سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :31

503.پرين پرتا پاڻ ۾، لٿو ڏولائو

مومل ميلائو، ڪري ماڻيو مينڌرو.

 

504.پرين پرتا پاڻ ۾، ٿي واڌائي وير

مومل ماڻي مينڌري، وچان ويا وير

پائي پلنگ پير، ٿيا سکالا  سيج تي.

 

505.پرين پرتا پاڻ ۾، کلي چڙهيا کٽ

سونيو هٿ صراحيون، پين پيالا پٽ

اوتي هاريائون عطر سان، مشڪ گلابي مٽ

ڪوڏان ڪاڪ ڌياڻيون، ويٺيون وراهين وٽ

آتڻ منجهه الٽ، ان ٿي ڪيا پانهنجا.

 

506.ڪاڪ ڌياڻين ڪوڏ مان، سڀ رتا ريٽا

ٻڌا سوڍين سر تي ڦلن جا ڦيٽا

ڀؤنرن ڪي ڀيٽا، پسي گل گلاب جا.

وائي 43.

اجهو آتڻ آيو، سوڍو مون سهاڳ ٿيو

1.                    جيس جيس جيڏيون ميان، پرين پاڻ پسايو

2.                   محل هندورا ماڙيون ميان، ياقوتين جڙايو

3.                   پشمي پوشاڪون ڪڍي ميان، پلنگن کي پهرايو

4.                   ملي مشڪ عطر سان ميان، سرهي سيج وڇايو

5.                    ”تيرهيا“ باغ بهاريا ميان، رابيلن رس لايو

سر کاهوڙي

507.وڃيو ڏٿ ڏورين، کاهوڙي خاموش سان

پهڻن کي پيرن ۾، ڀترن جيئن ڀورين

تئن نه چپ چورين جئن ڪو سڻي ڳالهڙي.

 

508.وڃيو ڏٿ ڏسن، پرڀونءِ ڪريو پيچرو

کاهوڙي نه کسن، ڏؤنرا چونڊيو ڏونگرين.

 

509.وڃيو ڏٿ ڏونرا، ڏسن ڏهاڻي ڏونگرين

جهولي جهڪ جهڪا ٿيا، کاميو کئن کؤنرا

اهڙيءَ ڀت اؤنرا، پهريو پرن پاهڙين.

 

510.پهريو پرن پاهڙين، پري آين پور

ڏٿ ڏوراهون سپجي، ڪبو تان ته سحور

جنگن کي ضرور، مٿي جبل جهاڳڻون.

 

511. پهريو پرن پاهڙين، کاهوڙي کيڙن

ڏٿ ڏوراڻي ڏيهه جو، نهاريو نيڻن

سجهڪا ٿيا سيڻن، جهاڳي رسيا جس کي.

 

512.مٿي ڏونگر ڏس، ڏوٿين پيو ڏٿ جو

سنجهي ستا ڪينڪي، گهمي لڌائون گس

ڪن رهاڻيون رس، وڻن ساڻ وهاڳ جو.

 

513.مٿي پٻ پيرن لئي، سنجهيئي سنڀريا

پاڻيءَ ڀري پوٽڙيون، گهاٽي منجهه گهڙيا

وڃي تت پيا، جت پير نه لڀي پکيان.

 

514.مٿي پٻ پچار، کاهوڙيءَ جي کير جي

هليا ڏورڻ ڏٿ کي، سنجهي منجهان سوار

”يا ايها المُزمّلَ قُم الّليل“ پروڙج پڪار

آڌي ويل اُٿي ڪري وڃي ڏس ولهار

”تيرهيا“ سڻج تنوار، ڏوران ڏوٿيڙن جي.

 

515.ڏوٿي هليا ڏور، پائي کرڪڻ پير ۾

اُٿيا اوسيڙي ڪنان آڌيءَ ويل اسور

ڏاڍي ڪنهن ضرور، سک ٿي ستا ڪينڪي.

 

516.سک نه ستا راتڙي، کرڪڻا لاهي

جهاڳي پهريا جهنگ ۾، سڃيءَ ڏس ساهي

آندو ان آهي، ڏٿ وڏي سان ڏاکڙي.

 

517.سک نه ستا راتڙي، پٻ پاتائون پير

کرڪڻا کاڻين ۾، ڇڄي ٿيا ڇير

ڌڙ گڏيائون ڌوڙ ۾، ڀنڀوليا ڀنڀير

مٽي مير سمير، لڪ لتاڙي آئيا.

 

518. لڪ لتاڙي آئيا، گنجي جا گهاٽا

وهاڻيءَ وڻڻ مان وٺتاتون واٽا

کاهوڙي کاٽا، مٿان ماڻي موٽيا.

 

519. لڪ لتاڙي آئيا، گنجي منجهه گهڙي

ٿيا مُچ مڙي، ٻڌن سندرو ساهيو.

 

520. لڪ لتاڙي آئيا، گنجي کي گهوري

وڃن ڏورائون ڏٿ کي، ڏٺائون ڏوري

”تيرهيا“ ڪر تپاس تون، تنهين جو توري

اتاهين اوري، خبر کاهوڙين ڏني.

وائي 44.

ٿلهه: ڏوٿين جا ڏوري، پير نهارج پاهڙين

1.                    ووڙي ڏس وڻڪار ڏي، گهوري ٿي گهوري

2.                   کاهوڙي کڻي ويا، اڃان تون اوري

3.                   ڇلي پيهه ڇپر ۾، هڏ مَ پئو هوري

4.                   ڪان ڪهندي قاف تي، ”تيرهيو“ چئي تو ري

وائي 45.

ٿلهه: جتان اوٺين ڪيو امارو، تتي، ويٺي واجهه وجهي

1.                    اٿي آتڻ جان اچي تان ماڳ ٿيس مونجهارو

2.                   ڪهي، ڪيچ اکين ۾ ڪيو ساٿيئڙن سوارو

3.                   سسئي سرتين سان پڙهيو اتي سورن سيپارو

4.                   وسايائين وڻڪار ۾ پرهه ڦٽيءَ جو پارو

5.                    ويچاريءَ جي وجود ۾ ورهه ڪيو وسڪارو

6.                   تر ترسيا ڪينڪي، ڏسي چانگن سندو چارو

7.                   ”تيرهيا“ توڏن پٺ ۾، آيو ويندن جو وارو

۽ رامڪلي

521.پڇي پورب پنڌ ۾، نانگا ٿي نفيءُ

رهبر گڏيئي راه ۾، رهنما رفيع

سناسي شفيع، آڳهه آهي اڳيئون.

 

522.پڇي پورب پنڌ ۾، نانگا ٿيءُ نروار

ڪهندو وڃج ڪين ڏي، ڦيرج ڪيم ڪپار

گروءَ سندي گس تي، هوئج تون هشيار

اولي رهڻ عام کان، ايءُ آديسن اطوار

”تيرهيا“ طالبن جو سڪڻ سدا سينگار

جاڳي لاٿو جار، جوڳين پنهنجي جان تان.

 

523.رهه سناسي سنگ ۾، جاڳي جوڳ جهار

واٽون ويراڳين جون، ٻانهن ساڻ ٻهار

سڌون ڇڏ سکن جون، ڏکن ڏينهن گذار

”اِن مَع الُعسريُسرا“ نوري ات نهار

محبت سندي من ۾، مالها منڍان وار

سڱي، سيلي، گبري، ٽيئي ٽول وسار

ڍڪي خرقو خاڪ جو، کيو ٿيءُ خمار

نيڻين ننڊ وسار، ته وڃين پهچين پيچري.

 

524.رهه سناسي سنگ ۾، جاڳي ڏس جمال

ملا مهيسين جي حاصل ڪي ڪج حال

ڇڏي لاڳاپا لوڪ جا، نانگا ڪر نڪال

ڪوڙو قيل مقال، ڪين سڻج ڪوم ڪو.

 

525.رهه سناسي سنگ ۾، هوندن جيئن م هو

آديسي الک جي ڪر جودئون جستجو

اوڏو اکڙين کان توکي رام رهيو

تنهن کي تون ڇڏيو، تيرت پڇين تڪيا!

 

526.رهه سناسي سنگ ۾، هميشہ هشيار

نانگا نائيءَ هليا، ڪندا ڪين قرار

وڃن ويراڳي  وهسندا، هيئون پورڀ پار

”تيرهيا“ سي تڪرار، لنگهيا لامڪان کان.

 

527.لنگهيا لامڪان کان، پري پرانهان

اسهيا اڳانهان، ڪانه سڻجي ڪِيَنرِي.

 

528.ڪانه سڻجي ڪينري، ويا ويراڳي

پڇان پورڀين کي، سناسي ساڳي

جوڳين لئي جاڳي، اکين آرس ڇڏيو.

 

529.ڪانه سڻجي ڪينري،ويا ويراڳي وير

ڪهيا ٿي ڪابول ڏي، ڪاپڙي ڪن چير

لڳي اتر هير، اکين آرس ڇڏيو.

 

530.ڪانه سڻجي ڪينري، وجد مٿي واٽ

گڏيا گورکناٿ کي، جوڳي ڀري جاٽ

ڏسي دونهين لاٽ، اکين آرس ڇڏيو.

 

531.اکين آرس ڇڏيو، هينين ڇڏيو نه هيج

ماتا مهيسين جو، پري پٽ پڇيج

چوان تين چئيج، اڃان اٿئي اوڏڙا.

 

532.گر جا ڏني گودڙي، سا واڍي اڄ آيا

”تيرهيا“ نمايا، سامين سر سجود ۾.

وائي 46.

ويٺي واٽ نهاريان، آءٌ آ سروندي آهيان

1.                    جوڳي وئڙا جاٽ تي، تن جوڳ جهاريان

2.                   ”تيرهيا“ تيز ترتان ٿئي، اوڏاهين جي اهاريان

ڀڄن

انت نه ڪوئي پاوي، ميڏي دنيا روپ اروپي نام الکا لکيا ناهين جاوي

1.                    گرو چيلي ڪي من مناڪي در در بيک منگاوي

2.                   ملان قاضي مسلي ڪرڪي اوران نون سمجهاوي

3.                   حاڪم هوڪي حڪم هلاوي، ظالم ڪماوي

4.                   ”تيرهيا“ موسى طور تي آڪي ”ارني“ بات الاوي

سر رپ

533. دردن کؤن دانهون، جڏيءَ سنديون جوش مان

ڦوڙائي فراق کان عشق ڪيون آهون

مون تن تڏاهون، سور سدائين نه لهي.

 

534.سور سدائين نه لهي عشق جو آزار

”العشق نارالله“ چئي ڪيائين نينهن نبار

کامي رهيا انگڙا، جيئن بٺيءَ منجهه اڱار

آڻي ڪيو اظهار، محبت مچ مجاز جو.

 

535.محبت مچ مچائيو، جيرن رسيو جوش

ڪري ڪيئن خاموش، ڪاڙهو جنهن جي قلب ۾.

وائي 47.

جن سان جيءَ جڙي، ساه سڪي ٿو ان کي

1.                    جيجان جهل م ايترو، آيل ڇڏ اڙي

2.                   منان مور نه وسري ٻاروچو ٻڙي

3.                   مٺي محبت تن سان، ڪريان ڪيئن ڪڙي

4.                   ”تيرهيا“ پڇان تن کي کيانتا کڙي

سر پرڀاتي

536.آهي تنهنجي آسري، ٻيو در ڏسي ڪونه

مڱڻو مورنه مٽئي تو در رپي سون

اٿئي ويٺي اون، اٿس انهيءَ پار جي.

 

537.ريءَ رونجهاڻي راڄئي، ٻئي در وڃي نه مور

ڪيرت ڪري ڪماچ ري، اٿيو ويل آسور

لنگهو ليلائي گهڻو، مٿي دهليءَ دور

چڙهي ڏٺو ڏور، چوٽائيءَ چوڏول تان.

 

538.پهرائي پينارن کي، سپڙ ڪريو سڏ

ڀيرو ڀاتن لائيو، کڻي مٿي تي مڏ

اچي ويٺا اوڏڙا، لنگها لاهي لڏ

هيڻا جن جا هڏ، سي تازا توانا ٿا.

 

539.سپڙ سوالين کي، مور نه موٽائي

کليو کارائي، اُڃين بکين ادليئن.

 

540.ناڪر ناهه نه سکيو، کليو ڏي خيرات

پهرائي پينارن کي، ”تيرهيا“ سان نهنات

هلن کان هيرات، سڻيو سڏ سخاء جو.

 

541.ناڪر ناهه نه سکيو، هڏ نه ڀيرائي ڀان

ذات نه پڇي، ڏات ڏي، اهي سندس اوسان

پراهي پينارن کي، سندي حب حنان

ولها سڀ ونهيان ڪيا، داتا ڏيئي دان

موتي ۽ مرجان، اُڇلي اٻوجهن ڏي.

 

542.ناڪر ناهه نه سکيو، سپڙ ڄام سڌير

داتا پنهنجي در تان، ڦيرائي نه فقير

ڪري خوش خوشبوءِ سان، نوجوان ۽ پير

”تيرهيا“ اي تفسير، لکڻ لياقت ناهه ڪا.

 

543.منهنجي ناهه مجال، جيئن ڳڻيان ڳن ڳهڙ جا

سپڙ سڀ ڪنهن جي لهي، سدا مند سنڀال

سوالي سَنَمُک ٿيا، سندي جوت جمال

حاتم لک هپائيا، تنهنجي حسن ڪمال

جادم جئين شال، اٿم تنهنجو آسرو.

 

544.چارڻ چليو نه سگهي، ويٺو سڏ سڻي

پيو پانهيرو، نه وهي، ڪهڙيءَ ڀت ڀڻي

موڪل ڪين محتاج ڏي ته چائت منجهه چڻي

دُئي تان نه ڌڻي، هڪل سوائين هيڪڙي.

 

545.سنجهي رهين سمهيو، هيءَ نه ڀانن ڀت

اُٿي ويل اَسور جي، ڪجي ڪا ڪيرت

کڻي ساز سپت، ويهي وڄاءِ وهاڳ جو.

 

546.امر مڃي اُن جو، دران مڱي جن دان

جي اٿارينس تان اٿي، نا ته ستيئي سلطان

ناقص نوازي نگاهه سان، ڏي ڏڏن کي ڏان

هڏ نه موٽائي مڱڻا مشفق مهربان

”تيرهيا“ تابستان، لُڪ لاٿائين لوڪ تان.

وائي 48.

آڳهه عاصيڙان، وير وسيلو واهرو

1.                    داتا پنهنجي در تان، ڏيندو ڏان ڏڏان

2.                   تان در تنهن جي جو اچي، جهلي سام سندان

3.                   ڪونه دڙي در گاهه ۾، بدران بد ڪاران

4.                   پير نه رکي پٽ تي، سائو منجهه صفان

5.                    ”تيرهيا“ دائم دان ڏي، پرچيو پيناران

سر بلاول

داستان پهريون

547خالق ڪل خلق جو، ربُّ العالمين رحيمُ

پرور پڄاڻي ناهه ڪا، هو العلي اُلعِظيم

ڪرم ساڻ ڪريم، بخش بخشائي ڌڻي.

 

548.بخش بخشائي ڌڻي، ’لاتقنطوا‘ اقرارُ

ٻيو وسيلو ناهه ڪو، ستر پوش ستارُ

محمد ڪيائين مهندارُ، وسيلو ولهن جو.

 

549.مهندار مڙني مرُسلين افضل ڪيوالله

ڍَيو شانُ شفيع کي، داورجي درگاه

ٿيو مڙني واهرواه، رَحمَة للِعالمين.

 

550.مهڙُ مُور مِڙني جو اصل ابتدا

اڳ ۾ هلي امام ٿي، پُٺ ۾ ٿين ٻيا

ثنائون ڪن سيد جون نرمل نبيا

اچي اُڀين ادب سين، ورنہ وليا

عامل ڪامل ڪيترا، سالڪ سخيا

سڀيئي شائق سرڪ جا ٿين خوش کيا

ٻه ٽي ڪن پيا، هٿان حضرت شاه جي.

 

551.هٿان حضرت شاه جي جامع گهرن جام

خواجا خضر جهڙا، صبح ڪن سلام

عيسى اِدريس ايلچي، مٿي در دوام

موسى اچن مسڪين ٿي، مدرس وير مدام

 ڪنهن جو حڪم حڪام، هلي ڪونه حضور ۾.

 

552.هٿان حضرت شاه جي ٿيو مجوسي مات

ڪيو حلال حرام کي، ڪامل وجهي ڪات

”يا اَيتها النفس المطمئنة ارجعي“، طالب ايءَ تهنات

سدا شاه شريف تي ”تيرهيا“ پڙهه تحجيات

اکيون آب حيات، منهن ۾ مرشد مير جي.

 

553.امارو اوجهُون ٿيو، ڏسي دهشت تاب

هڪل حيدر شاه جي قيمون ڪيو ڪباب

مجوسيءَ کي مات ڪري، سندو شاه شتاب

دلدل دهوڙي ديميين، گهمي جيئن گرداب

”تيرهيا“ بوتراب، آيو ۽ احسان ٿيو.

 

554.هڪل حيدرشاه جي ڪنبايا ڪفران

ديو دهوڙي دام سان، ماري مگ مستان

ڏسيو تاب ترار جو گوشي ڪن گهمسان

اوڏا اچن نه ان کي اڙد منجهه ايوان

ڀڳا وڃن ڀوءِ کان سرڪش سر گردان

’رستم‘ جي ’دستان‘، توءِ حاضر ٿين هٿ ٻڌي.

 

555.آيو اميرالمؤمنين، مُشڪل ڪُشا ميرُ

هادي حوض ڪوثر جو، ساقي شاه سڌير

لڏي ڪين لکن ۾ صنوبر شهتير

مِسِي جهڙي مَن کي، آوڙ ڪري اڪسير

نَظرُ بي نظيرُ، آهي علي شاه جو.

 

556.دشمن دزد ديوث، ناقص ويندو نانهه ئي

اهڙو نند نحوس، علي اعليٰ مارتون.

 

557.هلي جو حبيب ڏي، سوهاتڪ همت دار

پهرين رسي ديوث کي، ڪري خسارو خوار

تڙي تڪبر تڪرار، جنبي ڪڍي جان مان.

 

558.هلي جو حبيب ڏي، ٿئي سو حبيب

ماڻي محبوبن جو، مشاهدو مجيب

ڪري امامت عشق جي، عالي شان عجيب

نعرو هڻي نجيب، جڏهن چڙهي جنگ تي.

 

559.جڏهن چڙهي جنگ تي جهيڙي جو جهونجهار

’للِغازي اِحدي الُحسنين‘ مانجهي مردُ مَڻيارُ

پاڙي پنهنجي پرين سان ازل جو اقرارُ

مٿي اُن اعتبار، جنهن مشاهدو ماڻيو.

 

560.جنهن مشاهدو ماڻيو، سورهيه سو سلطان

محبت جي ميدان ۾، ڪڏائي ڪيڪان

پڙ ۾ پهلوان، هلي حملي سامهون.

 

561.هلي حملي سامهون، غزا تي غازي

دهشت وجهي ديميين، ڪري جانبازي

سورهيه سرفرازي، ڪوپو قلعي ڪوٽ ۾.

 

562.ڪوپو قلعي ڪوٽ ۾، جت ڪٽڪ ڪارونڀار

مانجهي مڙي ڪينڪي، ڏسي اُڙد اپار

وڄائي سر ويريين، زيرڪ ذولفقار

لاهي لک هزار، مٿا مردارن جا.

 

563.ڪوپو قلعي ڪوٽ ۾ کني سان کيلي

دٻائي دهنور کي، باغاتون ڀيلي

اندر رت ريلي، ڪوپو ڪفارن جا.

 

564.شيرُ شجاعت شاه، آيو منجهه ميدان جي

زبردست کي زير ڪيو ڪيهرَ ڪري ڪاه

حامي ٿيو آه، سّيد سرور سامهون.

 

565.آيو منجهه ميدان، علي شير الله جو

فَتحَ خيبر کي ڪيو ان سورهيه سرت سُجان

”نادِ عِليا مَظهر العجائب“ سمجهه ايءَ بيان

فائق منجهه فرقان، ساراهيو سيد کي.

داستان ٻيو

566.عالَم اَجهي تنهنجي، تون عالَم جي اوٽ

وڃين ويرين سامهون، قلعا ڀڃين ڪوٽ

سرڪش سڀ سَنگائيا توگُردان گرد گهوٽ

ديميون دهوڙيئي دام سان، چوڌر ڏيئي چوٽ

ڪر محّمد موٽ، آءٌ ته اوسيڙو لهي.

 

567.آءٌ ته اوسيڙو لهي، عاصين تان ارمان

تون سمون سرَ سڀن جو، سلطانين سلطان

تو جيئن اچي ڪونڪو، پڙ ۾ پهلوان

بحر بي پايان، سمونڊ تون سخاءِ جو.

 

568.آڳهه اجهو عاجزين، وسيلو ولهن

سُوٺا سَرڻين جا سهي، سائُو منجهه صفن

جت ڪيهر ڪين اچن، اُت پاٻوهيو پير کڻي.

 

569.مانجهي مڙي ڪينڪي، ڏسي دَلّ دلير

جت اچن ته اُڙادابيگيون، ات گهوڙا گهمائي شير

تن جو ٿئي واهرو جن تي وڏو وير

ڇَنو ڇَمَر ڇانَو جو، مٿس ڇٽ ڇُڳير

منجهه پاڳُوڙي پير، پائي پدمن سامهون.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org