪيو
ٿيو تن تندون تارون، واجهائيندي وطن کي.
1051. روهين راماڻو، ڪر ڳل ڪونجڙين جو
پري وڌائون پاڻو، وڃي وطن وٽ کان.
1052. مٿي روه رهن، الا ڪنهن اتفاق سان
ڪڇ قلات ڪهن، وڳر ڪيو پاڻ ۾.
1053. مٿي روه رهي، ڏک اوريائون پاڻ ۾
سگهن ڪين سهي، ڦوڙائو فراق جو.
1054. لٿن ڦوڙائو، وريون وطن سامهون
ٿين ميڙائو، سڳر ساڻ، شريف چئي.
سر ڪاپائتي
1055. الله سندي آسري، چرخو چوريائين
اٿي اوريائين، ارٽ ساڻ اسور جو.
1056. ارٽ کي اسور جو، ڀيري ڀليءَ ڀت
ڪارڻ سانگ، سپت، ويٺي ڪتي ڪوڏ مان.
1057. ويٺي ڪَتي ڪوڏ مان، ڪارڻ ڪانڌ ڪنوار
ڏٺي ڪانه ڏئار، صراف ان جي سٽ ۾.
1058. ڪتن ۽ ڪنبن، سهاڳ واريون سي
ڪانڌ تني جو ڪوڏيو، ڀنيءَ ڀيرين جي
آتڻ منجهه اُهي، اچن اوڍڻ اوڍيو.
1059. اچن اوڍڻ اوڍيو، جن آتڻ سان آرو
ساجهر سوارو، اُٿيو اورين ارٽ سين.
1060. اڇا اوڍڻ اوڍيو، آتڻ جي اچن
منجهان رنگ رچن، پهي سان پريت جي.
1061. ڪن ڪن ڪاتارين کي، پهي سان پرت
نگاه ۽ نرت، پئي اڳاهين اُن جي.
1062. ڪن ڪن ڪاتارين کي، پهي جي پرور
ڀنيءَ ڀيرين چرخا، اُٿيو ويل اسور
ڪتيو رکن ڪانڌ لئي، منجهان سٽ سالور
ململان محموديون، ڌُميتيون دستور
هليو منجهه حضور، پرهڻ پرهي پارچا.
1063. ڪاتاريون ڪتن، تون آتڻ ۾ ٿي اوجهرين
نينهن لايوءِ ننڊ سان، ڇوري منجه ڇتن
پرهڻ ۽ پهتن، سڪنديين شريف چئي.
1064. تنبايو تاڪيد سان، ڪاتارين ڪپاه
پڃائي ڪيائون پوڻيون، پهي منجهه پاهه
ڇڏيو چرخي چاه، تون آساري اوجهرين!
1065. تو اساري اوجهرين، ڪاتارين ڪتيو
مرڪي سٽ مٽيو، سرتين سر بازار ۾.
1066. ٿيون شرمنديون، شريف چئي، جني ڪتيو ڪين
هڻنديون ڀڻن هٽن تي، اڳيان صرافن سين
اگهاڙيون عرين، پهي ڌاران پانهنجي.
1067. جي هوند ڪتيوءِ ڪالهه، ته اڄ پڻ هيين اُجري
سرتين ڪي سنڀال، سٽ مٽيندي شريف چئي.
1068. ٿلهو جي ٿورو، ته پڻ پهو پانهنجو
ترندي ترازيءَ ۾، ڀلي نه ڀورو
”ومَن يّعمَل مِثقَالَ ذَرّةِ شَرّ آ يّره“ سخن
سڳورو
ڦولجي ۾ ڦورو، ناڙي ڪيم نهارجي.
1069. ناڙي ڪيم نهارجي، شال ڦورو م ڦولين
ويچاريءَ جو وچ ۾، انتُ نه اکولين
ٽاريل جت ٽولَين، ات پهي پڇا مَ ٿئي.
1070. پهي پڇا مَ ٿئي، شال ٽولجن مَ ٽول
آتڻ منجهه اُکول، ڪنهين جي ٿئي ڪام ڪا.
1071. ڪنهن سان ٿئي ڪام ڪا، آتڻ منجهه اُگهٽ
ڪاپو ڪري ڪاتاريون، هليون مٿي هٽ
صرافن سان، شريف چئي، مرڪي ڪيائون مٽ
چرخا چندن عاج جا، آندائون آرٽ
کلي چڙهيون کٽ، وريتيون ورن سان.
1072. وريتيون ورن سان، پرچي ويٺيون پاڻ
رُچيو ڪن رهاڻ، مجلس ۾ محبوب جي.
سر گهاتو
1073. گهاتو گهڙيا اگهور ۾، لائي لنگ نابوتي
سوجهيائون سر اسرار کي، لنگهي نظر ناسوتي
”ڪُلُّ نَفسِ ذائِقَةُ المَوت“ پيتائون پيالو
مماتي
نڪا رُويت روح جي، نڪي ظاهر ڏسجي ذاتي
ايءَ مخفي ڳالهڙي، ڪي پروڙين پائي جهاتي
اَت هنيائون ڪاتي، وحدت جي وجود ۾.
1074. وحدت وجود ۾، ڪي جي ڀِرين ڀير
پاڻ پردي پاڻيءَ جي، ٿيا وچائون وير
گهاتو پردي پاڻيءَ جي، ٿيا وچائون پير
گهاتو ٻڏا اگهور ۾، گهيري نئا گهير
ڊگها ڪري پير، ستا ڪلاچيءَ ڪن ۾.
1075. ڪلاچيءَ جي ڪن جي، آهي ايءَ نگاه
جيڪو گهڙي سو نه وري، پورا ٿينس پساه
اکيون منجهه آگاه، دائم رهيون درياءَ ۾.
1076. دائم ان درياء جو، نڪو انت شمار
جن پروجهيو سي چون، ڪونهي پريون پار
جيڪو ڏسي آر، سو ٻڏي وڃي موج ۾.
1077. اگهوري اگهور ۾، گهاتو ٿا ڏسجن
آڌيءَ رات، شريف چئي، پهو پاتار وڃن
رڱيو رڇ اچن، وهاڻي وصال مان.
1078. اونهي ڪُنَ اگهور جو، نڪو تانگهه ترو
جيڪو گهڙي ڪلاچ ۾، پروجهڻ پرو
ٿئيس کيپ کرو، ٻڏي وڃي موج ۾.
1079. گهاتو گهڙيا، نه وريا، ڪا جا پييَنِ اوٽ
پريندي پيهي ويا، جن کي هئي ڪوٺ
اشهدُ چئي گهوٽ، مانجهي ملاقي ٿيا.
1080. گهاتو گهڙيا، نه وريا، ڪو جو پين پرو
ڏٺو جن درو، سي ٻڏي ويا موج ۾.
1081. گهاتو گهڙيا، نه وريا، ڪا جا پيين پروڙ
محو ڪيا مذڪور، ٻڏي ويا موج ۾.
1082. گهاتو گهڙيا، نه وريا، پيين پروڙ ڪا
لڙهي منجهه ’لا‘، ٻڏي ويا موج ۾.
1083. گهاتو گهڙيا نه وريا، پيين پروڙ ڪانه
ساراهي سبحان، ٻڏي ويا موج ۾.
1084. گهاتو گهوري اگهور، لڙهي لال ويا
سک ٿي ستا، شريف چئي، هئا مانگيرا مور
تني سندي تور، ڪونه ڏسجي ڪٿهين.
1085. گهاتن گهڙي اگهور ۾، مانجهين ماريو مڇ
سي پُريُن کي پُر ٿيا، جن کي آيو ڳچ
رات رتائون رڇ، پائي سير سمونڊ ۾.
1086. گهاتو گهڙي اگهور ۾، مانجهين مڇ ماريو
ملاحن گهر آيو، اُلهي چنڊ تارن سان.
وائي 104.
گهاتوئڙا گهوري، آيا سير سمونڊ جي
1.
پروڙيائون پاتار کي، اونهي ۾ اوري
2.
ڪڇيائون ڪلاچ کي، تڪي ۽ توري
3.
وڃي ماريائون مڇ کي، ڏوراڻو ڏوري
4.
وڍي ورهايائون پاڻ ۾، ڪپي ۽ ڪوري
|