سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :20

ضميمو 1.

ڪلام عبدالقدوس شاه

سرسسئي

1.                  سک ستينءَ تون سيج تي، بيخود ٿي بيباڪ

ڪشيندي، قدوس چئي، ڪڙئا ٿي قزاق

غافل هئين غفلت ۾، ڪيئي نومَ نفاق

تيلانهن چيٺئين چاڪ، جيلانهن خوش خفتينءَ سسئي.

 

2.                 هلو هلو جيڏيون، مون سان پير ڀريو

ڳڻيو ڳڻ پنهونءَ جا، وڃي دل ڳريو

سک سڱيڻيون سرتيون، وڃن پوءِ وريو

آڙه آتش عشق جو، ٻانڀڻ سر ٻريو

جني سوز سريو، سي ڏورين قاف قدوس چئي.

 

3.                 نه دلداري، نه دلاسو، نه ورونهن جي وائي

سرتيون نه سورن ۾ برهمڻ سان ڀائي

سوز سٻيلي سسئي، جڏهانڪر ڄائي

ڏک سان عمر آئي، ڪامڻ کي، قدوس چئي.

 

4.                 نه دلداري، نه دلاسو، نه ساڄن جي سونهن

ڪُٺل سان ڪونه ڪري، وره جي وِروُنهَن

عشق کي اَسُونهَن، وٺيو ويٺي وِجهُلي.

 

5.                 نه دلاسو نه دوس، نڪا وائي ورونهن جي

عشق ۽ افسوس، وٺيو ويٺي وندري.

 

6.                 سور نه ٻيلياڻيون، ڪنهن کي سور سلان

سانڍيو پنهنجي ساهه ۾، اندر جان جلان

ڪيچين پٺيءَ، قدوس چئي، کڻيو حُزن هلان

جي محبن کي ملان، ته اُن سان ويهي اوريان.

سر کنڀات

7.                 هلندي حبيبن ڏي، ڪرها موڙ مَ ڪنڌُ

ڪہُ ته پهچين، قدوس چئي، راه سڃاڻي رند

پري ناهي پنڌ، سڪڻ سچائيءَ کي.

سُر بروو

8.                 هِينڙو حڪومت رکي، نيوئي ظالم ساڻُ زوري

هڏ نه سَرِي سُپرين، مون کي تِرُ توري

اچو پرين اوري، نه ته ڦُري دل ڦيري ڏِهو.

 

9.                 هنيڙو ڪيائون هَٿِ، حاڪِم جيئن حڪم رکي

نِيو ڏاڍي زور سان، پِرينِ ڀليءَ ڀَتِ

قادرُ پائي، قدوس چئي، ڪا ساڄن مَنِ سُپَتِ

جيئن پرچي ڪنهن پَهتِ، اچي اڱڻ اُڪنڊِئين.

 

10.             قاصد قريبن کي، هيئن چئج وڃي هيرَ

ويٺي نِتِ نهاريان، ساڄن تنهنجا سيرِ

پائج اڱڻِ پيرِ، سَرِچي سِڪاين جي.

 

11.              قاصد چئج قريب کي، پانڌي ڪري پنڌُ

ويٺي نِتُ نهاريان، راهَ اوهان جو رَند

اچو اڱڻِ اُڪنڊيءَ جي، ته لَهي ڦوڙائي ڦَندُ

ڪاٽي رکان ڪنڌُ، قدمن اڳيان، قدوس چئي.

 

12.             قاصد چئج قريب کي، سنيهو ساري

هڻي ڪات قرب جو، ويٺين وساري

ڪَر نه لڌئي، قدوس چئي، مُٺيءَ کي ماري

دِلڙي ڌُتاري، پوءِ پڇا تو ڪانه ڪِي.

 

13.             قاصد قريبن کي، چڱيءَ ڀَتِ چئيجِ

پيرين رکي هٿڙا، زارِي ڪا ڪريجِ

الله لڳ اچيجِ، ته ڏِسي لاهيان ڏکڙا.

 

14.             قاصد چئج قريب کي سمجهي ساڻ صلاحَ

پرين تنهن جي پار ڏي، نيڻن جي نگاههَ

جي اچين لڳ اللهَ، ته سِر گهوري صدقو ڏيان.

 

15. اَچين جي عجيبَ پرين، مون وٽ محب ميان

ته قدمن تان، قدوس چئي، صدقو ساه ڏيان

جاسينءَ هُوندَ جيان، تاسينءِ ٻُڏا ٻاِنهيُنِ جئن ڪريان.

 

16. هوئين هميشہ پرين، شال مان وٽ محب ميان

پَسيو پيشاني تنهنجي، جانب ٿي جيان

ڏِسِيو روز ڏِيان، قربانيون قدوس چئي.

 

17. پل پاسي نه ٿيين، مون کان محب ميان

قلب دل، قدوس چئي، ڪيوئي هٿ هنيان

ڪنهن در دانهن ڏيان، ساڄن تنهنجي سور جي.

 

18. پاڪَ پيشاني پرينءَ جي، آهه سِجاڻي سُورَ

منهن مثل مصحف جي، نيڻ نورا نُور

ڪاڪُل تن ڪلور، ڪاف قرآني ، قدوس چئي.

 

19. پاڪ پيشاني پرينءِ جي، آهِ قرآني ڪتابُ

نيو نمازِنيّتئان، تنهن صورت ڏانهن ثوابُ

پسِي منهن محرابُ، سِرُ نائي سجدو ڏيان.

 

20. ڪاڪُلَ قريبن جا، ڪر ميگهه مندائتو مينهن

چشمن مون کي چُور ڪِيو، اُن جا نيڻ نسورو نينهن

عشق ڪيهر شِينهن، وڙهي ويچارن سان.

 

21. ماريين مشتاقن کي، ٿو ساڄن سراسر

توکي تير تراريون، آهن اکين جي اندر

هڻين ڪان، قدوس چئي، وس نيڻن جي نظر

دانهن ڪنهين جي در، تهنجي ڏيان ڏاڍاين جي.

 

22. هينڙو هٿ ڪيو، قريبن، قدوس چئي

ڪو جو پيچ پريت جو، پرين ساڻ پيو

وسان مون ويو، پليان پليو نه رهي.

 

23. هنيڙو ڪيو هٿِ، قريبن قدوس چئي

ريبيائون روح کي، ڀيري تنهن ڪنهن ڀَتِ

مور نه کڻي متِ، پليان پليو نه رهي.

 

24. پليان پليو نه رهي، هنيڙو آم حيرانُ

وتي ٿيو ويران، بنا ديکڻ دوست جي.

 

25. پليان پليو نه رهي، قلب کان قريب

جو هِريو ساڻ حبيب، سو ڪيئن سرچي عام سان.

 

26. پليان پليو پرين کان، پلُ نه روح رهي

صبر نه ساه سهي، دل درماندي دوست ري.

 

27.    مان ڏي محبوبن ڪئي، کڻي نيڻ نگاه

اندر جِيءَ جراح، تن خمارن خوب ڪيا.

 

28.    نيڻ کنيائون ناز ڪري، فهم ڏاڍي سان فن

بڇيائون بره جا، تير تُفنگي تن

منجهه هنيائون من، قهري ڪان، قدوس چئي.

سر راڻو

 29. سڻيو هاڪ حسن جي، آديسي اچن

منجهان ڪاڪ، قدوس چئي، پيو پڪ پچن

ڪيف ڪڪوريا ڪاپڙي، سَري سرڪ سچن [1]

راڻا اُت رچن، لکين لڊاڻي ڪنڌيين.

 

30. سڻي هاڪ حسن جي، راڻن لايا رند

ڪاڪ پيئندي، قدوس چئي، موهيا ڪنهين مند

ٻڌا ٻهڳڻ ٻاڻ ۾، فڪر ڏاڍي فند

بره پئن بند، ناز نهوڙيا نينهن جي.

 

31. چئج پيغامو پرينءَ کي، ساٿي هيءُ سوال

راڻا تو ريءَ راڄ ۾، ڪامل ڀانيان ڪال

ڪاپڙي، قدوس چئي، ڀير ڪرهو ڪو ڀال

ههڙو ڏسي حال، رسڻ رهائي ڪينڪي.

 

32.    چئج پيغامو پرينءَ کي، ساٿي هيءُ ساري

سوڍا توريءَ سپرين، گهنگهر ڏينهن گهاري

قول پنهنجا، قدوس چئي، پيارا آءٌ پاري

ويهه مَ وساري، رسڻ رهائي ڪينڪي.

 

33.    چئج پيغام پرينءَ کي، پانڌي پير ڌري

راڻا تو ريءَ راڄ ۾، ساعت تان نه سري

ڪنڌيءَ ڪاڪ، قدوس چئي، ساريو منڌ مري

اچج وڙ ڪري، رسڻ رهائي ڪينڪي.

 

34.    مومل ويٺي محل ۾، پڇي جوڳيءَ ذات

سوڍي سندي سونهن جي، تن ۾ آهس تات

وڃي وهامي ورونهن ۾، ريجهه راڻي جي رات

ڏيئي ويس ڏات، محبت سندي مينڌرو.

 

35.    چئج پيغامو پرينءَ کي، ساٿي هيءُ سلام

سوڍا تنهنجي سڪ جو اٿم ڪاڙهو قيام

ور گوليءَ جي گام، رسڻ رهائي ڪينڪي.

 

36.    پرتئون چئج پرينءَ کي، پانڌي هيءُ پيام

مڪو مان ڏي ڪونڪو، سوڍا تو سلام

پارج پنهنجو سپرين، اچڻ جو انجام

مينڌرا مدام، ويٺي وجهلان وره ۾.

سر سارنگ

41. آئي مند مينهن جي، ٿيا ميگهه ملهار

وسن ولاتن تي، وڄون ڌاروڌار

ڪي مڪي مديني مقدس تي، ڪن ڪيا ڪربلا قرار

ڪي مشهد، مصر، ملتان تي، ڪي برسن تي بخار

ڪي ايران، استنبول تي، ڪي وسن ڪيچ قنڌار

ڪن لڙ وهايو لَس تان، ڪن ڪاهيو ڪيچ ڪنار

ڪي گرنار ۽ گجرات تي، ڪن ڪيا عمرڪوٽ انڌار

ڪي ٿر، ڍٽ، ملير تي، ڪن وارو ڏنو ولهار

ڪي سٽي سري ويئيون، ڪن لڌي سنڌ جي سار

ڪن گڙي گنباليءَ تي، برسي ڪيا بهار

سکيا سڀ سنگهار، قادر ڪيا قدوس چئي.

سر آسا

42. ڏَسُ م ڏکين کي ڏس، عقل ۽ ادب جو

چُئڻ چوڻان لنگهيون، اکيون ٿيون اوس

پريان جي پهس، اڙيون اُهکي هنڌ سان.

 

43. اڙيون اُهکي هنڌ سان، اکيون بي اختيار

ڪاهيو وڃن، قدوس چئي، پلپل، پِريان پار

ڪن ڪُسَڻَ جي ڪارِ، سانگو ڪن نه ساه جو.

 

44. ديدن پنهنجي ڌيان، پاڻهي ڪيو پاڻ سان

اَڳَڏَ عجيبن جي، آهِ اڻانگي اَرڪانِ

جيءَ ڏني ۽ جان، هٿ نه اچي ڳالهڙي.

 

45. اکين پنهنجي خيال، پاڻهي ڪيو پاڻ سان

سِرَ تي سودو نه ٿئي، آه اڻانگو احوال

وڌائون جوپ جنجال، پاڻ سوڌو پساهه کي.

 

46. اکيون پنهنجي پنڌ، پاڻهي ڪيو پاڻ سان

جوکي جيءَ جان جي، هلي وييون هنڌ

سسيءَ جي سَنڌ، ڪسنديون، قدوس چئي.

 

47. اکيون پنهنجي هوش، وڃي پَهيون پرينءَ سان

قريباڻا، قدوس چئي، ديدَ ڏٺائون دوش

نيڻن تن نهوڙيون، پييون جلن جوش

گهڙي ٿين نه گوش، پاسي پل پرينءَ کان.

 

48. اکيون پنهنجي ڄاڻ، وڃي پهيون پرينءَ سان

پَرَ ڏانهن پسن ڪينڪي، سرچيون ساڄن ساڻ

جي ڏسڻ کان ڏور پرين، ته په ڪتر پيين ڪاڻ

راتو ڏينهن رهاڻ، آهين عجيب سان.

سر مارئي

49. عمر ڪر مَ ڌاڙو، زوريون ضعيفن سان

اجهي تنهنجي اڏيو، پنوهارن پاڙو

ڇڏ چائت ۽ چاڙو، سٻر ٿيءُ نه سومرا.

 

50. زوريون تان نه ڪجن، عمر اصيلن سان

مارو مرم مامري، کاهڙ منجهه کِجن

ڪاهل اوءِ، قدوس چئي، تنهنجي ڊاءِ ڊڄن

موڪلون ڏجن، سيلِي تن کي سومرا.

 

51. مارو ملڪ ملير مان، سَٽاڻا سانگي

ڪنهن ڏوراڻِيءَ ڏس تي، جيڪس ويا جهانگي

وٽان تن وانگي، ڪو نه اچي ڪو، قدوس چئي.

 

52. راڄا راڄ وڃڻ جي، موڪل ڏينم ميان

سرتين ۽ ساڻيہ ري، هتي جاڙ جيان

پاڻي پاڪ پيان، وڃي مينهاڻو ملير ۾.

 

ضميمو 2.

ڪلام فقير صاحب ميان فتح محمد فقير

(الف) بيت

سر سسئي

1.                  پينگهن منجهه پئام، ٻنڌڻ ٻاروچن جا

لوڏي منجهه لڌام، ماءَ جتن جا ميهڻا.

 

2.                 پينگهن منجهه پئام، ٻنڌڻ ٻاروچن جا

سورن سندا سِهرا، مادر موڙ ٻڌام

نينهن نپايس جيڏيون، مائٽَ وسريام

پڇڻُ پيرَ پيام، اديون آريچن جا.

 

3.                 ڪٿي ڄائي سسئي، ڪٿي پُنس ڏينهن

مٿان وٺس مينهن، فتح! سور فراق جا.

 

4.                 روئي پڇي رند راه، آيل ٻاروچن جا

ڪئس فراق، فتح چئي، جگرن منجهه جراح

پنهونءَ لئي پساه، ڏيئي مرندي ڏونگرين.

 

5.                 مون جيئن مُٺينءَ نه ماءُ، تيلاهين طعنا ڏئين

ويو ٻاروچو نڪري، سور چکائي ساءُ

فتح چئي، فراق جو، ڪونه چکيئي ڪهڪاءُ

ٻاروچي جوگهاءُ، چيٺيان چڱو نه ٿئي.

 

6.                 بره بار بندي، سورن ماري سسئي

ڳالهيون ڳجهه اندر جون، ڪيچين ساڻ ڪندي

مارِي فرا، فتح چئي، رندن تي رَوَندي

ملِي تان ملندي، نه ته پهِ گهوري ٻاروچن تان.

 

7.                 قُم ڪامڻ قريب لئي، ور ووڙيندي وت

شب روز شڪستي شوق پنهون جي، راه روئي ڪج رت

سخت لنگهينديءَ سسئي، پٻ پاهڻ پَروَت

لهندءِ فراق، فتح چئي، ٿينديئه سانگين ساڻ سنگت

جانب گڏبئي جت، ڏسندينءَ ويندءِ ڏکڙا.

 

8.                 جِيَڙو تان جتن، گهورون گهوري سسئي 

پانڌي ڄام پنهونءَ جا، ڪارون ڪري تن

ڦٽِي دل، فتح چئي، ڪٺي ڪيچيڙن

ڪيچ وڃي ڪاڪن، متان بي شڪري ڀنڀور جي.

 

9.                 هلو هلون حال، پسون پٻ پنهونءَ جا

روئي ڪنديس رت سان، لڪ مڙيئي لاءِ

موهيس ڪنهن نه مال، محبت وڌيس مامري.

 

10.             ڪٺيس ڪوهياري، جاڙ جيان ٿي جيڏيون

مادر وڌيس مچ ۾، ٻاروچي ٻاري

مُيون جو ماري، سو مون گوندر گڏيو.

 

11.              ڪٺيس ڪوهيارا، سڱ تنهنجي سپرين

ڦاٽي لڱ فقير جا، ڪڙهي ٿيا ڪارا

ورونهڻ وارا، وڃن جت جڏي ڪيو.

 

12. وساريان نه وَسان، وسان نه وسرن [2]

فتح چوءِ، فراق جي، جيءَ ڄر لاتي جن

جئري ساڻ جتن، منڌ مئان پوءِ مائٽي.

 

13.    جان ڄائي سسئي، تان سامهون سور ٿياس

تني اولي اول ۾، سڳا جي سنداس

ڌوٻين ڌاري ڀانئيي، ڪڙهيا نه ڪيڻاس

پريٽن جي پاس، هئي سانگائتي سسئي.

 

14.    بُرو بگيرد بام بليخا، جن جي مون نه پروڙي مام

’ٿو گشي ما گشتگان‘، ڇلي ڇپر لام

سرن جن جي سام، ’دراه دراه‘ ڪن سي.

 

15.             ’دراه دراه‘ ڪن، ’فاذا‘ فتح سين ويا

بي وفا بلوچ ٿيا، رس نه رهايو تن

سسئي لئي سيڻن، ڇولون ڏيندي ڇپرين.

سر ڪلياڻ

16.             مٿي در دربان، ڪوڙين لکين ڪيترا

جت نظارا نيشان، اُت اگهاڙي ڪانه وڃي [3].

 

سر راڳ

17.             معلم مهربان، معلوم منهنجون خبرون

سالم جهليو سير تي، سوگهو جهل سکان

فضل ساڻ، فتح چئي، لنگهؤ تن طوفان

]عدل سان احسان، وڃي[ عدن اوهريا.

سر مارئي

18.             ڇيڪاريو ڇنن ۾، پهرائينِ پهون

سچي صلواة رسول تي، ڪلمون پاڪ ڪهون

ميان سندي ملڪ ۾، ڪيو راڄ رهون

فاقي ۾، فتح چئي، ٿئم ڏينهن ڏهون

اڃا آس اٿئون، ويڙ وڃڻ جي سومرا.

 

19.             مارن ي منهن ڪاڻ، آءٌ ٿي سڪان سومرا

ڦوڙائي جا، فتح چئي، هٿ لڳاس هاڻ

نيئي راڄ رساڻ، متان ماڙين ۾ مري رهان.


[1]  يعني: تنهن ڪيف ڪڪوريا ڪاپڙي، جا سري سرڪ سچن.

[2]  اصل. ’وساريا نه وسرن‘.

[3]  اصل، اکاڙي.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org