سر مارئي
داستان پهريون
657. مولى مهربان ٿي، وطن واڳون وار
سڪي ٿي ساڻيهه کي سدا مند سنگهار
اُڪيري ارواح سان، پاور ڏي پنو هار
اچي عمرڪوٽ ۾ لوياري لاچار
واري ڀٽن وار، ته وڃي ويڙهيچن ڏي.
658. مولى مهربان ٿي، ڏسان وطن جون واديون
هيڪر هلي هت وڃان ته ٿين سنگهارن شاديون
پيرون چونڊين پٽ ۾، ات پهريو پياديون
کهه، مانڊاڻو، مکڻي، ڏين منگها مناديون
تني سان تعديون، ڪري نه جهلجن قيد ۾.
659. قيد نه ڪرين سومرا، رعيت کي هيئن راءِ
نڪي رکن بند ۾ نڪي وجهن ڊپ ڊاءِ
مصري ميوا مربا، سانبي چکن نه ساءِ
چئي منجهاران چاءِ، وڃان شال وطن ڏي.
660. مرجان ڪڙهي قيد ۾، عهد هئي آندي
لکئي لوح قلم جي بيڪس ڪي باندي
مارن ڌاران مارئي، منڌ ٿئي ماندي
ورهه کان واندي، وار نه ويڙهيچن جي.
661. وري ويڙهيچن ڏي، تان وري واڌائي
سڀني سنگهارن کي، ٿئي سڌ ساري سائي
عمر! آجائي، آڇي اجڙوال کي.
662. آجا اجڙوال ٿيا، مارو ٿر رهن
حال پنهنجو جال ري، ٻئي کي ڪين ڪهن
سدائين ساڻيهه ۾، سک ڏک سر سهن
واهوندي وهن، ڪمر ڪشيئون ڪوس ۾.
663. چونڊين وڏي چاء سان، پسي پٽ پنهوار
سيئي سڪان ساريان، جي ساڻيهه جا سنگهار
بقر ڇوڙئو بدوي، چارئين ڌڻ ڌرار
عمر! انهان ڌار، ناهي سک سرير ۾.
664. چونڊين وڏي چاء سان، مکڻي موٺ منگها
ڀيڻيون ۽ ڀنگا، ياد ڪيو جر هاريان.
665. چونڊين وڏي چاء سان، سانئون سڱر ڳم
هناڪ قلبي جسمي فهولديڪم، هت هڏو ۽ چم
ماري ٿو مرم، مونکي، ماڙيچن جو.
666. چونڊين وڏي چاء سان. ڳاڱا ۽ ڳنڍير
پين پوڄ پنهواريون، پاور پاس پنير
ڪڍ بندياڻي بند مان، هاڃو ڇڏ همير
ته کيرون ڏيان کٿيريين، مرڪي منجهه ملير
”لاتقنطوامن رحمةالله“ ٿيو دلاسي دلڌير
رک ڀرم ڀاروڙيءَ جو پاور سندا پير
پٽولا پٽ چير، اوڇيان، ڪين عمر جا.
667. اوڇيان ڪين عمر جا ڀيرم بناتون
محل هندورا ماڙيون، ڪوڙيون قناتون
مونکي منان تون، مارو مير نه وسرين.
668. سي ڪيئن پهرن پارچا، اوڇڻ جنهن جي اُن
گڏيو ليڙون لوئيءَ سنديون، تهه ڪيو وجهن تن
”تيرهيا“ سچ سمن، آهس اباڻن سان.
669. سي ڪيئن پهرن پارچا، جي سينگارن سڳا
”الفقر فخري“ سڻي، ڇڏيائون ويس وڳا
لوئيءَ لڱ لڳا، پهرين پاور ڄائيين.
670. پهرڻ پنهوارن جو، لوئي لا کيڻي لڄ
سرتيون ساڻ سهڄ، سينگاريو ڪن سر تي.
671. ڪن سينگاريو سرتي، لاک رتيون لويون
کارا کٻڙ ڏيهه ۾، سونهن ساڏوهيون
واڌائي وهانءَ ۾، ڏين ڏؤنرن جون ڏويون
آب ڀري اويون، پاڻي پاور جو پيان.
672. بقر، آل عمران جا، مٿي عرفات اچن
نساء مائده، انعام، مان ڪريو قوت ڪهن
مکڻ، ماکي، مکڻي، سڀڪا چس چکن
”تيرهيا“ توبهه تن، موران رکي من ۾.
673. مارن ڌاران مورهين، مينڍي مرنه ڌوءِ
ٿي سکالي سيج تي، ساعت ستي نه پوءِ
عرض آزيءُ سان اچيو، اڳيان عمر چوءِ
مڃ وهان ڪيئن ماڙئين، لڏي وينديس لوءِ
ٿئي سومرا سندوءِ، ٿورو ٿاريلين تي.
674. مارن ڌاران مورهين، چوٽيءَ چيڙهه پياس
سخن ساڻيهين جا ڳرا ڳڻ ٿياس
سڱر ساهيڙين جا وسري ڪين وياس
”تيرهيا“ تم ٿياس، لٿا ڏولائي ڏينهڙا.
675. مارن ڌاران مورهين، سک نه سمهي رات
پڇي پانڌيڙن کان پڇاڻا پرڀات
تن ۾ اٿس تات، سدا ساڻيهين جي.
676. مارن ڌاران مورهين، وائي نه واري
اٿيو ان طرف ڏي، نئين سج نهاري
هنجهون ٿي هاري، ساريو سا ڏوهين کي.
677. مارن ڌاران مورهين، کلي نه کائي
ماري ماڙيچن جي، رُسي رنجائي
هت سمائي سڳر سان، هت ٿي آمانِي آئي
ڦٽي ڦوڙائي، وري مانَ وطن ڏي.
678. مارن ڌاران مورهين، ماري مونجهاري
واٽون ويڙهيچن جون نتن نت نهاري
”قيدالماء“ شديد ٿيو، نه ته ڪيرگهڙي گهاري
واحد شل واري، وري ورق وصال جو.
679. مارن سندي مَن ۾، ”توبهه“ جو تفسير
حرف سڃاتائون هيڪڙو، قادر رب قدير
پکا آڏي پٽ پيهيون، موکيائون ملير
تن سنگهارن جو سير، سَنڀين پرَين سُر هو.
680. مارن سندي من ۾، ’مومن‘ جو مذڪور
’طہ‘ ’تبارڪ الذي‘، پڙهي پرايائون پور
نور عليٰ نور، وطن ويڙهيچن جو.
681. سدا سڪان ساريان، ڏيهه ۽ ڏاڏاڻا
هُون هميشہ ان جا، ڀٽن تي ڀاڻا
ڏسان ڏاڏي پوٽيون ويڙيون وٿاڻا
ٻڪر ٻاٻاڻا، هوند وڃي هت چاريان.
682. کڻي کاهڙ ڏي ويا، ورين واهوندا
جوڙيا جڪاتا ڪري تن گاڏيلن گوندا
ويڻ ورايو پاڻ ۾ چڱيءَ ڀَت چُوندا
ڪارايون ڪوٽن جون مٿان دل ڌوندا
رَءِ پئي رُوندا، جڏهن گڏبا پاڻ ۾.
683. کڻي کاهڙ ڏي ويا، مارو ڪاهي مال
کيهه، مانڌاڻيون، مکڻيون، پڪا پيرون پال
چونڊين وڏي چاء سان، جهوليون ٻڌيو جال
ڪري ڀلائي ڀال، آگا بخش اسير کي.
684. آگا بخش اسير کي، جا مارن لئي ماندي
آڻي
عمرڪوٽ ۾ برهه ڪئي باندي
ورهه کان واندي، وار نه ويڙهيچن جي.
685. آگا بخش اسير کي، ڪرڙ ڪنڊا جنهن قوت
ته ماڻي وڃي ملير ۾، مَڪ پڪي مضبوط
سڪي ساڻيهين کي ڪيو سيلي تنهن سڪوت
”تيرهيا“ ان طرف ڏي، تهدل هُس تاهوت
سندرو جنهن ثابوت، سا مر مرڪي مارئي.
686. سا مر مَرڪي مارئي، جنهن مارو مرڪايا
وسان ويٺي ڪينڪي، منجهه ڇڄهرن ڇايا
ترڪ ڪيائين تن کي، تنهن نه تيل لڱين لايا
لوئي جي ليڙن ۾ ان سڀ لڱ لڪايا
ڀتائين ڀتو ڀت جا سڀ پرهڻ پرهايا
هڏ نه ڏاڏاڻن ڏيج ۾ هي مونکي ڳڻايا
پائي پرايا، ڪيئن ڳهه ڳلي سان لائيان.
687. سا مر مرڪي مارئي، مارو جنهن جي من
”و هُوَ مَعَڪُم اَينَما ڪُنتُم“، گهُرندل هت
گهرجن
کيرون کٿيرين، سيل جني جو سچ سان.
688. کيرون کٿيرين، جي رهن پکي پاند
هيڪر ٿئي هيڪاند، منهنجي ماڙيچن سان.
وائي 52.
ڀڄي ٿيا ڀورا، زور زنجيرن ڇڏيو
1.
مون تي مارو مير جا لکين لک ٿورا
2.
ٻيڙيون ڀڳيون، ٻاجهه ٿي، نِير ندورا
3.
هئا هميشہ حق جا ڏوٿيڙا ڏورا
4.
لحظي منجهه لهي ويا هانوَ مٿان هورا
5.
”تيرهيا“ ڏس تنزيل ۾ مارن منهن ڳورا
وائي 53.
مارن جي موٽي، پير پکي ۾ پائيان
1.
ڳُتِي منهنجي ڳڻن سان چاڳيلين چوٽي
2.
ڪين ڇڏيندا قيد ۾ کري جي کوٽي
3.
وڃي ويڙهيچن کي ملان آءٌ موٽي
4.
”تيرهيا“ پنهنجي تور لئي ڪڍيم ڪاڇوٽي
وائي 54.
ساڻيها ساري، سيل نباهيوسين سومري
1.
ڪڍي منڌ ڪوٽن مان عمر آڇاري
2.
آجي اجڙوال ٿي مر جان ڌڻ ڌاري
3.
”تيرهيا“ پنهنجي تُور سان تڙ تي تنواري
وائي 55.
ساماڻو سائون، موڪ مانڌاڻيون مکڻي
1.
ڏاڏاڻن جا ڏيج ۾ ڏورا ڏنائون
2.
منهنجون ماڙيچن سان سهسين سکائون
3.
وران شال وطن ڏي لڌيم جت لائون
4.
”تيرهيا“ تن تڙن تي ڇنن جون ڇائون
داستان ٻيو
689. لٿا نيَرَ نار کي، آگي ڪيو احسان
مرڪن ملير ڄائيون، راضي ٿيو رحمان
سدائين ساڻيهه ۾ ساراهين سبحان
ٿيو امن امان، ستيءَ سيل نباهيو.
690. لٿا نير نار کي، ناجي ٿي نروار
ماڻيائين ملير جي سرتين جو سنيگار
اوڇيائين اڌوٻنڌ کي، ڌئي جا ڌرار
مڻي پاور پار، ستيءَ سيل نباهيو.
691. لٿا نير نار کي، ٿي تازي تواني
وري ولهارن ڏي سائي سماني
ڪڏهن پاتائين ڪانڪا، ڪجل جي ڪاني
مرڪي مستاني، ستيءَ سيل نباهيو.
692. لٿا نير نار کي، ٿي ويڙين واڌائي
پهرئو وڃن پهن سان ڏينهڪ ڏهائي
کيهه مانڌاڻيون مکڻي، ڪن لابارو لائي
ٿي آجي اُت آئي، ستيءَ سيل نباهيو.
693. لٿا نير نار کي، ماڙيچيون مرڪن
آڇي اُن اگوندري منجهان ڪوڏ ڪتن
پاور ڄايون پارچا، مور نه مٿي ڪن
سڻي سڏ سندين، ستيءَ سيل نباهيو.
694. لٿا نير نار کي، وريا واهوندا
درد دور هرن جا، ديسائي ڌوندا
سونهن سنگهارن جا، گهرن ڀر گوندا
چيتاڙي چوندا، ستيءَ سيل نباهيو.
695. لٿا نير نار کي، زيريون زير زنجير
ترڪ ڪري تقدير، وري وطن سامهون.
696. ستي ساهيڙين سان، ”حرا“ پاس هلي
مرڪيو مينا ڏي چڱيءَ ڀت چلي
جا پسيءَ تي پلي، سا ڪيئن چکي چاشنيون.
697. لٿا نير نار کي، زيرن ڇڏيو زور
هميشہ هن پار جو هينڙي مٿي هور
ڪري دردن دور، وري وطن سامهون.
698. ستي ساهيڙين سان، ”حرا“ پاس هري
ڦيريون ڏيو ڦري، ڦوڳن ۾ ڦر چاريو.
699. ستي ساهيڙين سان، ”حرا“ پاسي هاڻ
چونڊي مڪ ملير مان، پاور ڄائي پاڻ
سڀن پرين سرهي، سنگهارن سانجاڻ
ويٺيون وطن وٽ ۾، ڪري رس رهاڻ
ڪڍڻ نه سکيون ڪاڻ، پٽ نه پرهن پارچو.
|