سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :3

رب يسر                                        وتمم بالخير

سر سسئي

مشتمل بر پنج سراست

آبري، حسيني، بره، ڪوهياري، ديسي

 

1. مٿي ڀنڀور باه، ٻانڀڻ ٻاري ٻروچ لئي

نه اچڻ آريچن جو، نه جتن جي ساڃاءِ

تنهان پوءِ هَئي هاءِ، ٿي ڦوڙائي فراق جي.

 

2. لايو بخت ڀنڀور سان سندي ذات جتن

پنهونءَ آئي ساٿ سان ڪئا گل ڦل گولاڙن

واريا پاند ولين، آرياڻيءَ جي عشق ۾.

 

3. رات رانئيندي پرينءَ کي ڪيو اُٺن اولاڻو

وريو واءُ وصال جو، جهُولي جهُولاڻو

آري سيباڻو، سڄڻ ساه پساه ۾.

 

4. ٿئڙا لاسڱ لا، ٻاروچا ڀنڀور مان

ويا آرياڻي اُسهي سور چکائي ساء

اڳيان آلا گهاءَ، اڃان ڦٽ نه اُڀريا [1].

 

5. ڀنڀوران ٻهر ٿي اوٺي هليا گام

آندا هئائون آريءَ جا پنهونءَ ڏي پيغام

اُن جي ناتي نام، مادر! موهي آهيان.

 

6. آيل ٻاروچو، وساريان نه وسري

اکين آريڪو، هنيڙي ٻڌڻ هوت سان.

 

7. اَمڙ! اُماڻ مون، آيل اڄ ڀنڀور مان

سڀان ساري تون، متان روئين رت ڦڙا [2].

 

8. برهمڻ ڀنڀور مان هيڪليائي هلي

جانب ڪاڻ جبل ۾ جاڳايائين جلي

مٿي راه رلي، ساه ڏنائين صدقو.

 

9. برهمڻِ  ڀنڀور مان سسئي کنيا سور

”العِشق ناُراُللهِ اِذا وقَعَ“ ماريِ اِن مذڪور

جتن جي ضرور، ساه ڏنائين صدقو.

 

10. برهمڻِ ڀنڀور مان هلي آتڻ اُجهائي

پنهون ڪارڻ پٻ ۾ پانڌي پڇائي

سيڻن ڪاڻ، شريف چئي، ٻانڀڻ ٻاڏائي

وندر واجهائي، ساه ڏنائين صدقو.

 

11. برهمڻِ ڀنڀور مان ساٿي کنيو نه ساڻ

ساڄن ڳولي سڃ ۾ اڪيلي اڄاڻ

ڪهِي ڪيچين ڪاڻ، ساه ڏنائين صدقو.

 

12. برهمڻِ ڀنڀور مان کنيو سورن جو سامان

سيڻن لئي، شريف چئي، ٿي تَنگُن ۾ تابان

نئس نينهن نڌان، ساه ڏنائين صدقو.

 

13. برهمڻ ڀنڀور مان پره پلاڻيو پوءِ

سرتيون ۽ ساهيڙيون، آيل جهليو روءِ

جتن ڪارڻ جوءِ، ساه ڏنائين صدقو.

 

14. منڌ مرڻان پوءِ، سيج چڙهي سسئي

ڏوري ڏونگر جوءِ، سُتِي سنگهر پٽيين.

 

15. بَر ڏوري بيبانُ، سُتِي سنگهر پٽيين

سندو مُئيءَ مڪانُ، پنهونءَ پيرانديءَ ٿيو.

 

16. پورا ٿين پساه، آيل رُوندي لڪن ۾

مئي پڄاڻا راه، هڏ پهِ پڇندا هوت جي.

 

17. هي پاهڻ، هي پٽيون، هيءَ سسئي، هِي ڏينهن

ڏوريندي منجهه ڏونگرين مٿان وُٺس مينهن

ٻاروچاڻي نينهن، ڇيري وڌي ڇپرين.

 

18. چيلهه ٻڌيو چوٽيين چڙهي، جا روهن ڪِي روها

آڏا گڏيس آهُرا ڇپر ۾ ڇوها

ڊوهي اَٿان ڊوها، متان ڪو مان سين ڪري.

 

19. چڙهندي سر چوٽيين، ڏکيءَ ڏکيا هڏ

پهڻ پيرن گڏ، انگهن اڙيس اڱرا.

 

20. جَڏارَئِي جڏي، اديون آريچن ري

ڏيرن ڏمر پئي ڇوري ڇو ڇڏي

وڏپڻ منجهه وڏي، ملي بخت بلوچ کي.

 

21. آءٌ جڏارئي جتن ري، ڏهلا ڏينهن ٿيام

مادر مينهن وٺام، ڦوڙائي فراق جا.

 

22. جڏارئي جيان، جيجان تن جتن ري

ساٿين ڪاڻ، شريف چئي، راتو ڏينهن رئان

ٻين گهر وِيهان، مون هاريءَ هوت وڃائيو.

 

23. جڏائي جا جليل، ٻڌم موڙ هٿن سان

مادر! مون کي ماريو دردن جي دليل

ورجِ ويڙ وسيل، سورن ساڙي آهيان.

 

24. سنڌيون سور فراق، هڏ سڪيا هوت لئي

جيجان تن جتن ري، چڪيءَ چڪيا چاڪ

هاڙي جن جي هاڪ، سي مان ڏونگر ڏوريا.

 

25. ڪامڻ ڪوه ڪري، آريچا اڳي ويا

سسئي ٻاروچن ري اوري تان نه وري

پوري پنڌ پري، ڏوري مرندي ڏونگرين.

 

26. آهي نه اساريءَ کي آريءَ ري اساس

جتن ڪيو نه جيڏيون، ڪامڻ جو قياس

مرون کيندس ماس، هڏ هلندس هوت ڏي.

 

27. لڪيون ۽ لاريون، چاڙهيون آڏيون هوت کي

پنهون وٺي ويا پاڻ سان، مادر مون ماريون

ڪميڻيءَ آريون، اُميدون اصيل سان.

 

28. لَڪيون لاڪارا، پهڻ آڏا پٻ جا

چڙهيا ڏاڍين ڏونگرين، ڪافن ڪوهيارا

اکين اوتارا، پير پروڙڻ آئيا.

 

29. پاڻي ڳڙيو اکين مان، جهونو حال ٿيو

ويسليءَ وصال ري ڏسندي ڏينهن ويو

جُڪسُ سَڱ ڪيو، مون اَڄانديءَ هوت سين.

 

30. پاڻي ڳڙيو اکين مان، لُڙڪَ ڪري لارون

ساٿين سِڪ، شريف چئي، تن ڪيو تارون

جيئن مَيَنِ مهارون، تيئن مان جڙون هوت سين.

 

31. پاڻي ڳڙيو اکين مان جهونو ٿيو حَوال

پنهونءَ ساڻ وِصالُ، جُڪُسِ ٿيندم ڪونڪو.

 

32. فراقان وصال ٿيو، وصالان فراق

منهنجو چڪيو چاڪ، پنهونءَ پڄاڻا جيڏيون.

 

33. اوراٽي اکين کي لٽي لَٽَ نِيو

ڪو جو فَلَڪُ فراق جو پنهونءَ ساڻ پيو

معذور موت ٿيو، ٿڪيءَ ٿاٻا آئيا.

 

34. اکيون اوراٽي، جهوري جهڪ جهيڻيون ڪيون

آب اَرتي گاڏئون، ڇپن تان ڇاٽي

اُڀي اُوءُ آٽي، ساٿين لئي، شريف چئي.

 

35. جهوري جهڪ جهيڻي ڪئي، لُڪن لُوساٽِي

چڙهي چُنجين چوٽئين، سُري سُوراٽِي

لڳس ٻاڻ ٻروچ جو، گهاون گهوماٽي

جا آريءَ لئي آٽِي، تنهن ٿڪيءَ ٿاٻا آئيا.

 

36. جهوري جهڪ جهيڻي ڪي، ٿي نماڻي نابين

هاري جَرُ هيڻي ٿي هوتن لئي حزين

ڪيچي پَسي ڪين، ٿڪيءَ ٿاٻا آئيا. [3]

 

37. بِره باه ٻري، ٻانڀڻ سر ٻروچ جي

سُرڪ سور سري، هٿان هوتاڻن جي.

 

38. سسئيءَ  تان نه سَرِي، ٻانڀڻِ ٻاروچن ري

ويڙهين منجهه وري، ڏوري ٿي ڏونگرين.

 

39. اُٿيو آڌي رات جو جبل ڏي جهوتون

نِيرُ هاري نيڻن مان، آب ڪري اوتون

صاحب ربّ! سو تون، والي ور ورائيين.

 

40. اُٿيو آڌيءَ رات جو مٿي ڪوه ڪهي

ساٿي پڇي، شريف چئي، پانڌي ڪونه پَهي

روهن منجهه رهي، ٿيو رهبر راهه ۾.

 

41. اُٿيو آڌيءَ رات جو ڏونگر پسيو روءِ

تکا پهڻ پٻ ۾ جنهن کان جهلي لوءِ

موڙي اچان توءِ، تنهن ور ۾ ڇڏج وچ ۾.

 

42. سسئي تان نه سري، ٻانڀڻ ٻروچن ري

جهلِي تان نه وري، ويئي ويڙهن سامهون.

 

43. پُري تان پنڌ گهڻو، وهي تان ڪر وک

تاڻي منجهان تک، پيادي پنهونءَ ڏي.

 

44. پُري تان پنڌ گهڻو، وهي تان ويجهار

مٿي بوتن بار، ڪسي ڪيچي هليا.

 

45. پُري تان پنڌ گهڻو، وهي تان ]ان وٽ[

”ونَحن اَقرب اِلَيہ من حبل الوريد“ منڌ مار ڳ مٽ

سر جني سان سٽ، سيئي ڏسندينءَ ساٿ سين.

 

46. پُري تان پنڌ گهڻو، وهي تان وصال

اوڏي آهه اکين کان، سندو جت جمال

ڪهندي ٿئس ڪمال، پنهون ڏٺائين پاڻ ۾.

 

47. پنهون ڏٺائين پاڻ ۾، اوڏو کان ارواح

سورن ساڻ صلاح، سُکَ پريان تان صدقو.

 

48. پنهون ڏٺائين پاڻ ۾، ڪري پاڻ پري

سورن ري نه سري، سک پريان تان صدقو.

 

49. ڏکي ڏيهاڻي ڏک سين، ڏونگر وجهي ڏار

پڇي پٻ پهاڻ کان سندا پنهونءَ پار

ڪري بڪاءُ بَرن ۾ آريءَ لئي اوسار

سبب ساڻ ستار، پيادِي پهچائيين.

 

50. ڏکي ڏيهاڻي ڏک سان ڏونگر ٿي ڏاري

وڃيو وندر وٽ ۾ ٻانڀڻِ ٻاڪاري

رڻين رئاري، رويو روجهه رُڃن جا.

 

51. ڏکي ڏيهاڻي ڏک ۾، ڏونگر ٿي، ڏوري

پهڻ ڀڃيو پيرن سين، ڀترن جيئن ڀوري

ٿَڪي ڪنهن ٿوري، پيادي پهچائيين.

 

52. ڏکي ڏيهاڻي ڏک سين، ڏونگر پڇي ڏس

شترن جا، شريف چئي، گولي نهاري گس

واڪا ڪري وس، وڃيو وندر وٽ ۾.

 

53. وڃيو وندر وٽ ۾، زاريون ڪري زال

جيڏيون جت ڪري ويا ڪيچِي ساڻس ڪال

پسي هيڻيءَ حال، موٽن مانَ معذور تي.

 

54. مادر! مون کي ماريو سرتيون ساٿيڙن

اوجاڳو اکڙين، ڪالهون پوءِ لڪن ۾.


[1]  هن بيت کان پوءِ هيٺيون بيت متن ۾ لکيل آهي.

ڀنڀوران ٻهر ٿي، اوٺي هليا گام

وٺي واڳ پنهوءَ جي، وٽ ويا آريءَ ڄام

شاه گڏيا منجهه شام، پرين پهتا پاڻ ۾.

[2]  هن بيت کان اڳ متن ۾ ”شاهه جي رسالي“ جو هيٺيون بيت لکيل آهي:

آمڙ مون اُماڻ، ڀنڀوران ٻهر ٿي

مون ۽ تون رهاڻ، متان موٽي نه ٿيي.

[3]  هن بيت بعد ڪاتب هيٺيون بيت لکيو آهي، جو شاه جي رسالي جو آهي:

مُنڌ مَ مَنهِن ويہ، اُٿي اوسِرُ اُسَ ۾

سسئي تو جي سيڻ ڪيا ڏور جنين جو ڏيهه

پاڙي پاڙي پيہ، وَت پُڇندي پرينءَ لئي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org