106. پري ٿيو ته پهائيان، پرين پير ڀري
ڪيچي قاصد آئيو، ڪيڏي ڪہ ڪري
هلي هوت حبيب کي، لايان ڳل ڳري
مرجان من ٺري، ڏسي منهن محبوب جو.
107. ڏکا ڏونگر ٿو ڪري، مٿي هن معذور
جاڙون جبل جون ڏسيو، پيئي پچي پور
ڏس پڇايو ڏور، وڃي چڙهندي چوٽين.
108. چوٽين تان چڙهيو، ڏسي وڻ وڻڪار جا
مٿان سڄ لڙيو، پياديءَ کي پنڌ ۾.
109. پياديءَ کي پنڌ ۾، ساٿي سور ٿيا
پياريءَ کي پنڌ ۾، ساٿي سور ٿيا
مرڪ معذورين کي، هلڻ آهه هيا
ڪيچي ڪالهه ويا، اُپڙ تون عرفات ڏي.
110. اُپڙ اڄ عرفات ڏي، ڪاهو ڪاه ڪهي
ڪج رهاڻيون روجهن سان، رائي منجهه رهي
ويهي آتڻ وچ ۾، وڃاءِ مَ وَهي
کوءِ پُوڻي، ٻَن پَهي، پسڻ ڌاران پرينءَ جي.
111. بِروَ براهمڻ بر، ڪاه ته رسين قافلي
[1]
روشن ٿيو رءُ راه ۾، ڇلي پيہ ڇپر
ڏير چڙهيا ڏونگر، نار! ڦٽو ڪر ننڊ کي.
112. بِروَ ٿيءُ بيدار، ڪاه ته رسين قافلي
ٿَو نه شنيده سسئي، هلڻ جي هاڪار
رفته رازدار، جاڳي هل جبل تي.
113. نِندَ وي ناقن ناه، وڃن ڪهندا ڪوه ڏي
رفته رفته روه تي، ساٿين ڪي سانباه
ڪامڻ گڏجي ڪاه، شتر اُن، شريف چئي.
114. پنڌين پور پون، آيل ٻاروچن جا
”ڪل شيءِ يرجع اِليٰ اصلہ“ وريا ڪيچ وڃن
جهليان تان نه رهن، ڪا جا مين من ۾.
115. هئي هئي حادثو، هوت هلندي جو ڪئو
هيڏو قهر قلب تان، ڪڏهن ڪونه پئو
وڃڻ ساڻ هئو، ساه نِنڌڪ ٿيو سرتيون.
116. نِنڌڪ ٿيم ساه، ڪين جئي ٿيو جيڏيون
ڪوهياري قيمو ڪيو، مادر منهنجو ماه
پيريءَ منجهه پساه، آيل اناسو ٿيو.
117. نِنڌَڪُ ساهُ ٿيومِ، ڪِينَ جِئي ٿو جيڏيون
پَسو فَلَڪُ فراق جو، پنهونءَ ساڻُ پيومِ
تڏهن تان نه ويومِ، آيل اَناسو ٿيو.
118. اَچو اَچو جيڏيون، ڪريون اوراتو
ڏکيءَ پيچُ پريت جو، پنهونءَ سان پاتو
ڏينهان جي راتو، ته حَشَرُ هوتاڻين جو.
119. پهرين چيائون اَچ، پو نه نِينَمِ پاڻ سين
سرتيون! مون کي سچ، سانگين مان سورَ ٿيا.
120. پهريِن چيائون آءٌ، پوءِ نه نينِم پاڻ سين
مادَر مون کي ماءُ، سانگين مان سوَر ٿيا.
121. ڀِريون سڀ ڀنڀورَ ڏي، پوءِ پاتائون پير
ڪانه سڱيِڻي ڪيچين، قاف ڏوريندي ڪير
مون کي پرت پنهونءَ سان، آهه هوتن جي هير
ڏونگرِ پڇنديس ڏير، شترن ڌڻي، شريف چئي.
122. ساجن سِيج نهاريو، جان گهرَ ڪُنڊون گهوري
تان پنهون ناهه پلنگ تي، جنهن سان اندر ڪجهه اوري
هاڻِ ڪر ڪُلهنِئان ڪوري، ڪر مُنهن پِٽي مري سسئي؟
123. ڇڏ سُکن جي سار، سسئي سُمهه مَ سيج تي
ساٿِي سُونهن سور کڻي، پُڇُ پنهونءَ جا پار
تون لؤن جن لغار، تن سور سنهائي ساٿيين.
124. ڇڏ سکن جي هير، سسئي سمهه نه سيج تي
ساٿي سونهون سور کڻي، پڇ پريان جا پير
سونهائيندوءِ سير، گوندر گس پنهونءَ جا.
125. گوندر ڪيا گس، ماءُ منهنجي جندڙي
سريم سور سرس، ساٿين هٿان سرتيون.
126. گوندر لڌي جاءِ، ماءُ منهنجي جندڙي
اندر رهيو آهه، وره وثاقون ڪري.
127. محبت ماريس ماءُ، سڪڻ سجهايس جيڏيون
سوسي نئم سرتيون، سور جتن جي ساه
ڳلن ڳاريم ماه، آريءَ جي افسوس ۾.
128. ڀِريون سڀ ڀنڀور ڏي، پير پاتائون پوءِ
هلن سي حبيب ڏي، حب جني کي هوءِ
سسئي سڪ پنهونءَ جي، رت رندن تي روءِ
ڏوراپا ڏيرن تي، چڪي هڏ نه چوءِ
مٿان جتن جوءِ، ساه ڏيندي صدقو.
129. وره واڍوڙي پرينءَ جي، ويچاري وهلور
راتو ڏينهن ريهون ڪيو، روئي رت رنجور
سيڻن جا، شريف چئي، سسئي سٽاڻا سور
ٿئي منڌ ملور، لڳس ٻاڻ ٻروچ جو.
130. لڳس ٻاڻ ٻروچ جو، محبت منجهه مري
ڀانئي باه ڀنڀور ۾، ڏونگر ڏک ٻري
سيڻن سڏ ڪري، سور سِجهائِي سسئي.
131. جي توکي جتن جي، سچي سڪ هوءِ
ڏور اُٿي سي ڏونگرين، ساڄن سيڻ سندوءِ
ڏس ڏيرن جو پوءِ، وؤڙُ ته وندر وٽ مان.
132. جي توکي جتن جي، سچي سڪ آه
شترن ڌڻي، شريف چئي، پُري پٻ پڇاءِ
سسئي سيڻ سنداءِ، ڏور ته ڏسين ڏونگريا.
133. اُٿي ڇڏ اندوه، ويٺي وماس ڪيم ڪي
سسئي ڳولج سيڻن لئي، رڻ رائو ۽ روه
ڪامڻ منجهان ڪوهه، پُوندوءِ ڏس پنهون ءَ جو.
134. پري پڇج پار، پريت ڄام پنهونءَ جا
ڏکي ڏورج ڏونگرين، ساڄن سڀ ڄمار
دعويٰ سندي دلدار، مڇڻ ورچي ڇڏيين.
135. ڏکي راتو ڏينهن، پُر پنهونءَ جي پٺ ۾
دعويٰ ڇڏج نه دوست جي، مُٺي مرڻ سيئن
نالو سندو نيهن، لوٺي جم لڄائيين.
136. ويههُ مَ، ويرَ مَ ٿِئي، پاءِ وڌنديِ وکَ
توڏا وَڃن تِکَ، پُر ته پهچين سسئي.
137. ويٺينِ ٿِئي نه وِصالُ، سُتين ساٿَ وڃائيا
ڪِيو تن ڪمالُ، جنِي ڏونگر ڏوريا.
138. موُرِ نه وِهنديس ماءُ، ڇا کي جهَلُون
پائِيِنين
پُٺِيءَ پير پنهون جي، مر مرون کينم ماهُ
سُر سسي ۽ ساهُ، گهوريو گهور پنهون تان.
139. ڏکيءَ ڏِهو نهَ ڏَس، پاڻان جهَلُون پائيو!
لڳيم نائڪ نينهن جي، وهڻ مون نه وس
گنگن سندو گس، پُري پڇنديس جيڏيون.
140. ڏير ڏمرجي هليا، ڪا جا پيين من
ڏسي حال ڏکيءَ جو، ترس نه پيو تن
ڪيچ وڃي ڪاڪن، مانَ غورسي غريب جي.
141. اُٿي آڌيءَ رات جو، ويا پر ۾ پلاڻي
وٺي راه روان ٿيا، توڏن کي تاڻي
سک نه ساعت، شريف چئي، هوتن ريءَ هاڻي
منزلون ماڻي، پهچان مانَ پنهونءَ کي.
142. اُٿي آڌيءَ رات جو، ڪرها ڪاهيائون
ڇوري ڇڏيائون، رلائي روهن ۾.
143. اٿي آڌيءَ رات، ڪاهيائون ڪَرهن
ڇوري ڇڏيائون ڇپرين، رُلائي روهن
ڪهل ڪيچيئڙن، مُورِ نه ڪي معذور تي.
144. اُٿِي آڌيءَ رات جو، ڪاهيائون ڪنواٽ
آئُڙي پير اُٺن جا، وِهاڻِيءَ جو واٽَ
روئي راه رَندن تي، ڳوڙهن ڀريو ڳاٽَ
سڪَ ساٿين جي، شريف چئي، اُجهائي اُساٽ
مٿي جتن جاٽَ، ساه ڏيندي سسئي.
145. پيو جهوريءَ جندڙو، پهه پنهونءَ جي پور
ڏونگر لڳم ڏينهڙا، جتن جي ضرور
ڏيههُ پريان جو ڏور، سڏ نه ويجها سُپرين
146. اوٺي اڄ ڏمريا، پڻ ٿا پلاڻين
ساٿيڙا شريف چئي، مون کي ٿا مارين
جي جڏي جيارين، تان رهن رات ڀنڀور ۾.
147. اوٺي اڄ ڏمريا، هئي ٿا هوت وڃن
وڌم جيءُ جنجال ۾، پاڻان پرڏيهين
اديون آريچن، هنيين سان هاڃو ڪيو.
148. اوٺي اڄ ڏمريا، هئي ٿا هوت وڃن
اُڀي عاجزيون ڪري، سسئي سرواڻن
تان ڪو پلڪ پرين، ويهي گڏ گذاريان.
149. ڀينر! ناهه ڀنڀور ۾، ساڄنَ ڌاران سُکُ
ڪري هلنديس ڪيچَ ڏي، ڏونگر ٻيليِ ڏکُ
جن اُڪنڊَ جو اَهُکُ، وِهڻ تن وِه ٿيو.
150. ڀينر! ناهه ڀنڀورَ ۾، آريءَ ري آرامُ
ساڄنَ منهنجي سرتيون، دل کي پاتو دامُ
ڪري هوت حُڪامُ، هِينڙو زور هڻي ويو.
151. نڪو ڏسُ نه پارُ، نڪو پيرُ نه پيچرو
ڏسيو ڏونگر ڀؤ ٿئي، ڏکيءَ کي ڏهڪارَ
اَسونهيءَ آڌارُ، ساڻي ٿيندو سُڃ ۾.
152. مينهن وسي، ماڪ پئي، شال ليڙا ڪين لڀن
ترڪڻ ٿئي توڏن کي، جن مدي آهي من
تان ڪو پلڪ پرين، ويهي گڏ گذاريان.
153. جي جڏي جيءَ جبار، سي اڄ نه اوٺي اڱڻين
ڦوڙائي فقير سان، ويا ڏي وڻڪار
اکيون اُنهان ڌار، ماڳ نهاري موٽيون.
154. ٿيءُ سجاڳ سسئي، ڇڏي خواب خمار
جاڳ نماڻي ننڊ مان، ٻُڌ توڏن جي توار
هن ڪاهي ڪيچ قطار، تون آتڻ ۾ اوجهرين!
155. ڇڏ آتڻ ۽ آرٽ کي، ٻن پوڻيءَ جي پچار
ويا توکان ويسلي، ساٿيڙا سَوار
مٿن ناهه ميار، سک ستيئن تون سيج تي
[2].
156. ورهايائون وڳ، اوٺي ٿيا ڇُلُنگئين
ڪوه ڄاڻان ڪيڏي ويا، پنهونءَ سندا پڳ
مٺيس آءٌ مارڳ، هوءِ لتاڙي لنگهيا.
157. وڳ ورهائي واٽ، اوٺِي ٿيا ڇُلنگيُون
ڪن جو منهن مڪران ڏي، ڪن ڪاهيا ڪيچ ڪنواٽ
ليڙن جي لڙاٽ، پوندي وئي پٻ ڏي.
158. وڳ ورهائي واٽ، اوٺي ٿيا ڇُلنگِيون
سيڻن جي، شريف چئي، وڃي وٺج واٽ
جت لنگهيا ۾ جهاٽ، تون پُرندي وڃ پٺ ۾.
وائي 15.
مادر موت ملاق، هوت ملاق، هڏ مئيءَ جا ڪپيا
مادر هوت فراق! موت فراق!
سي مان ڏونگر ڏوريا، هاڙهي جن جي هاڪ
آريچا احسان سين، لڪ لنگهيا اولاڪ
هونديءَ رات هت ويا، ڇَڪ نه ڇَڪيا ڇاڪ
جيجان تن جتن جو عشق ناه مذاق
ساٿين ري، شريف چئي، چُڪيءَ چِڪيا چاڪ
وائي 16.
مون وٽ هوندا رات، رهندا رات، ٻاروچا ڀنڀور ۾
پنهون وٺي پاڻ سان، ويڙا ويڙهه ولات
چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، ڪهيا قاف قلات
ووڙينديس وڻڪار ۾، هيج وڃي حجرات
[3]
ساٿين جي، شريف چئي، تن ۾ آهي تات
وائي 17.
رائي پيين رات، پيين رات، منڌ ڀنڀوران نڪري
منان مور نه وسري، آرياڻي جي تات
آڌيءَ اُٿي اُسهيا، پڇيا مون پرڀات
[4]
آريچا اُٺن تي، آءٌ تان جڏڙي ذات
ساٿيڙا، شريف چئي، هوت لنگهيا هيرات
[5]
وائي 18.
لال هنيو لِوادر نعرو، ڏاڍو آهي، لقاپر نعرو
”از روءِ عتابت“ ۾ ڏيرن ڏيکارو
”نه از فراقا نيزگي“ سسئي اوسارو
”نيم شب رفتہ“ راهه ۾ ڪيو اوٺين اُمارو
”باز شدم بيدار من“، ڪيچ ويو ڪوهيارو
”ڪردم ناز نظاره ها“ آيل چون نا چارو
”گِريد روز رَود“ بره سر بارو
”بينم نيست بلوچ“ جو جبل جهُنگارو
”ما نَشنَيدم بگوشها“ هوتن هُنگارو
ڏسان هوت اکين سان، ووڙي وڻڪارو
ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، ڪنديس ڪيڏارو
وائي 19.
جيڏيون جانب جت، مون سان ڪِيَڙا جي پاهت
ڏسان شال اکين سان، چانگي تي چُنارَت
[6]
هَئي هَئي هنجهون هاريان، جيءَ تي جلاوت
بيٺي پڇائي پهيَڙا، خاتون خديجہ
پڙهيائين پاڻ هٿن سان، لکي جا عريضت
سسئي سنگهر پٽيين، ليڙي جي زيارت
پنهون برهمڻ گڏيو، آهي اشارت
آءٌ ڏورينديس ڏونگرين، ريلا روئي رت
اڳيان آريچن جي، دَوڙي تي دومِيَت
من فرياد آز فراق بَيني و بَينت
هاڙهي هوتاڻين جِي، سدا سونهي سٿ
پنهون وٺي ويا پاڻ سان، بروهي مَلِوَت
ڪڏهن ٿيندي، شريف چئي، مون سان ملاقت
وائي 20.
جيءَ ني جڙيو هار، جڙيو هار، پنهونءَ جي پاٻوه جو
ساجن سونهن ڀنڀور جي، ڇپر جو سينگار
مهر نه هوئي ماڻهئين، هو هڏ هندوڪار
سورن خاطر سرتيون، جَت ڪيڙم يار
چڙهيو ڏونگر چوٽئين، رويو پڇايان پار
ڏينهن تتو، جهولو، رَئي، مون ٿيو ميگهه ملار
سنجهي رات، شريف چئي، ڪيچي لنگهيو ڪوهيار
وائي 21.
پنهل پڄاڻان پوءِ، چُڪيءَ چاڪ چِڪي پيا
هيڏي شهر ڀنڀور ۾، ٻانڀڻ ڪِي هئي هوءِ
ڏاڍا پاهڻ پٽيون، ڏونگر ڏوريا جوءِ
ساه منهنجو، شريف چئي، روح رويو ٿو روءِ
|