سرڪلياڻ
435. اندر کوري خمار، ٻهر مچ مجاز جو
نينهن نهايت ناه ڪا، بيحد بي شمار
ديکيو جن ديدارُ، تَني ڪڇيو ڪينڪي.
236. تني ڪڇيو ڪينڪي، ثابت جني ساه
ڪوڙيين دهليا در تي، نظر ساڻ ناگاه
روحي رياضت راه، حيرت ۾ حيران ٿيا.
437. حيرت ۾ حيران ٿيا، محويت ۾ موجود
سالڪن، شريف چئي، ويو سڀ وجود
ٿيا نسورو نابود، اسم جسم نه اُن جو.
438. ڳهري ويا ڳهر ۾، لڙهي لال جوان
مئي پي ميخان، عارف ٻڏا عرفان ۾.
439. عارف ٻڏا عرفان ۾، محو ٿيا موجود
سالڪن سجود، اصل اُلوهيت ۾.
440. سالڪن سلوڪ جو، بيان ڪيو بابُ
”اَلستُ بِربِڪُمُ“ ايءُ سنڀرن خوابُ
تن جي روح جواب، ڪيو ”قالوابَليٰ“ قلب سين.
441. سالڪن سلوڪ جو، ڪيو بابُ بيانُ
اعليٰ ذات عظيم جي، اُتي تن عيان
نديون نينهن نيانُ، وهن تن وجود ۾.
442. سالڪن سلوڪ جو، بيان باب ڪيو
”اِذَا تَمَّ الفَقرُ فَهُوااللهُ“ حاصل حال ٿيو
هئڻ هيءُ ويو، حق سڃاڻي حق ٿيا.
443. طَلَبَ طالبن جي، توڙائين تحصيل
فاني فنا ۾ ڪئا، درد جي دليل
ڪامل ڪين قليل، واصل ٿيا وصال ۾.
444. طلب طالبن جي، توڙائين تڪرارُ
لُڇن ڪڇن ڪينڪي، مٿي جن مدارُ
سڪڻ جن سينگار، ڪسڻ تن قبوليو.
445. طلب طالبن جي، ذاتي ذات ظهور
ايءُ عشق جو ڪلورُ، ڪُهي ڪيفيتن کي.
446. طلب طالبن جي، توڙائين تڪرار
شائقن، شريف چئي، وهي ڪرٽ ڪپار
جلن جوش جذب جي، کامن منجهه خمار
سُرت ڇڏيائون سار، چکي چش چريا ٿيا.
447. طلب طالبن جي، توڙان تڪراري
سوريءَ تي سواري، اصل عاشقن جي.
448. طالب جي طلب جا، ڪنهن سان ڪين ڪُڇن
اعليٰ اِشارن اُن جي، ٻيا ڪين ٻُجهن
تنهائين سُڪوت ڪيو سمجهي سالڪن
بَحرَ اُو اُڌِ مَنِ، جي ڳالهائين ڳاٽ کڻي.
449. دُڪاني دُڪانُ، ويا راه رُوندي، شريف چئي
”المجازُ قِنطَرَتہُ الحَقِيقَتہِ“ ساراهجي سبحان
عشق آهي اِنسانُ، ري اِنسان ناهه ڪي.
450. عشق صورت لا صورت، طلب طالبن جي
ڪٿ ظاهر ظهور ٿئي، ڪٿ مخفي ۾ مورت
اعليٰ . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
. . . .
وائي 67.
نه دارڪ نه تارڪ، دنيا گهوري عقبيٰ
سرجمن
داستان پهريون
451. ڳڙيو ڪيف ڪمال جو ڪو وٽ پياڪن
ساقي سخا ۾ ٿيا، هٿان حبيبن
ميخاني جي منڌ تي، لڙيا لال اچن
سي مر چاش چکن، سر جني جا سٽ ۾.
452. ساقيءَ جي سخا جي هنڌ هنڌ پيئي هاڪ
پياري پياڪن کي، طاقئان اُپٽيو طاق
”وسَقهُم رَبُهم شَراباّ طهُوراّ“، ڀريو ڏي پٽ پاڪ
چکيا جن چئاڪ، تن سَڃياسر، شريف چئي.
453. ساقيءَ جي سخا جو، هنڌ هنڌ آحي هُلُ
پياري پياڪن کي، ميخاني جو ملُ
توڙان ناهي تُلُ، سِرُ سَري سرڪ جو.
454. ساقيءَ جي سخا جو، ملڪن ۾ مذڪور
پياري پياڪن کي، هٿان جام طهور
جي مئي ڪيا مخمور، تن سڃياسر، شريف چئي.
455. ساقي سَري آئيا، سرو ڪندا صاف
پياريندا اُڃ، منجهان موج ميخان جي.
456. ساقي سري آئيا، سرو ڪندا سُڃ
پياريندا اُڃ، منجهان موج ميخان جي
457. ساقي سري آئيا، سرو ڪندا سُونهن
ورهائيندا ورونهن، منجهان موج ميخان جي.
458. ساقي سري آئيا، سرو ڪندا سِڪ
پياريندا پڪ، منجهان موج ميخان جي.
459. ساقي سري آئيا، اُڀا چُونِ اچ
آهي ڏاڍو مچ، ڪو جُنگُ پئي ان جام کي.
460. ساقي شراب هٿ ۾، ٿو پُر پياري
تني سينگاري، جي ٿيا درست دڪان تي.
461. ساقي شراب هٿ ۾، اُڀو ڪري سڏ
پهرين ڪاٽج هڏ، پوءِ ڪج طمع طهورا ۾.
462. ساقي شراب هٿ ۾، اُڀو ڪري آءٌ
پهرين جهلج گهاءُ، پوءِ ڪج طمع طهورا ۾.
463. ساقي شراب هٿ ۾، اُڀو سڏ ڪري
سُنت سِرُ ڌري، چکج سرڪ، شريف چئي.
464. اجهي سرائون ساقئين، جتي ميخاني جا مٽ
سندي شراب، شريف چئي، ويٺا وٽين وَٽ
وک وڌندي پاءِ تون، ٿي حاضر مٿي هٽ
هو پياريندئي پٽ، سر سوٿي سنباهه تون.
465. جان تو شوق شراب جو ته سر جو سانگ مَ ڪر
ساقين شائقن جي پهت پارج پر
پهرين ڪاٽي ڌر، پوءِ ڪج سڌ سرڪيءَ جي.
466. جان تو سانگو ساهه جو، تان پڙ ۾ پير نه پاءِ
اُڪنڊ اهائي آهه، سِر ري سودو نه ٿئي.
467. جان تو شوق شراب جو ته سر جو ڇڏ سانگو
قطرو ڪيف ڪمال جو گهڻو مهانگو
تان پڻ سهانگو، مٽ مٿي تي جان جُڙي.
468. مٽ مٿي تي جان جڙي، ميخاني جو منڌ
ڪلال جي ڪات کان (ڪڍجي) ڪين ڪنڌ
ريت مَ ڇڏج رند، سر ڏيئي پيءُ سرو.
469. سر ڏيئي پيءُ سرو، مٽ مٿي تي جان جڙي
سؤ سسيان اڳرو، سندو ڪيف ذرو
پياڪن پرو، . . . . . . . . . . . . . . . . . .
470. حاضر ٿي حضور ۾ پٽ پيتائين پاڪ
ٿيو اکين اڏڙو ”لولاک لما خلقت الافلاڪ“
جو ٿي چڪيو چاڪ، محب ڏسندي ميٽيو.
471. حاضر ٿي حضور ۾ سرو پيتائين صاف
تهدل ڪري طواف، هليو پاس حرم جي
.
داستان ٻيو
472. موکي متارن، تو سان ڪين وڃائيو
سرڪ لئي، شريف چئي، سر آڇايا جن
تون ڪيئن ڌاران تن، ويٺي ڪيف ڳاڙيئين.
473. موکي تون نه مُيين، متارا مري ويا
هُئَئين جاڙ جيين، تَني ري، شريف چئي
.
474. موکي تنهنجي منڌ جو، پرو پياڪنِ
ڪي لُڏيا لال لڪن تي، ڳهريا ۾ ڳوٺن
ڪي ويا وهه گڏجي، ڪي لَهوارا لُڙهنِ
سَڻي متارن، پاسا کوڙيا پَٽّ تي.
475. موکي تنهنجي منڌ جو، پرو پياڪنِ پيو
قضا سين ڪريم جي، سَري سَپُ پيو
تنهان پوءِ ٿيو، مرڻ متارن جو.
476. موکِي تنهنجي، مَنڌ جو، پياڪن پَرو
سُڻي ڳالهه ڳري ويا. ٿين ڪيف ڳَرو
ڪو جو زهر ذرو، وهِ هو (وٽيء اڳرو).
477. وهه هو وَٽي اڳرو، ڪاڙهو ڪڙهي منڌ
. . . . . . . . . . . . مونا وڍي بند
سوجهي سنڌيون، شريف چئي،. . . . . . رند
پاسا ڪرنگهه ڪنڌ، ويا وِه گڏجي.
478. موکي ڪري هاءِ، سڻي ڳالهه متارن جي
ڀڙن لڳي باهِ، هٽ ٻَرِي پَٽ ٿِيا.
479. موکيءَ اُپٽيو مٽُ، پَسِي پِياڪن کي
ڪاڙهيو تنهن ڪيف ۾، هئو نانگ پِنٽ
شائقن شريف چئي، هلي ڀَريو هَٽُ
سا پِڪ پيئندي پَٽُ، متار مَرِي ويا.
480. پائي سَپُ سَري، موکيءِ متارن ڏنو
منجهان تنهن منڌ جي، پيتائون پَٽَ ڀري
تنهين زهر ذري، ويچارا وهاٽِيا.
481. ظاهر زهر هو، معنيٰ ڪَر مٺو گهڻو
سر ڏيئي کي ساقئين، جن چئاڪو چکيو
پرو تن پيو، سندو شراب شريف چئي.
482. موکي تو منجهه مَچّ، ڪاڙهو هئو ڪيف جو
ڏسي متارا مَچ، گهوٽ گهِڏندي ويا.
483. کَري کيپان اڳرِي، سُرڪ هئي سِڪ
پئندي ٿين ڇِڪ، گهوٽ گهڏندي ويا.
484. لري کيپان اڳري، سُرڪ هئي سونہ
سائي ٿين ورونہ، گهوٽ گهڏندي ويا.
485. کري کيپان اڳري، سُرڪ هئي صاف
اکيون منجهه آف، گهوٽ گهڏندي ويا.
486. کري کيپان اڳري، سرڪ هئي سالور
محو ڪيا مذڪور، گهوٽ گهڏندي ويا.
487. مٿي مٿن ماڪ، ڪٽ چڙهي ڪارا ٿيا
نه موکي، متارا، نڪي اوء پياڪ
هئي جني جي هاڪ، سي سک ٿي ستا شريف چئي.
488. نڪي اوءِ پياڪ، نڪي پياريندڙ ڪي
هئي جني جي هاڪ، سي متارا مري ويا.
داستان ٽيون
489. ويٺا پڙهه پڙهن، حرف سڃاڻي هڪڙو
هادي اکڙين، تحصيلان تمام ٿيو.
490. پڙهي پڙهيائون، حرف سڃاڻي هيڪڙو
”ونحن اقرب اليہ من حبل الوريد“ اي سِرُ سمجهيائون
ٻيو نه ڏٺائون، هادي اکڙين ۾.
491. پڙهي پڙهيائون پَندُ، حرف سڃاڻي هڪڙو
نفي ۾ نانهه ٿي، روحي ڏٺائون رندُ
چکيائون، شريف چئي، سندو معنيٰ مَندُ
شڪر ايءُ الحمدُ، هادي اکڙين ۾.
492. صرف ڪر ’صرف‘ کي، ’نحو‘ ڪيم نهار
معاني مذڪور کي، صبح ڪي سينگار
تحصيلان توار، حرف سڃاڻي هيڪڙو.
493. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
. . . . . . . . . . . . . . . . . . مصحاف
اولي اورج عام کان ڪڍي غير غلاف
”العشق نارالله وقع“، کائي ڇڏ خلاف
سَرو پِي ٿي صاف، منجهان عين عجيب جي.
494. صرف ڪر ’صرف‘ کي، ڏسي زلف زنجير
”قالوا بليٰ قد جاءِ نا“ ڪَنين سوءِ نظير
تواضع تحرير، لکي لکندين ڪيترو.
495. لکي لکندين ڪيترو، بره جو بيان
ماري مشتاقن کي، هڻي ڪيبر ڪانُ
سنگي سورهه سڀڪو ابرو ڏسي عريانُ
آهي سو اڳوان، هلي جو حبيب ڏي.
496. لکي لکندين ڪيترو، طلب جي تفسير
ناهه نهايت نينهن جي، بره بي نظير
آٽي ڪري اڪسير، مسيءَ جهڙي من کي.
497. لکي لکندين ڪيترو، نفي ۽ اثبات
اَماري کي عشق جو، قهري وجهج ڪاتُ
بقا ناهه برهه ري، دم حياتي هيهات
مرڻ ڪري مات، هلج پوءِ حبيب ڏي.
وائي 68.
دلڙي ٿي ديوان، يارو . . . . . .
1.
. . . . . . . . . ندي ڪنارو نيشان
2.
راتيان ڪاليان ڪنڍيان ڪاليان، ڪالا ڪان سبحان
3.
”لاتقنطوا“ آپ آليندا، محو قلم عصيان
4.
تڏان چاڪر چاڪ سڏاوي، سلطاني سلطان.
داستان چوٿون
498. ڄيرو ٿو ڄرون ڪري، کوري ٿو کانئي
سڌا سِيخين لائي، چکن سرڪ، شريف چئي.
499. کامي کوري وچ ۾، خاڪي خاڪ ٿيا
جلائي جوش نيا، مناظري محبوب جي.
500. من ۾ ٻري باه، آڙهه آتش عشق جو
منجهئي مچ محبت جو، جيرا جوش جلاءِ
اندر کورو کانءِ، ٻهر سُڌ نه سور جي.
501. توکي سڌ نه سور جي، ميان مار نه مون
تر نه آهين تون، واقف منهنجي وره جو.
502. ويڄ نه مون وٽ ويہ، تو نه سڃاتو سور کي
جني ڦَٽِي آهيان، ڏور تني جو ڏيہ
سڄڻن جو ساڻيہ، ڏسان ته ڏکندو لهي.
503. ڪين سڃاتوءِ سور، ويڄ اٿي وڃ تون
آهه پريتي پور، ايءُ درد درسن دوست جو.
504. ويڄ اٿي وڃ هاڻ، تو نه سڃاتو سور کي
پرين ڪندا پاڻ، دوا هن درد جي.
505. ويڄ نه مار مون، ڪڙا ڏيئي ڊڀڙا
محرم هن مرض جو، تر نه آهين تون
جني ڏک ڏنو، سيئي لاهيندا سور کي.
506. جني ڦٽي آهيان، چيٺيندم سيئي
. . . . . . . . . مون وٽ وسري.
507. جني ڦٽي آهيان، . . . . . . . . .
508. جني ڏنم ڏکندو، سيئي تن طبيب
سندا سور شريف چئي، حاذق آهن حبيب
اچن جي عجيب، تان ڏکندو ڏور ٿئي.
509. جني ڏنم ڏکندو، سيئي لاهيندا
اَچي ٻڪي ٻاجهه مان، ڏکن جي ڏيندا
قربئون، ڪريندا، دوا دارو درد جو.
510. جني ڏنم ڏکندو، سيئي ويڄ ٿيام
ڪرهه هو قريب ٿي، اڱڻ سي آيام
سور سڃاڻي، شريف چئي، طبا تن ڪيام
ڇٽي ڦٽ ويام، ريهي ڇڏيائون راز سان.
511. ڏکندو مون تان ڏور ٿئي، پرين جي پرچن
صاحب اوءِ سرچن، ته ري ٻُڪيءَ ٻاجهه ٿئي.
وائي 69.
مون کي ماريو ماء، عشق لنءُ عجيب جي
1.
آڙهه آتش عشق جو، اندر اُڌميو آه
منجهين ويڌ وره جا، منجهين سوز سماء
2.
ٻڪيون ڦڪيون پانهجون، ويڄ نه تون وڃاء
دارو ناهه درد جو، ساڄن جي سواءِ
3.
دوا درد دل جي، قربئون او ڪنداء
ويندا سور، شريف چئي، پرينءَ جي پساء
|