سر آسا
داستان پهريون
1087. آسا آساري، مون گذاريا ڏينهڙا
مون کي وساري، شال مَ وڃن سپرين.
1088. ڪجي آس الله جي، آسا آهي آس
سي م ڪر نراس، جن تنهينجو آسرو.
1089. آساتڙيءَ آس، مون گذاريا ڏينهڙا
مون کي آهه اُداس، روحان روح، شريف چئي.
1090. هادي آهي حق، رءَ هاديءَ حق ناهه ڪي
لاٿائين سڀ شڪ، نظر ساڻ شريف چئي.
1091. هادي آهي حال، ري هاديءَ ناهي حال ڪو
ڪيو جن ڪمال، سي پيا حيرت هوءِ ۾.
1092. پيا حيرت هوءِ ۾، پوريائون پري
”مُوتُوا قَبلَ ان تَمُوتُوا“ ٿيا ڌيان ڌري
جتان ڪونه وري، اتانهين ٿي آئيا.
1093. وسهه ساڻ ويساه، ويندا رهندا ڪينڪي
اکڙيون صلاح، اورڻ عجيبن سان.
1094. وسهه ويساهي، ويندا رهندا ڪينڪي
اوسيڙو لاهي، جِمَ سمهين، شريف چئي.
1095. وسهه وساري، ويندا رهندا ڪينڪي
هت گهڙي نه گهاري، جيءُ منهنجو جن ري.
1096. وسهه ساڻ وصال، مون گذاريا ڏينهڙا
هاڻي رِءَ ڪمال، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.
1097. ديکي آءٌ ديدار، هنيڙا حبيبن جو
اکين ٿئي قرار، توکي پسڻ پرينءَ جو.
1098. ويٺائي وِهُسَنِ، هادي هدايت ۾
هٿ، ڪرايون، آڱريون، مون ٿا ٻرن
1099. ”فَاَ ينَما تولّوا فَثَمّ وَجہُ للهِ“ نظر
اکڙين
نايو نيڻ پسن، ”سُبحانَ رَبَّي الاَعليٰ“.
1100. اکيون اندر آب، پائي پسڻ پرين جو
”اَلَستُ بِرَبّڪُم قالوابليٰ“ ڪيو روح جواب
گُنبذ ۾ اسبابُ، هو صورت انسان جي.
1101. گنگي ۽ گنگاٽ، سپيريان جي ڳالهڙي
سي پڻ مٿي واٽ، ورسي جن وره ٿيا.
1102. ڀون ڀڻڪو نه سڻي، وڻين لڳي نه واءُ
سپريان جي ڳالهڙي، سانڍج اندر ساه
لڪائي لوڪاءَ، پاڙيون ڪج پاڻ ۾.
1103. ڀون ڀڻڪو نه سڻي، وڻين لڳي نه وائي
سپيريان جي ڳالهڙي، سانڍ اندر سائي
ڳجهو ڳالهائي، پريت وٽجي پاڻ ۾.
1104. ڪَرَمُ ڪري سان ٿيو، سر مسحي ساڻ
آهي ايءُ اهڃاڻ، هوءَ حبيب هٿ ۾.
1105. ڪرم ڪري سان ٿيو، منجهه سفر صابرن
”نَبَاَةُ الوُضُوءِ بِبَرڪَةِ“ اُتي آب گهرن
اُڃايا پين، عاشق جي الله جا.
وائي 105.
آيس تو ڳري، پرين پير ڀري
اي ميان هوت! آيس تو ڳري
1.
پاڻي آيس پاند ۾، اوڳڻ عيب ڪري
2.
توکي سَريِ سپرين، اسان تان نه وسري
داستان ٻيو
1106. سمهڻ آهي سڪ، عين عاشقن جو
”وَهُوَ مَعَڪُم اَينَمَا ڪُنتُم“ تن ۾ تني لڪ
ساه تيڏانهين ڇڪ، روح جيڏانهين آئيو.
1107. سڪ سمهي ڪينڪي، نڪو ڪري سک
ڏوري ڏسي ڏک، جتي پير پرينءَ جو.
1108. ڳالهه ڳارانجهو عشق جو، مون کي آهي ماءُ
سپيريان جي ساءَ، ويٺي اور اوريان.
1109.ڳالهه ڳارانجهو عشق جو، مون کي آه محبت
سپيريان جي سٿ، ويٺي اور اوريان.
1110. عشق صورت لا صورت، طلب طالبن جي
ڪٿ ظاهر ظهور ٿئي، ڪٿ مخفي ۾ مورت
اعليٰ اشارت، ڪو پروجهي ڪٿهين.
1111. ڪير پروجهي ڳالهڙي، سندي سپيرينِ
واقف جي وصال جا، سيئي نه سمجهن
سوجهي عاشقن، صحيح ڪِي، شريف چئي.
1112. ڳالهڙين ڳاري، مادر مون کي موهيو
ورونهڻِ واري، جڏو جيءُ اڙائيو.
1113. ڏک ٻري سک ٿيو، ٿيو ورونهڻِ واه
هيڪ ئي هيڪ الله، عاشقن جي عشق ۾.
1114. من موتيءَ جيئن مَهاريو، وينجهارن ونڌي
ڪيائون سوراخ، شريف چئي، سيرائيءَ سان سنڌي
رُويت ٿي رَندي، وچ مراڙيءَ محبت جي.
1115. وچ مراڙيءَ محبت جي، عشق وڌو تورو
وڍيو سر، شريف چئي، گهوٽ ٿئي گهورو
درد جو دورو، ماري اُڀو هٿن سان.
1116. ذاتي صفت روح جي، روحي عاشقن
مُنهن مراقبو جن، پسڻ تني پاڻ ۾.
1117. ذاتي صفت روح جي، روحي آهي راه
سي پروجهن الله، جني منهن مراقبو.
1118. جني منهن مراقبو، پرين سي پسن
ڏوري اُت ڏسن، جت ’آه نه ناهه‘ ڪا.
1119. پاڪايان پاڪ ٿيو، پاڪيءَ ڪيو پاڪِي
لٿي جن طاقي، تني منهن مشاهدو ٿيو.
1120. پاڪايان پاڪ ٿيو، هو پاڪايان پاڪ
لٿو جني طاق، تني منهن مشاهدو.
1121. اڇايان اڇو گهڻو، سفيديءَ کان صاف
اُڃ بک پاڻي آفُ، ايءُ سڀ پسڻ پرينءَ جو.
1123. پسڻ کان پري ٿيو، آهي بي شمار
همہ سان همہ ٿئي، ڪري ڪين قرار
ديکيين جي ديدار، شرف ساڻ، شريف چئي.
1124. هو نه آهي هن ري، هيءُ نه هنيان ڌار
سي پروجهن پچار، جن کي سڌ، شريف چئي.
1125. جتان ڪي پيئن، اتان پيتوء ڪينڪي
ڀورا ساڻ سچن، ٿو گهٽين ڳالهڙيين پوئِين.
1125. جتان پيئن نيش، اتان پيتوءِ ڪينڪي
اُنهين کي هميش، آگم اکڙين ۾.
وائي 106.
پِريَن پاڻِ پرين پاڻ، مون کي ڪا سڻائي ڳالهه هن
ڀت هيءَ هاڻ
1.
ڪٿهين ڏسجي ڪانڪا، اهڙي ريجهه رهاڻ
2.
سڱ سڃاتم ڪينڪي، اصل هيس اڄاڻ
3.
ڪڏهن پئي ڪا م ڪا، قادر! ساڻن ڪاڻ
4.
سدائين شريف چئي، تن تيڏانهين تاڻ
سر مارئي
داستان پهريون
1126. هادي ٿي هليج، سونهاري ساڻيہ ڏي
نيئي نباهيج، ملڪ ماروئڙن جي.
1127. هادي ٿي هل، سونهاري ساڻيہ ڏي
آءٌ جا چئين ڳالهڙي، سا مَ ڪنهن کي سَلُ
گهڙي گهارڻ ناهه ڪا، مارن ڌاران پَلُ
ويڙ ٿيان واصل، پيرون چونڊي پرينءَ سان.
1128. آڻي آڏ اڏيائون، وينگس ولهارن ۾
مارن ويندي جيڏيين، هيرا ڏيئي آئون
سهسين سکائون، مون من ماڙيچن سان.
1129. مون من ماڙيچن ڏي، هنيڙي آه اڪير
سانڀي ساريم، شريف چئي، سندا ڀائر پير
زيريون لاهه زنجير، پرچ پنوهارن سين.
1130. تنهين کُڻِ کڻي ويا، جت ڀِٽون ۽ ڀاڳ
سدائين، شريف چئي، سونهن مارن ماڳ
اوسيڙي اجهاڳ، ويٺي ڳوڙها ڳاڙيان.
1131. تنهين کڻ کڻي ويا، ڍاٽي پاسي ڍٽ
سدائين، شريف چئي، سونهن پنوهارن پٽ
کائُڙَ ڄايون کٽ، عمر اڳ نه ويٺيون.
1132. تنهين کڻ کڻي ويا، ساڻيہ ڏي سينگار
ساريو ٿي سڌ مران، ويڙيون وڻ ولهار
مون تان قيد قهار، لاهه ته وڃي لوءِ ملان.
1133. تنهين کڻ کڻي ويا، مارو پاس ملير
ڪنهن پر قيدالماء جا جدا ٿين زنجير
کائڙ ڄاين کير، وطن ۾ وڃي ڏيان.
1134. کائڙ منجهه کڻي، نوان اڏيائون نجهرا
عمر اباڻن کي، پيرين پاڪ پڻي
تني لاءِ تڻي، روئي روح ريلا ڪيا.
1135. مون کي ماروئڙن جا، سانڍڻ ٿيا سور
”مَن اَحَبّ شَيئاّ اَڪثَر ذِڪره“ پلپل پونم پور
ماڙين منجهه مور، ڪين وهنديس ڪڏهين.
1136. ڪين وهنديس ڪڏهين، عمر آءٌ هت
وينديس ويڙهيچن ڏي، جيڏيون آهن جت
من تني سان تت، ٻڌو عهد الست جو.
1137. ٻڌو عهد الست جو، منهنجو ڏينهن ميثاق
ساريان سانڀيڙن کي، ڦاٽان منجهه فراق
ويڙهيچن وثاق، ڏيکاريندم ڏيہ ڌڻي.
1138. ملير جنهن جو ماڳ، سا ڪيئن وهي سيج تي
سانڀيڙن جو، شريف چئي، ساري ٿي سهاڳ
جيڪر ڀريس ڀاڳ، ته وري وڃي ويڙ ڏي.
1139. ملير جنهن جو من، سا ڪيئن وهي سيج تي
محلن ۽ ماڙين ۾، زوري آندي زن
پڇي پائر پار جا، اوٺي جي اچن
زيريون زير ٿين، ته وري وڃي ويڙ ڏي.
1140. ملير جنهن ماڻيو، سا ڪيئن وهي سيج تي
ٻڌائين ٻڪرين کي، تِندِنُ ۾ تاڻيو
اُن ڏنائين آڻيو، سڱر سيلا، شريف چئي
.
1141. جا ملير ماڻيندي، سا ڪيئن وهي سيج تي
پيرون پائر وٽ جا، اڃان آڻيندي
ڇڳا ڇاڻيندي، هلي همساين سان.
”فَمَن رَبُّک وَمَن نَبيّک وما دِينُک“ سوڌو
سُئائين
”اِني آمَنتُ بِرَبّڪم فَاسمَعُون“ چٽو چيائين
ڪلمون پڙهيائين، ستيءَ سيل نڀائيو.
1142. سيل تنهنجو سومرا، مڃيو ٿر ڄاين
ڳڻ ڳڌا، ماروئڙن، عمر جي انصاف جا.
وائي 107.
ڪيئن وساريو تن، ويٺي آهين ڪوٽ ۾
1.
نينهن نياپا چائيا، پر ۾ پنوهارن
2.
ماروئڙا ملير ۾ ساڻيهي سُونهن
3.
عارف اوءِ عرفات تي، حاضر حَجّ پڙهن
4.
چمن چانئٺ رسول جي، نايو سر نيڻن
5.
سانڀيڙا، شريف چئي، روضي پاس رهن
داستان ٻيو
1143. جهڙا گل گلاب، تهڙيون لاک رچن لوئيون
عمر اباڻن تي، لکين ڏوه حساب
مارو پاڪ جناب، اُڀا اُتر سامهان.
1144. جسو زنجيرن ۾، ڪئڙو قيد قهار
هاڻي مارن ڌار، ڏک گذاريان ڏينهڙا.
1145. سانڀِي ساريم سومرا، ڏيهي ڏاڏاڻا
جني جا ٿرن ۾، ڀر ڀٽنِ ڀاڻا
مارن نه ڄاڻان، ڪو مون ميلائو ٿئي.
1146. سانڀي ساريم سومرا، ڏاڏاڻا ڏيهي
جن سان گهاريم ڏينهڙا، وطن ۾ ويهي
ساڻيها سيئي، رهيا آهِنم روح ۾.
1147. الله اوٺي آڻيين، ڪو پنهوارن پارا
سانڀي ساريم، شريف چئي، ڌنار ڌڻ چارا
ويڙهيين ويچارا، رهِي ويٺا راڄ ڪري.
1148. هٿين پيرين کيہَ، لُڻي لال لڱن تي
عمر اباڻن جا، ڏور سڄن ٿا ڏيہ
سانڀي منجهه ساڻيہ، رهي ويٺا راڄ ڪري.
1149. عمر اوٺي آئيو، ڏيهي ساڻيهي
مهندين پهر ملير ۾، وڃي پنوهارين پيئي
سرتيون سڀيئي، ساهيڙيون سارين تو.
1150. عمر اوٺي آئيو، مارو کوڙين مڏَّ
پاڻيءَ ويل سرتيون، ڪن ساهيڙين سڏَّ
هتي منهنجا هڏَّ، روح اباڻي راڄ ۾.
1151. عمر اباڻا آئيا، مارو منجهه ملير
سرتيون ساڻيهه ۾، پِيَن کٽا ۽ کير
پنوهارن جا پير، سيلُ رکين ٿر ڄائيين.
1152. عمر اباڻن جي، ڍٽِ پَٽِ ڍوري ڍورَ
وينگس ولهارن ۾، ميندي چُڻن مورَ
هنيَڙي تن جا هور، جهڄي جهوريءَ جندڙو.
1153. مون ڏي ملير مان، ماڙهو آيو ڪالَ
جهڄي جهوريءَ جندڙو، هنيڙي اُتي حالَ
سرتين ڪِي سنڀالَ، سَتيءَ جي ساڻيہ ۾.
1155. مون ڏي ملير مان، ماڻهو آيو ڏينهن
نيڻ ڀَرجي نينهن، رنا رات رهاڻ کي.
1156. مون کي ملير مان، ماڻهو آيو اڄ
سرتين ڪيو سهڄ، سيلي تن ساڻيہ ۾.
1157. ويڙهين منجهه مقام، مَنَهَن ماروئڙن جا
رات تني جا آئيا، سنيها سلامَ
ڪهڙي ڏينهن ايام، اسان ميلائو ٿئي.
1158. ويڙهين منجهه وٿاڻ، مَنهن ماروئڙن جا
سدائين، شريف چئي، سونهنِ ڀاڳين ڀاڻ
ويڙهيچن اهڃاڻ، چيلهه ٻڌن چمڙا.
1159. جهڙ ڇنو، ڇمر ڇانءُ، سارنگُ ولهارن ۾
عمرن اباڻن جو، ويٺي ڳنهان نانءُ
مارن ويندي آءٌ، کيرون ڏيندس جيڏيين.
1160. مَنَهَن ماروئڙن جا، ڏوران ڏٺائين
سانڀي ساري، شريف چئي، ڳوڙها ڳاڙيائين
رتو رنائين، پائُرِ پنوهارن کي.
1161. دل ۾ آهي ڳَڻ، مون کي ماروئڙن جي
سانڀي ساريم، شريف چئي، ويڙهيچا ۽ وڻ
ڏوٿي ڏوري ڪڻ، پکي پيهي آئيا.
1162. مٿان ڍنگر ڍڪ، مَنهن ماروئڙن جا
سانڀيئڙن، شريف چئي، سونهَنِ ساوا ڪک
”تَرڪ الدُّنيا واجِب“ سڀ لاٿائون شڪ
پيرون چونڊين مَڪ، پاڪ ملير ڄائيون.
1163. مڪ ملير ڄائيين، پيرون چونڊيا پاڪ
سي مان سانڀي ساريا، ٿر جني جا ٿاڪ
مون موهيندي ماڪ، پائر پنوهارن جي.
1164. پائر پنوهارن جو، راتو ڏينهان پنڌ
”اهدنَاالصّراطَ المُستقَيم“ وڃي ڏٺائون رند
چکيائون چاءِ گهڻي، ملڻ ماکيءَ مند
ڪَشي ڪمر ڪشن سان، چيلهه ٻڌائون بند
حڪمت آهي هنڌ، ڏورڻ تن شريف چئي.
1165. تني ڏورڻ، شريف چئي، ماروئڙن ملير
سِڪي مون سرير، روحي ره نه وسري.
1166. روحي آهي ره، ماروئڙن جي ملير ۾
”وَهُوَ عليٰ ڪُلّ شَيءِ مّحِيطُ“ هئاهو هَمَہ
سانڀي ٿيا اَصَحَّ، پاڻ پرڻي رب کي.
1167.
سانڀي ٿي سنڀرياس، جيئن هُئي روح وَنگا وَرَ جي
مارو منڌ ملير مان وٺي سي ويندياس
ڳڻن ڳائيندياس، ڪري آکاڻي اُن سين.
1168. ويڙهيچن وري، مون ڏي ماڻهو موڪليو
پرهڻ ناه پنوهاريين، زربفت زري
ٿين ڳالهه ڳري، لڳو ميهڻو مارئين.
1169. مون ڏي ماڻهو موڪليو، ويڙهيچن واري
سُک ٿين سان سومرا، ور کي وساري!
تنهنجو تورُ تَلِين ۾، نِت نت نهاري
سانڀيڙن جو، شريف چئي، مرم مون ماري
جهِڄيو جر هاري، لڳو ميهڻو مارئين.
1170. لڳو ميهڻو مارئين، عمر مون آئي
ميها موڪ ملير ۾، سائون سامائي
ڏورا جنهن جي ڏيج ۾، سا کاڄا ڪيئن کائي!
”اِنَّ مَعَ العُسرِ يُسراَ“ ويٺي واجهائي
پائرَ پڇائي، مورِ نه وِهي ماڙيين.
1171. لڳو ميهڻو مارئين، عمر اوء اصيل
مُنگها موڪ ملير ۾، جيئن تووٽ خَوِيد خَصِيل
ورن مانَ وسيل، مور نه وهي ماڙيين.
1172. مور نه وهي ماڙيين، ماروءَ ري ملور
کلي چڙهي نه کٽ تي، سيجون ڀانئي سور
ڪهڙي قيدالماء ۾، وڃي ٿي وهلور
زيريون پيرين پيڪڙا، پيس ابتا ساڻ اُمور
پنوهارين جا پور، اَٺو پهر اسيرِ کي.
1173. اَٺو پهر اسير کي، ماڙيءَ ۾ ماتام
پڇي پائرَ پار جو، پارانڀو پيغام
عمر ساڻ انجام، ڪئم نه ڪوٽ وهڻ جو.
1174. اٺو پهر اسير کي، ماڙيءَ ۾ مذڪور
ماندي آهي مارئي، محلن ۾ ملورِ
سک نه ساعت، شريف چئي، چارئي پهر چُور
سنگهارن سان سور، اوري اُٺين مينهڙين.
1175. اوري اُٺين مينهڙين، ڳالهه وڃي ڳوٺين
هاري جر هيڻي ٿي، ڪوٽن ۾ ڪوٺين
مُنگها ساري مکڻيون، مري لئي موٺين
سنگهارن سوٺين، وس نه ڇڏي ويڙ مان.
1176. وس نه ڇڏي ويڙ مان، ويچاري وڳرين
سڪي سنگهارن کي، سنڀاري سڱرين
پنوهارين پکرين، پٽين پهون پهرائيون.
1177. پَٽين پهون پهرائيون، پنهوارن پَهي
سانڀين ري، شريف چئي، هت نه روح رهي
ادب سان عمر کي، ڪَنبي ۽ ڪهي
ڪڍ ته ڪاڻ لهي، منهنجي ماڙيچن سان.
1178. منهنجي ماروءَ ڄام سان، ڪنهن پر لهي ڪاڻ
ڪريان روح رهاڻ، اتي وڃي انُ سان.
1179. چرن چڻڪن چت ۾، وسرن تان نه وري
ڪنان عهد الست جي، ڪ تنهان ئي پري
”لَم يَلَد ولَم يُولَد“ مارئي ڪوهُ ڪري
اڄ ڪ ڪالهه مري، ساري سانڀيڙن کي.
1180. چرن چڻڪن چت ۾، هنيڙي نت هرن
”لَيس ڪَمِثلہِ شَيءٌ“ پسڻ ايءَ پرينِ
سي مر مارويون مرڪن، جن جي مهاڙ ملير ڏي.
1181. چرن چڻڪن چت ۾، رُڻڪن اَندر روح
تني ري، شريف چئي، ڪيئن ڪريان پاٻوه
موهر اُڀريا موه، ٻائر ٻيلائگهينِ سين.
1182. چرن چڻڪن چت ۾، هرن نت هنيان
ڪڍ بندياڻي بند مان، موڪل ڏي ميان
وڃي ڏيہ ڏيان، کيرون کٿيرن کي.
وائي 108.
وري ويڙهه وڃان، جتي ماروئڙا
آءٌ تنهن ويڙهه وڃان، جتي ويڙهيچا
1.
ٿاريلين جي ٿاڪ تان، ڀيرو ڪيئن ڀڃان
2.
مون کي نيندا پاڻ سان، ڪري ايندا ڄڃان
3.
اٿم اباڻن سان ڳالهين جا ڳڃان
4.
سدا سڪ، شريف چئي، اوڏي جي اڃان
|