روندو رت وڃي، ڀنڀورُ برهمڻ کي
ڀيريوئي ڀڃي، پاڻ مٿي پاهڻين.
روندو ويو رت، ڀنڀور برهمڻ کي
ڪڙهي ٿيو ڪرگهٽ، آتڻ پٽيو سرتيون!
روندو آءٌ ڀڻان، آيل ٻاروچن لئي
هي هي ڪيو هڻان، مٿي اُتي هٿڙا.
روئي رات رتام، ڪوڏ ڪوهياري ڪپڙا
ڪيچن ڪاڻ ڪيام، پنڌ اڻانگا پٻ جا.
مَ ڪي روءِ، م رڙ ڪي، مڪو ڪر ڪاڙهو
پنهونءَ تو پاڙو، مُٺي مٽي ڇڏيو
[1].
روئي جي ڄاڻن، سي مَرُکڻن پار پنهونءَ جا
تن جا سيڻ اچن، سلامت شريف چئي.
روئي جي ڄاتو ۾، ته کنيم پار پنهونءَ جا
ڇپر ڇهه ڇنو ۾، ڏونگر ڏوراپن سان.
وائي 38.
توکي ساٿ سلام، هوت سلام، ڪامڻ چيا ڪيچيين
ڀنڀوران ٻهر ٿي، ڪرهن هنيائون ڪام
وٺي واڳ پنهونءَ جي، ويا وٽ آريءَ جامَ
لمندا ڏٺم جيڏيون، مٿي لڪن لامَ
مادر موهي آهيان، ٻاروچائي نامَ
پُرِي پهتا پاڻ ۾، شاه گڏيا منجهه شامَ
سيڻن ڪيا، شريف چئي، اچڻ جا انجامَ
وائي 39.
زاريون ڪري ذليل، رويو روز راه ۾
متان مٽيين مورهين، آري ڄام اصيل
اجها سندا عاجزين، ورج ويڙهه وسيل
مات ڪيائين مرض کي، ڇڏيائين زليل
ڪيائين نوم نفاق جي، اِلاّ قدر قليل
”وَ آنَّ سَعيَہُ سَوفَ يُريٰ“ پُري مثل پِيل
ساٿين ميڙ، شريف چئي، خوبيءَ ساڻ خليل
وائي 40.
آءٌ جا نالِ وَتندِي، لو! لڳڙي پير پنهونءَ جي
1. ڪري ڪشالا ڪيچ جا، هاڙهي هوت پڇندي، لو!
2. چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، وندر وڙول وجهندي، لو!
3. ساٿين جا، شريف چئي، ڏوري ڏيہَ ڏسندي، لو!
وائي 41.
ساٿيا جهليجا، پانڌيا جهليجا، پنهل ساڻ مَ نيجا!
جانڪيتان ڀنڀور ۾، سڱ منهينجو ڪريجا
پرين پورهيت پانهنجي، ڇپر تان مَ ڇڏيجا
وائي 42.
ٻاروچا ٻاجهه ڪرين، نِين نماڻي پاڻ سان، آلو
هنيڙي مٿي هٿڙا، دلئون دوست ڌرين
ساه ان تان صدقو، پرين جي پير ڀرين
پنهل پورهيت پانهنجي، ڇپر ڪيم ڇڏين
ڪري ياد زفانَ کي، ڪيچي مانَ ڪوٺين
وائي 43.
هتان لنگهيو ساٿ، لنگهيو ساٿ،
آري ڄام پنهون جو
آريچا اُٺن تي، هليا ويا هَئي رات
2. آءٌ ڏورينديس ڏونگرين، آهي مون پهات
وائي 44.
ترس نه پيو تن کي، ماريائون معذور کي
ڏير ڏاڍا ڪيائون ڏاڍائي
مون لئي مدي من ۾ هئي اُٺن اوٺين کي
آڌيءَ رات رمي رهيا، چوري چانگن کي
ڪُهي ڪميني هليا، ڪهل نه ڪيچن کي
وائي 45.
ڪڏهن ٿيندو مون ميڙو، آيل وو! جيجل جَتانِ سان
1. آن ڪو ڏٺو جيڏيون، هو تاڻين جو ديرو
وائي 46.
سنجهي ٿي ساٿ اولاڻيو، سنجهي ٿي ساٿ پلاڻيو
ساجهر سهرا اُٺن تي، جهولاوڻ جهولاوڻ جهولاڻيو
وائي 47.
ڪيچاين کي چئو، واري ڀنڀور وسايو
مونکي ڪي نيندا پاڻ سان
ايرِ م هو تاڻِي سهرا ساٿ سيرا سئو
وائي 48.
جتن ڇڏيو زور، ڀِڙُ ٿيو ڀنڀور، ڦٽي ويو ڀنڀور
وائي 49.
ڪيچ وو ڪيچاين، در ڀنڀور ديراسيو
پنهل چاڙهي اُٺ تي، آندڙو آريچن، وري سو وَن
سِڌاريو
ڪوهياري
226. ڏونگر ڏکاريءَ سان، تان ڪي وِره وٽ
وڃي چڙهندي چوٽيين، ڪريو سر جي سٽ
ڄلي ڄام وڃايو، ڄام پنهون لئي ڄٽ
”لا يُڪَلفُ اللهُ نَفساَ اِلاَّ وُسعَها“ ڪانه
ڪيائين گهٽ
پٽيون مَيائين پٽ، هلندي هاڙهي سامهين
227. ڏونگر ڏکوئيءَ سان ڪر همراهي هاڻ
ساٿي هليا، شريف چئي، سنجهي ڪيائون سانجهاڻ
زورو ڪري جت ويا، ڪين پنهون ويو پاڻ
ڪنهن پر لاهيان ڪاڻ، هلي هاڙهي سامهين!
228. ڏونگر ڏکوئيءَ سان، سورن جو سامان
پڙهيائين پنهونءَ کان، سندو بره بيان
نينهن نبيري ڪينڪي، ڪيو نار نڌان
ڪري پنڌ پهاڙ تي، ٿي توڏن لئي تابان
آرياڻي اڳوان، رهبر گڏيس راه ۾.
229. رهبر گڏيس راه ۾، ساٿين جو سردار
جڏهن برهمڻ ڀنڀور کان ڀڄي ٿي بيزار
ڪيچيءَ ڪوهيارل تي باري آهي بار
اڻ سونهينءَ اظهار، ڪهندي ڏٺو قافلو.
230. ڪهندي ڏٺائين قافلو، ويندو مٿي واٽ
ڏوران ڏسجي ڏونگر ۾ ليڙن جي لڙاٽ
ڳوڙهن ڀريو ڳاٽ، پڇي پير پنهونءَ جا.
231. پڇي پير پنهونءَ جا، رمي مٿي رند
ڏوريندي ۾ ڏونگرين، ساڻا ٿيس سنڌ
پيرين ڪري پنڌ، ستي سنگهر پٽيين.
232. پڇيو پير پنهونءَ جا، رمي منجهه رائي
وٺيو واٽ وندر جي، ور لئي واجهائي
مٿي اتي ميگهه جيئن، واري وسائي
ڪيو مام مرن سان ٻهون ٻاڏائي
گنجاگس لائي، ڪرها هڏ نه ڪڻڪيا.
233. ڪرها هڏ نه ڪڻڪيا، گُنگَن لايو گس
شترن ڪيو، شريف چئي، ويڙ وڃڻ سان وس
رميا ڪري رسُ، ٿيا روانا راه ۾.
334. ڪرها هڏ نه ڪڻڪيا، ڪُٺا ڪَٽُ ڪنواٽ
آهم اُن اُٺن جي اکين منجهه اُساٽ
ساٿين جي، شريف چئي، وندر پڇنديس واٽ
جتن ڏسان جاٽ، سندا ڪيچين قافلا.
235. مٿي لڪن لام، لمندا ڏٺم جيڏيون
ٻاروچاڻي نام، مادر موهي آهيان.
236. مٿان لڪ لڙي، ڏٺم پير پنهونءَ جو
اديون آريچن سان، پئم انگ اڙي
ٻاروچل ٻڙي، وساريان نه وسري.
237. آيل ٻاروچا، وري وندر آئيا
اگهيا اوجاڳا، ڪميڻيءَ جا ڪيچ ۾
238. مان جيئن ٻاروچا، جيڪر ڏٺان جيڏيون
لاهي لاڳاپا، هليون هوند ڀنڀور مان.
239. مان جيئن ٻاروچا، جيڪر ڏٺان جيڏيون
مون کي چيان هل، پاڻ ڇيران وڌان ڇپرين.
240. مون جئين ٻاروچو، جي هُند ڏٺان جيڏيون
ڏنان اکين اوجاڳو، ستيون ڪين، شريف چئي.
241. بُري هن ڀنڀور ۾، وهڻ نه جڳاءِ
هوت ٻاروچي لاءِ، ڏکي ڏورج ڏونگرين.
242. مٿو پٽي منهن، ڏير ڏوريم ڏونگرين
ڏوٿين ڏيئي سنهن، پڇيم پار پنهونءَ جا.
243. آن ڪي ڏٺا سي، جني مون کي ماريو
سڪ ساٿين جي، ڏوري ڀڻان ڏونگرين.
244. آن ڪي ڏٺا هونِ، الله ڪارڻ ڳالهه ڪريو
نيڻ منهنيجا رُونِ، راتو ڏينهان اُن کي.
245. آن ڪي ڏٺا ڪال، جني مون کي ماريو
اُٺن اوٺيڙن کي، پيرين هئڙا نال
ڏونگرين ڏورڻ ڏاکڙو، هاڙهو آهه محال
مون کي ملندا شال، دعا ڪريجا جيڏيون.
246. آن ڪا اڄ ڏٺي، هبش هوتاڻين جي
هاڙهي پڇنديس هٽي، ٿينديس سوداگر ساٿ لئي.
247. آن ڪي ڏٺا ڪال، جني مونکي ماريو
جتن جي جمال، ڏوري ڀڻان ڏونگريرن.
248. روئي رات رتام، ڪو ڏڪوهياري ڪپڙا
ڪيچين ڪاڻ ڪيام، پنڌ اڻانگا پٻ جا.
249. آريچا اڳي ويا، ڪامڻ ڪوه ڪري
سسئي ٻاروچن ري اوري ڪين وري
پُوري پنڌ پري، ڏوري مرندي ڏونگرين
250. اوڀر اُلٿي سيئن، پير نه ڇڏيان پرينءَ جو
نالو ڳنهي نينهن، چڙهنديس ڏاڍي ڏونگرين.
251. مون من ڪا مراد، آيل ٻاروچن سين
ڳچيءَ پائي پاند، روئي رهائينديس هوت کي.
252. ڪين ڪُهي قربان ڪج لالن جو لبيس
وِره ڪري ويس، هلج هاڙهي هوت ڏي.
253. لوءَ ۾ لُڏي، لاڏلي، وندر پايو وک
ٻاروچي جي سڪ، پهڻ ڀانئي پالڪيون.
254. لوءَ ۾ لڏي لاڏلي، وندر پايو ور
گهوريا هي جي گهَر، ساٿين ري، شريف چئي.
255. نِنڌي جيئن نَهِي ڪري، کنيو بوتن بار
ڪيچين ساڻ قرار، قول نماڻيءَ جيڏيون
256. وري ور ڪجاه، ڪميڻيءَ تي ڪيچيا!
هيڪر اچيجاه، ٿورو لائي ٿڪيءَ کي.
257. ڇوريءَ لايو نينهن، ٻانڀڻ ٻاروچن سان
مٿان ڳلن مينهن، روئي رت ريلا ڪيو.
258. ڇوريءَ لايو نيهن، ٻانڀڻ ٻاروچن سان
روئڻ راتو ڏينهن، وهڻ واٽڙين تي.
259. ڇوري ندوري، اصل ڄائي ڄم جي
ور تنهن ويچاريءَ جو، چاڙهي ويا چوري
هيڻيءَ سان هوري، جيڏي جا جتن ڪِي.
260. ڇوريءَ ڏنو منجهه، ٻانڀڻ ٻاروچن کي
مٿان ڳلن هنجهه، ڪين لاهيندي ڪڏهين.
261. ڪره قطاري، ڪيچي هليا ڪُهقاف ڏي
سسئيءَ اوساري، پسندي ڄام پنهونءَ کي
262. لڪ پڻ ليلاڻا، پسندي ڄام پنهونءَ کي
سسئي ٻاروچن جا، پنڌ پڇي پاڻا
رائي ريجهاڻا، آريچا احسان سان.
263. ڀينر هن ڀنڀور ۾، ڏسو جيئن ٿيو
پنهون منهنجو پاڻ سان، ڪيچين قاف نيو
نينهن نڀائڻ پيو، ساٿين ساڻ، شريف چئي.
264. ”بُرو فازا بِرو گِريہُ“، ٻانڀڻ روئي جيڏيون
”تُنجِينا بِهاّ مِن جَمِيع الاَهوالِ
وَالحَاجَاتَ“ ور وَناهي ويہُ
ڏوري ڇپر ڇيہ، ڪج منزل بِدارهِ، شريف چئي.
265. ”بُرو فازا فردا روان“ ڪي وائي گموشي
چيائين هوت پنهونءَ کي، مُئي گَناگَرِ تَفنِ
تَغلِيمانِ فِئَدا فراموشي
266. جي ڄاڻان الاّ ماشاءَ، ته رات سمهان ڪينڪي
”وَفتِغاها واشِزان“ گهوري ننڊ نفاقا
تيلاه اوجاڳا، بر سر آيا مون، شريف چئي.
267. ”نِشتگان نيست“ آءُ ڪا وهان جيڏيون
[2]
”گِيارا گالِ واراپنان“ سندي ويس
وڃي ٻاروچي ديس، داهيندياس شريف چئي.
168. ”زَرا وان ظهير، رَوئي رَوَد“ شريف چئي
پڇي هوت پنهونءَ جو، ورِ وَناهيل وير
ميلِگَہ مٿان هلي مير، ”دوردَ گانتي ونازلها“.
169. ميلوان مُلڪَہ، جهُنِڪَ روئي“، شريف چئي
چڙهي ڪوهان الجبل، ڊوهيان ڏيندي ڊه
حامي ملاقات ٿي مٿس آه مدره
صُندُ وقا شَهرِ سُندُورارَه، ستي سنگهر پٽيين.
170. ”دُئڪادَ هلَوَ“ شتر هونگاريائين، شريف چئي
”ايذا ڪ ايذا“ ٿي چيائين ٻاروچي ”هَلوَ“
”ٿَئِي گفت آه مٿي عروَ“
[3]، آءٌ مَنا گَہ
ٿيندياس جيڏيون.
171. ”بَيضِ دَران دَري مَہ ديرِ گَہ“ آهي مون
شريف چئي
”زُودبِيَہ زنده زَه، ٿَئي گُنا مير مَشِيہ“
”گِئي مان آهي مُن گامَہ، گِر يوتَہ“ رئان جيڏيون[4].
272. مئگان مٿي منباران، اُٺ هئتي، شريف چئي
سسي پڇي محلق شهر جو، جتي راڄ هزاران
پنهونءَ آئي ڀنڀوران، ڪرهن قطارون ڪيون.
273. ”حُدا ناءِ منا دعا گان، راست“ چئجا هون
جيڏيون
وڃي پِيل دَران، ملنگي ٿيا، شريف چئي.
274. ”بُوشتِ مناغئي ديزغان شذه“
وجهندياس جو ڳ جبل تي، ڏاڍي ڪندياس ڪہ
آئين دعا ڪريجو جيڏيون مون ميليندو آلہ
رَوين ٿيندياس رَه، مُن گوَ ڏارا آهن، شريف چئي.
275. ”زَنبُوشِي زَنبُڪ زَراند“، چيائين ”نندوي“
”مَلڪ المئلا ڪُل هَلوي، جندو جواند“
روين ٿيندياس رواند، مون کي جهلي ڪام، شريف چئي.
276. ”النوم النومَ“ ننڊ ڦٽي ڪر، ڪاري رات ڪهيل
توکي ملندا، شريف چئي، وَناهيَل ير وسيل
جن مٿي زيِلازيِل، سي دُره گڏبئي شادڪي.
277. ”آف ايشان بيا“، ملصراط سوزده، شريف چئي
”درد ڪس را ڪس نداند، من زَرتِ زراما“
”ليوارِ ياءِ ليوِ مَن زيرَتِ“ مهاريائين مهار ۾
سَرين بِينا
نَڪ بِين سين ٿي سيوِيائين سيوِ ايوارا
وڃو مَ ايوا، مُون دَرڪش آهي، شريف چئي.
278. ”بُرو باز برفتہ، رَوَد روز بروز“
روشُ ما، شريف چئي، شبا شبِ شبِ روز
ايشانها امروز، ڪرد منزل ڪوهها.
279. ”ڪرد منزل ڪوهها، نشست آن را نيس“
فردا فازا فينما زن بيا زوديس
جبل جاسُوسيس، پراگنده پيس تان.
280. پرا گنده پيش تان، شتربان شاهي
پسُ پيش نگهداردان راستان راهي
خواهد دلخواهي، چندان بارِ برَوَم.
281. چندان بار بروم، بروي برپائيس
نيز رسيدند اورا ڪسي ڪاروان نيس
سسئي ساربان نيس، خواهد ديدم دوست را.
282. خواهد ديدم دوست را، چرا چنين گفتم
گريه ڪرده، شريف چئي، درين ره رفتم
در بيابان نشستم، از تشنگي ديدار تو.
283. ”از تشنگي ديدار لُو، گِرَيد بيشمار
بِپُرسِ حالِ اُورا، اَزو بار و بار
درين جا درڪار، نيست آنرا جُز رُخي.
284. گرفتم بستم بلوچ کي، بيحد بنديائون
رَوَم رفتم راه ۾، قصدآ ڪاهيائون
زدم ڪشتم زن را، مَئي ماريائون
گفتم ڪردم ڪارها، چڙهندي چيائون
ڪرهو ڪاهيائون، وڃي ڪيچ قراريا.
”از خواب خمار بيدار شد“ جاڳي تان جت ناه
”جز تاريڪي بيمار را“ اچي ڪين نگاه
ڀانئي
ڏسان باه، هاڻي هن ڀنڀور کي.
اُجهي ٿا ڏسجن، پکا ڄام پنهونءَ جا
اَڏيا ٻاروچن، واري ويڙ هٿن سان.
توکي پڇان ڏس، ڏونگر ٻاروچن جو
وينديس ورنديس ڪينڪي، ڪنديس واڪو وس
مون ڏيکارج گس، هاڙي جي هوتن جو.
توکي آهي ڏک، ڪو ڏونگر ٻاروچن جو!
منهنجو ڀڃي سک، ڏير ڏوراڻا هليا.
ڏونگر نوتي ڏک، منهنجو آهي ڪونڪو
پئو تان نه پَريُٽِ جو، پنهونءَ مٿي پُکُ
سنجهِي ڪِئُمَ سُکُ، وهاڻِيءَ ٿي وِجهُلان.
ڏونگر توتي ڏوه، منهنجو آهي ڪونڪو
پنهونءَ نئو پاڻ سان، ڊوهن ڪري ڊوه
سنجهي ڪِئُم ستوهُ، وهاڻيءَ ٿي وِجهُلان.
ڏونگر توتي ڏوٺُ، منهنجو آهي ڪونڪو
آهين تون اڻوٺُ، سِڪَڻُ سِکيين ڪينڪي.
ڏونگر ڏک آهي، مٿيئي هن معذور جو
مَيا ڪالهه مٿان تو، ڪيچي يا ڪاهي
روه نه جهليئي راهي، ساٿيئڙا شريف چئي.
جبل جاڙ ڪِياءِ، جهليوءِ ڪين جتن کي
وٺي ور ويچاريءَ جو ويا ميا ڪالهه مٿاءِ
جي هوند جٽاياءِ، ته اچي رسيس راه ۾.
ڪهڙو ويهي ڪريان، حجر تو سان حال
تنهنجو ڀورو نه ڀُري، مون پاڻ ڪيو پئمال
سندو جت جمال، قاف نه ڏٺوءِ ڪڏهن.
قاف نه ڏٺوءِ ڪڏهين، عشق جو ايوان
پيتوءِ ڪونه پريت جو، پنهونءَ هٿان پيمان
اَسارو افسانُ، ٻيٺو آهين بر ۾.
قاف ٿيان قربان، ساٿين سبب تو مٿان
گؤنرن جو گذران، هردم ”حِرا“ وٽ ۾.
هردم حِرا وٽ ۾، گؤنرا گهَن گوڏا
حجر چميو هيج سان، تازا ٿين توڏا
اُپڙن ٿا عرفات ڏي، رند چڙهيو روڏا
صفا مروه ماريو، اڪثر رهن اوڏا
منزل ڪن موڏا، مِينا جي مڪان ۾.
وائي 50.
هاڙهي هلندي مان، هلندي مان، پڇندي مان پير
پنهونءَ جو
جيجان تن جتن ري، جڏارئي جيان
مون هاريءَ هوت وڃايو، ٻين گهر ويهان
ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، راتو ڏينهن رئان
وائي 51.
هاڙهي هونِ نه هونِ، اَلو ميان الو!
ڏوري ٿينديس ڏونگرين.
نيڻ منهنجا اُن کي، راتو ڏينهان رُونِ
آتڻ مونکي سرتيون، چري سڀيئي چُونِ
ساٿين جا، شريف چئي، پڙها پراهان پُونِ
وائي 52.
مون کي لڳو گهاءُ، وو! مون کي لڳو گهاءُ وو !
ٻڙي جيڏيون! جنهن پر جت پنهونءَ جو.
سڌ نه آن کي سرتيون، سڪ نه آيان ساءُ
آوان ناهي اَديون، جو ڪٺل کي ڪهڪاءُ
جني کي ڏکي ڏيل ۾، تن کي سور سماءُ
عشق آريءَ ڄام جي، سڪ سِجهايم ساه
ساڄن جي، شريف چئي، محبت ماريس ماءُ
وائي 53.
مون کي ڪاَم جهلي، مون کي ڪامَ پلي، وو ٻڙي
جيڏيون!
مون هلڻ آهي هوت ڏي.
عشق آري ڄام جو برِه آهي بلي
ساريو سپرين کي جيءُ منهنجو جلي
پوندي ٻاجهه ٻروچ کي، ڪرهل مانَ جهلي
وينديس ورنديس ڪينڪي، پورينديس پري
وائي 54.
پنهل سندڙا ڪيچ، ڪيچيءَ سندڙا ڪيچ،
وري آءٌ هوت بلوچ، وري آءُ ميان خان بلوچ
هليس ٻانڀڻا شهر مان، ساري سئي آهيان لوڪ
ٻڌا ٻاروچن کي ڳچيءَ سونهن طوق
اديون آريچن جي مون کي لڳڙي نوڪ
دعا ڪجاه، شريف چئي، ڏسنديس وڃي جهوڪ
|