55. رائي پير رتاس، لتاڙيندي لڪيون
ڏوري ڏيہ ڏٺاس، ساٿين جا، شريف چئي.
56. ڀنڀور آهي هار، هاڙهي هلنديُنِ کي
ڏورينديون، شريف چئي، پسن پنهونءَ پار
ڪيچ توڻي ڪوهيار، منجهه في الدارين ٻئي(1).
[1]
57. ڀنڀور آهي هس، هاڙهي هلندين کي
ڏورينديون، شريف چئي، پسن پنهونءَ گس
ٻانڀڻ لکيو جس، منجهه في الّدارين.
58. (وٺي هلي واٽ، ٻانڀڻ) ٻاروچن جي
ليڙن جي لڙاٽ، پيئي کِههَ اکين ۾.
59. ڏاڍي ٻنڌڻ ٻڌي ويا، هينئڙو هوتاڻي
وندر وڪاڻي، نالي نانءِ بلوچ جي.
60. مادر ماريس وير، اُٺن اوٺيئڙن جي
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، ڏاڍا هئڙا ڏير
قضا ڌاران ڪير، پٽن ڪري پنڌڙا.
61. ٻاروچا تو ري، ڏکيءَ ڏونگر ڏوريا
اچين جي اوري، ته ڳَر لڳي ڳالهيون ڪريان.
62. او کا ور وندر جا، جت ڀيڻيون ڀواريون
اُتي چڙهيو چاڙهيڪاڏي جت مرون وجهن ماريون
سڻي ضعيف جون زاريون، رهبر رسج راه ۾.
63. اوکا ور وندر جا، جت ڀولا بگهاڙيون
ڏاڍيون آهن ڏونگر جون لڪيون ۽ لاڙهيون
مارين ٿيون معذور کي چُنجن جون چاڙهيون
سي ڪيئن سک، شريف چئي، سورن جي ساڙيون
ڪٺل ڪيهاڙيون، رهبر رسج راه ۾.
64. اُهکا ور وندر جا، جت ڪاف ارڏا ڪوه
لڪي اُت لوڀون ڪري جت مرون مارين ڏوه
جا تڳي آهان جي توه، تنهن رهبر رسج راه ۾.
65. اُهکا ور وِندرَ جا، جت چيٽا، چٻون، چور
ڇَڏين ڪين ڇَپَرَ ۾ هيڪلين کي هور
آرياڻي اَتورَ، رهبر رسج راه ۾.
66. اُهکا وَرَ وِندرَ جا اڻانگا آڻگيل
مِروُن اُن مارڳَ تي کؤنسيو ٿا ڪن کيلِ
وڃي لَڪ لتاڙيو اُت اڪيلي آلبيلَ
ڪري سڏ ساٿينِ کي اَسُونهِين آويلَ
پُريو ڪري پيلَ، وِهي وِسامي ڪينيڪي.
67. اُهکا وَر وندر جا اڙانگا آهين
ڪيهر جت ڪر کڻيو، واسِنگ واجهائين
سڻيو دانهن درد جي لڇيو ليلائين
پيو پيرين پريٽ کي پُريو پهچائين
رهبر رسائين، پبادي نيو پيچري.
68. اُهکا ور وندر جا، جت لاڙهيون ۽ چاڙهيون
بيحد بيابان ۾ ڀولا بگهاڙيون
کيڙن مٿي ککريون ڪن چهٽيون چِهاڙيون
سورن جي ساڙيون، سي ڪيئن وهن سُک ٿي.
69. سي ڪيئن وهن سُک ٿي، اندر جن کي اُڃ
مٿي واٽ وندر جي، رائو ڏسجي رُڃَ
ساٿين ڌاران سُڃَ، برهمڻ کي بس ٿي.
70. برهمڻ کي بس ٿي، ري بلوچن بس
اچي واٽ وندر جي، ڏونگر مون کي ڏس
شُتراُن جا، شريف چئي، ويا گُنگا ڪهڙي گس؟
ليڙا لَميا لس، ڪهان تان ڪاڻ لهي.
71. ڪهان تان ڪاڻ لهي، ڪنهن پرڪيچڻ ساڻ
شترن جو، شريف چئي، پڇان پروڙي پرياڻ
مٿي لڪ ليڙڻ جو اڪثر هو اوٿاڻ
ووڙيندي وٿاڻ، سڃاتائين سنگهرين.
72. سڃاتائين سنگهرين، پنهونءَ جا پيرا
جتن ڪارڻ جوش ۾ جلايائين جيرا
ڏٺائين ڏونگر ۾ ساٿين جا سيرا
تازا پير پهاڻ تي مور نه ٿيا ميرا
ويرين ڪنهن ويرا، ور نيو وڻڪار ڏي.
73. تونگ تواري هليا، تکي ڪري تاڻ
. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
[2]
ٻاروچي جي ٻاڻ، رلائي روهن ۾.
74. تونگ تواري هليا، تکي ڪري تانگ
جيجان تن جتن جا، آهن ڏيہ اڻانگ
لَڪِيءَ لميا ڪانگ، مون ڀانيو اوٺي آيا.
75. تونگ تواري هليا، مون ڪري ويراڳي
جيجان تن جتن لئي جوڳڻ ٿيس جاڳي
جي هيس سڀاڳي، ستي نه ساٿ پلاڻيو.
76. رويو رتو روءِ، کڻيو پار پنهونءَ جا
جبل جهونگاري چوءِ، ڪاڏي ويو قافلو!
77. جبل جهونگاري، ساٿين لئي شريف چئي
چڙهيو ڏاڍي ڏونگرين ٻانڀڻ ٻاڪاري
رائي رئاري، رڻ ۾ روجهه رڃن جا.
78. پنڌ پڇي پاڻان، پنهونءَ جا پرديس ۾
ٻاروچاڻي ساٿ جا ڪيچ مڙوئي ٿاڻان
آئون ڇو ڄاڻان، ته آريچا ڪاڏي ويا!
79. ڪوڙيين اُڏايا ڪانگ، مون پنهنجي پرينءَ کي
ٻاروچاڻي ذات لئي برهه مڙهيم مانگ
ڪنهن سٽائي سانگ، پنهون پرڏيهي ڪيو.
80. لکيو هو اڳ، تيلان ٿي . . . . . . . . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . ڏي ڏيهاڻي
ڏونگرين.
81. ڪانگي لئي لات، پريان سندي ساٿ جي
پنهون وٺي پاڻ سان، اُٿيا آڌيءَ رات
پڄاڻا پرڀات، ليڙا لڪ لنگهي ويا.
82. ليڙا هئا لڪي، آءٌ به ڏورينديس لڪيءَ کي
ڪري ڪشالا ڪيچ جا، آيل آءٌ ٿڪي
هويس جي پکي، ته اُڏامي گڏيس هوت کي.
83. ڀنڀوران پري ويا، ليڙن لنگهي لس
پيئي ڪيچ وڻن تي، مَيَن سندي گُس
هئا آرياڻي اَوَس، پُوري ڪنهن پار ويا.
84. ساٿي ۽ سروان، آن ڪي ڏٺا لڪيون!
ماري مُون مهمان، پنهون وٺي ويا پاڻ سين.
85. سونهن ٿا سرواڻ، پنهونءَ سندي ساٿ سين
ڪٿ لاهيندا پلاڻ، آئين جو وڃو اوٺيا.
86. پنهون نيو پاڻ سين، ساجهر ساٿ سجهي
مادر مون کي ماريو ڏهلي ڏينهن ڏجهي
هاڻي هيئن ڪجي، روئجي رت ڀنڀور ۾.
87. ساجهر هليا ساٿ، آيل ٻاروچن جا
ويران وير ولات، پنهون تيائو پاڻ سين.
88. ساٿي ڏٺا جن، تني ڏونگر ڏوريا
ارٽ اولاڻيا تن، روئي رت ڀنڀور ۾.
89. پڙهيائون پڪڙ گوئي، حاضري درود هٿ ڪري
بنهون نيائون پاڻ سين، سڱ نه رکيائون ڪوئي
آءٌ براهمڻ ٻانڀڻان شهر جي، پوٿي پڙهيام روئي
ڏوه نه ڏيرن هوئي، مون ستي ساٿ پلاڻيو.
90. آءٌ نه جوڙ جتن جي، سڱ نه هين سيا
هو آريءَ جا ويا، آءٌ برهمڻ ڀنڀور جي.
91. جيڻو جتن کي ٿيو، برهمڻ ڏائو
ڏٺائين آريچن جو مٿي ڏونگر سهائو
ڪري ڪرم ڪيچي آئو، پيئي ٻاجهه ٻروچ کي.
92. جيڻو جتن کي ٿيو، ڏائو برهمڻ
ڪشالا ڪامڻ، اصل هئا انگ ۾.
93. لکيو هئڙو ايئن، انگ آريچن جو
تيلاه برهمڻ بر ۾ روئي راتو ڏينهن
هاڙهي هوتن سيئن، پورهيت ڪندي پنڌڙا.
94. لکيو انگ هئو، تيلانهين تنگون ڪري
ڏوهه نه ڏيرن جو، مون سان ارادي ايئن ڪيو.
95. لکيو هو لِکَ، انگ اصل آريچن جو
ٻاروچي جي سڪَ، ڏکي ڏورج ڏونگرين.
96. ٻاروچي سان جيئن، مون مُٺيءَ لائون لڌيون
پنهون وٺي ويا پاڻ سين، ڪرهل چاڙهي ڪيئن
وسائيندي مينهن، ڏوري ڀڻان ڏونگرين.
97. ٻاروچي سان جيئن، مون مٺيءَ لائون لڌيون
ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، رئان راتو ڏينهن
وسائيندي مينهن، ڏوري ڀڻان ڏونگرين.
98. روئدي آءٌ ڀڻان، آيل ٻاروچن لئي
هَي هَي ڪيو هڻان، مٿي اُتي هٿڙا.
99. آيل پٽيان اڄ، منهن مٿو هٿن سان
پنهون نيائون پاڻ سين، جتن آيو سنجهه
ڏيرن ڏنو نه منجهه، مون نماڻيءَ کي جيڏيون.
100. بيدي ڪري سڃ، پنهون نيائون پاڻ سين
جيجان تن جتن جي، اکين آهي اُڃ
رائي توڻي رڃ، سڪ پريان جي ساٿ جي.
وئي 1.
هوت ٻاروچان يار، دوست ڪوهيارا يار،
ڏوري آهيان لڪن ۾.
1. مون من موهيو جيڏيون، چانگي جي چَلڪار
2. چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، پڇي پنهل پار
3. لڪ سويرا لنگهيا، آريءَ جي آڌار
4. سڪ ساٿين جي شريف چئي، سسئي ڪيا سينگار
وائي 2.
هوت ٻاروچان يار، دوست ٻاروچا يار،
موٽي آءٌ ڀنڀور ۾.
1 پنهون وٺي پاڻ سان، ويڙا ڏي وڻڪار
2 ڇپر هوت پنهونءَ جي، جبل ۾ جهونگار
3 چڙهيو ڏونگر چوٽين، رويو پڇائي پار
4. جيجان تن جتن لئي، رئان زارو زار
5. تهان پوءِ، شريف چئي، بيڪاريان بيڪار
وائي 3.
ملڻ دي ڪر ڪا وائي، ويکڻ دي ڪر ڪا وائي،
روز شد رو راه ۾.
1. رفتنت بہ از خفتني است اَلا، زورد برو تو باز
بيائي
2. گفت مادر مرو ته اَلا، تيرا ڪو ٻاپ نه ڀائي
وائي 4.
ڪيچي ڪرم ڪريندا، وو ايندا، ڪيچي قرب ڪريندا،
مون کي تان نه ڇڏيندا ڇپرين.
پنهون پورهيت پانهنجي، سڳر هيءَ سڏيندا
ڪوٺي ڪنيزڪ کي، نالي سين نيندا
ساڻي ٿي سڃ ۾، ڏَ ڍُ ڏکيءَ کي ڏيندا
ساٿيڙا شريف چئي، وٺي هت ويندا
وائي 5.
آتڻ ۾ اڄ وو آيو، ڪيچين سندڙو قافلو.
اَچي آريچن سان، ڳري لڳي مون ڳالهايو
صورت ڏسي ساٿين، سڄ چنڊ شرمايو
پانڌي ڄام پنهونءَ جا، پيتانبر سينءَ پهرايو
کٽي موٽيا خير سان، شام جني هو سڌايو
مٿان سيڻن، شريف چئي، ماڻڪ منهن وسايو
وائي 6.
ساٿي هليا سوارا، وو جيڏيون! ڪرها ڪاهي ڪيچ ڏي.
اُٿيا آڌيءَ رات کي، الا اُن جا اُٺ اوارا
سُونهَنِ سونَ نڪيليون، موتين ساڻ مهارا
پسڻ ڪارڻ پنهون جي، زاريون ڪن زوارا
سنگهرن منجهه، شريف چئي، توڏن جي توارا
وائي 7.
ڪيچي ڪره قطاري، وو جيڏيون جيڪس رات جت ويا.
سرتيون ساٿيڙن کي، اَلا ٿڪيس ماڳ نهاري
ڪين ڏسان ٿي ڪيچ ڌڻي، اڱڻ منجهه اوتاري
نيڻن نِڪُون لائيون، ساڄن کي ساري
اکيون آريءَ ڄام لئي، جلن جر هاري
سڪ سيڻن جي، شريف چئي، کامن منجهه خماري
وائي 8.
[3]
موڏي توڏ اَي توڏا، آهينِ ڪين اوڏا
ٻڌم ڪين هٿن سان، گنگن جا گوڏا
وٺي ويٺيس ڪينڪي، مهرين ۾ موڏا
تنهن لاءِ سهان، شريف چئي، لڪن جا لوڏا
وائي 9.
ڇني سرتين سان سياڪو، هلي هاڙهي هوت ڏي
پيمانا پنهونءَ جي، سو تان چکيائين ڪو چئاڪو
چڙهي چُنجين چوٽين، توڻي ڏونگر ڪونهي ڏاڪو
برهمڻ بلوچ سين، اصلي هو الاڪو
ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، ڏي ويڙهين منجهه وراڪو
وائي 10[4]
هوت ٻاروچي جي نال، دوست ڪوهياري جي نال
منهنجڙي آهي ڳالهه
ڪري سڱ پنهونءَ سان، تان ڪين پاڻ سنڀال
موهيس محبوبن جي، ميان الا! چانگي سندڙي چال
تان ڪي ڏورج ڏونگرين، هاڙهو پنڌ محال
ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، وندر منجهه وڻرال
وائي 11.
هوتن ٻاجهئون ميان، دوستن ٻاجهئون ميان
اکيون نماڻيون نهين رهنديون
ڪارڻ ڪوهيارل جي، رائي مان رهيون راتڙيون
پنهل نيائون پاڻ سان، دلبر ماري ڪاتڙيون
ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، جبل پائيان جهاتڙيون
وائي 12.
پيچ پنهل سان مون پاتو، ڀلو جيڏيون!
عزم ڪنديس اوڏهين، ميان اَلا! آهيم ڪونه اِحاطو
اچيو اچيو آري ڄام جون، خبرون ڏيم کيانتو
ساڄن هئڙو ساٿ سان، سرتيون آن سڃاتو
ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، پڇنديس ڪيچ قلاتو
وائي 13.
ساٿ سلامت ايندو، هوت سلامت ايندو
ٻاروچي جو ڀنڀور مان، ڪوهياري جو ڪيچ مان
ڏاڍا پاهڻ پٽيون، واڳ وٺي شال ويندو
پوندي ٻاجهه ٻروچ کي، نينهن نڀائي نيندو
آڙيا اوليا عاجزا، ڇورا تان نه ڇڏيندو
دانهن داڙو، شريف چئي، محشر منجهه ٿيندو
وائي 14.
آءٌ ڪين ڄاڻان هيئن، هئي هئي ته ڪي هوت هلندا هيئن
ڪنديس آهه عشق جي، سندي محشر ڏينهن
پير پڇنديس پرينءَ جو، مادر موت سيئن
ساه پريان تان صدقو، سِرُ چوٽيءَ سيئن
ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، مٿي وسايم مينهن
حسيني
101. ور نئو وڻڪار ڏي، جتن ڪري زور
درد دوست پنهونءَ جو، هو هنين تي هور
ايندو چڙهي اُٺ تي آري ڄام اتور
ڀينر هاڻ ڀنڀور، سرهو ڪندو ساٿ سان
102. سرهو ڪندو ساٿ سان، واسي سڀ وڻڪار
اچي چڙهيو اُٺ تي، سڃاڻُو سوار
مٿي تي محبوب جي، ڪڪر ميگهه ملهار
اِجهو آتڻ وچ ۾، آيو اکين ٺار
سرتيون ڪرهو، شريف چئي، جانب لئي جنسار
ڀري کٿوريءَ بار، ڪانڌ ڪوهيارو آيو.
103. ڪانڌ ڪوهيارو آئيو، ڪيچ ڌڻي ڪامل
سدا سرواڻن سان، ساٿي هو شامل
اڄ ڏسو عامل، دوست مٿي در آه سو
[5].
104. دوست مٿي در آهه سو، قاصد ڪوهيارو
کڻي خط خوشيءَ مان، آندائين اظهارو
پنهل پاڳارو، پري ٿيو ته پهائيان.
105. پري ٿيو ته پهائيان، پيرين پئي پرين
صدقو ڪريان ساه کي، نذر وٽ نيڻن
نائي ڪنڌ نياز سان، ڪريان عرض عجيبن
ساٿي سرها سڀين پَرين، سرواڻ سندا شترن
کِين تو، کِين ڪيچ ڏي، کين وندرجي وڻن
کين اُٺين، کين اوٺيين، کين سودي سندي تن
سرتيون سئائين ڪن، سرهائي شاديءَ جي.
|