سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :22

سسئي

[11]

ٿلهه: جيڏيون ساڻ جتن، وري نئون نيهڙو لايو مون

 

1.                    روئي روئي پاڻ پرين لئي، نديون ڪيون نيڻن

وندر مينهن وسايو مون

 

2.                   آءٌ اصل کان آهيان، ٻانهي ٻاروچن

ناتر نام سڏايو مون

 

3.                   هوند نه وڇڙيو قافلو، سندو ڪوهيارن

روئي هوت رهايو مون

 

4.                   فتح چوي فضل سان، پئي من ٻاجهه پرين

پنهل پاڻ پسايو مون

[12]

ٿلهه: اديون آرياڻي سان، عشق جو پيچ پنهل سان مون پاتو

 

1. ڳالهه سڀائي وس کان ويئي، پاڻ وڃايم هٿان مون پيئي

نينهن نباهج ناتو

 

2. جوش جڏي ڪئي جان جواني، جتن نه ڏٺو منهنجو جانب جاني

اڱڻ عجيب اوراتو

 

3. ڪٺل ڪنهين سان ڪين ڪڇي ٿي، پار پنهل جا روز پڇي ٿي

ڏونگر آهي ڪل ڪاتو

 

4. فتح فراق جتن جو جن کي، تير لڳو آهي تن منجهه تن کي

ساجن جو به سجهاتو

[13]

ٿلهه: پاڻ لڳو اچي ٻاروچي جو، تنهن لئي ٿيس نماڻي لو!

 

1. آئين چريءَ کي ڇوٿيون چوريو، ماڻا ڏيئي مونکي نه موڙيو

آن نه ڏٺو آرياڻي لو!

 

2. اچي سڻو منهنجي ڳالهه سهيليون، آئين جي وتو ٿيون سڀ اَلبيليون

سورن ڪيس سياڻي

 

3. گهوري ڏينديس هي سر گهوريو، ڄام پنهل لئي ڪنديس پورهيو

وندر منجهه وڪاڻي لو!

 

4. فتح! فراق پرين جو فاقو، ووڙ وجهنديس ڪنديس واڪو

خان پنهل لئي کاڻي لو!

[14]

ٿلهه: وڃو سڀئي وري، مئيءَ جو محب نه موٽيو

 

1.      جتن ڌاران جيڏيون، ٿيم ڀنڀور ڀري

2.     ڪانه هلندي ڪيچ ڏي، ساهيڙين سري

3.     ڏونگر سي ڏورينديون، ٻنڀان جن ٻري

4.     فتح چوي فراق ۾، چاڪن ڪيس چري

[15]

گهوريو ڏمر انهنجو ڏيرا، رهو رات ڀنڀور ۾

 

1.      بدُوئاڻي ٿي بر ۾، جلائيندس جيرا

2.     فتح چوي، فراق ۾، هيءَ نه وڃڻ ويرا

[16]

زاري اي زاري سا زاري، الو ڀلو ٻاروچي ساڻ

آءٌ ڪنديس زاري

 

1.           ڪري ڪوهيارو هليو، مان سان قيامت ڪاري

2.          مانَ وِرمن وچ ۾، اولاڻي آري

3.          فتح چوي، فراق جي باه ٻاروچل ٻاري

وائي 4.

موٽ مُٺي جا يارَ، ڀيرو ڪج ڀنڀور تي

1.      ڪانگن ڪانگورو ڪيو، چُڪِيءَ کي چوڌاري

2.     فتح چوي، فراق جا چاڪ چڪيا چوڌارُ

[17]

ٿلهه: موٽن جي مت ڪامَ ڏيو مون، ساجن نماڻي ساريو لا

1. جهوريءَ جهوريس ڪيم جهليومون، پاڙي واريون ڪيم پليو مون

ڪج قضا ڪم ڪاريو لا

 

2. خانن کان ننڊ مون کي کاريو، هئي هئي توڏن ڪين تنواريو

ويندڙ هوت ته واريو لا

 

3. روهه رڱينديس رت سان روئي، ’فتح‘ فراق ٿي ڀانئيان

ٻاروچل مچ ٻاريو لا

[18]

ٿل: تن سهڻن سڄڻن ڪاڻ، آيل! آءٌ تان بر ڀنڀور ٿي ڀانئيان

1.      بت ڇڏيائون بر ۾، ساهه وٺي ويا ساڻ

2.     مون ڀانيو ته هميشہ هوندا، پر ماڳهن هئا مهماڻ

3.     ماريس سور سڄڻ جي جيڏيون! لالڻ جي لاڏاڻ

4.     فتح چئي فراق جي، رتي هئي ڪا رهاڻ

[19]

ٿلهه: دوست جو، آيل ڙي! جانسين جيئنديس در نه مٽينديس

1.      مئي پڄاڻو مامرو، ڪنهن سان ڪونه ڪنديس

2.     سنديون سورن ڳالهيون، سڄڻ کي سلينديس

3.     چڙهي ڏونگر چوٽيين، پير پنهل پڄنديس

4.     فتح چوي فراق ۾، جوشن ۾ جلنديس

]20[

ٿلهه: ٻاروچي جي ڪاڻ، ٿينديس جبل جوڳياڻي

1. آءٌ اڪنڊي آهيان، الله ساجن آڻ

نالي جنهن جي ڪيس نماڻي

 

2.            نهارينديسنڪري، ٻاروچي لاڏاڻ

پنهون تنهنجي نالي وڪاڻي

 

3.            اديون آريءَ ڄام جي، ڪيم عشق اڄاڻ

ڄاڻ وڃايم ڄاڻ سڃاڻي

 

4.            فتح چوي فراق ۾، روئان ساري رهاڻ

اديون آن نه ڏٺو آرياڻي

[21]

ٿلهه: مون کي جوش جتائو آهي جار

1.      دعا ڪريو ڙي جيڏيون، آءٌ پسان پنهل جو پار

2.     هاڙهو ڳولينديس هوت لئي، وندر جي وڻڪار

3.     آيو ٻاروچو، عيد ٿي، دلبر سو دلدار

4.     ”فتح“ چئي فراق مان، ڪانڌ ڏسان ڪوهيار

[22]

ٿلهه: تنهن ٻاروچل تان گهوري، گهوري جيئڙو ٿي گهوريان

1.                    روئي رڱينديس رت سان، ساڻ چُراڪن چوري

چوري لڳڙي چوري

 

2.                   پنهل وٺي ويا پاڻ سان، جت ڪري وئڙم زوري

زوري لڳڙي زوري

 

3.                   آءٌ تان پنهنجي پنهل جي، ڏونگر ٿينديس ڏوري

ڏوري لڳڙي ڏوري

 

4.                   فتح چئي فراق ۾، ويو لالڻ لائي لوري

لوري لڳڙي لوري

[23]

ٿلهه: تو ڌاران جيءَ جاني، نينهن ڪنهن سان وري لايان

1.                    ملهه خريد جتن جي آهيان، ٻاروچل تنهنجي ٻانهي

سينو تو سان ڪهڙو ساهيان

 

2.                   اکيون اکين سامهيون، هڻن ڪجل جي ڪاني

بت پنهنجو ڪيئن بچايان

 

3.                   ڏيهه ڏوريم ڏونگرين، ڪونه ڏٺم تنهنجو ثاني

روح جنهن سان وندرايان

 

4.                   فتح ڦٽ فراق جي، ڦٽي ڪيڙس فاني

چاڪ سيئي ٿي چڪايان

[24]

ٿلهه: ڪاڪيون ناهي قرار، دلبر ٻاجهئون دل کي

1.      ماري ٿو معذور کي، عشق سندو آزار

2.     آن ڪو ڏٺو جيڏيون، ڪٺل جو ڪوهيار

3.     سورن ڪاڻ سرتيون، جت ڪيڙم يار

4.     ”فتح“ چوي فراق ۾، چاڪ چڪيا چوڌار

[25]

ٿلهه: مون تي ٻاجهه ٻاروچا ڪن، جيئڙو سڪي لاءِ جن

1.               جڙون منهنجي جان تي، هڻيو هوت جي

اُکيڙي انبورن سان، ورچيو ويڄ وڃن

 

2.              عادت عجيبن جي، ڪنهن تي ڪهل نه ڪن

ماريو مشتاقن کي پٽيون پاڻ ٻڌن

 

3.              مون جئن پيون مامري، پنهل ڄام پڇن

کوءِ جيڻ جيڏيون، پڄاڻا پرين

 

4.              فتح سوز فراق جا، مر ٿا چاڪ چڪن

دونهان منهنجي دل تي، دُکايا دوستن

[26]

ٿلهه: ڇپر نهاري، هنجون هاري، هوتن لاءِ ڪري هئي هاءِ!

1.                    ڪيچين لاءِ ڪوڪاري، وڻ ٽڻ ماڻهو روز رئاري

ڪاف چڙهيو ڪوهياري لاءِ

 

2.                   ڏونگر ساڻ هيم ڪا ڏيٺي، ڇلي ڇپر ۾ آهيان پيٺي

وڻ وڻ ويٺي مينهن وساءِ

 

3.                                        عرض پرينءَ کي چونديس روئي، آءٌ ته پنهل جي پاڻيءَ ڍوئي

ساهه وڪيو مون ساجن ساءِ

 

4.                   قمست ساڻ قضا هت آندي، فتح فراق هئي منڌ ماندي

وَرَ جي لاءِ ويٺي واجهاءِ

[27]

تنهن ڪوهياري کي ڪهل پوي، جنهن جي ڏونگر آهيان ڏوري

1.      روئي رڱينديس رت سان، ساڻ چُئاڪَن چوري

2.     جانبُ منهنجي جيءَ سان لائي ويڙو لوري

3.     آهيان گهوري هوت جي، ماڙهو چُونم ڀوري

4.     فتح چئي، فراق جي، هنئڙي اندر هورِي

[28]

ٿلهه: نينهن سڄڻ جي ڪيس نماڻي، ڏاتر شال ڏيکاريندو

1. ورهه وڍي ڪئي دل ويڳاڻي، سالڪ مئيءَ جو مرض سڃاڻي

آيو آزار اُتاريندو

 

2. اڄ اجهو منهنجو آري آيو، هوت پنهل سان ملڻ جو سعيو

قول پنهل اچي پاريندو

 

3. آءٌ آهيان عيبن هاڻي، پنهل ايندو پاڻ سڃاڻي

آري ننگ اُجاريندو

 

4. فتح! فراق برهه جو باري، ساجن چڙهيو ٿيو شڪاري

محبت واريون ماريندو

[29]

ٿلهه: جت موٽي جنهن مت، سامت مونکي نه آئي

1.      ويهي آتڻ وچ ۾، ڳالهه ڪريان ڪهڙي ڳت

2.     چرخو چندن عاج جو، ڀيريان ڪهڙيءَ ڀت

3.     پنهل ساڻ پريت جي، پوري ٿئي مون پت

4.     ’فتح‘ چئي فراق ۾، رئان ويٺي رت.

[30]

ٿلهه: ور ٻاروچا ور، تولئي ڏوريان ڏونگر

نينهن نماڻيءَ کي ماريو

1.      اڃان کڻنديس ڪينڪي، تنهنجو خان پٿر

2.     ڪنديس ڪوهياري لئي، هاڙهي منجهه حشر

3.     آيو ٻاروچل عيد ٿي، درد ڪندو دلبر

4.     فتح چوي فراق ۾، جوش وهايم جر

[31]

ٿلهه: آيو منهنجو پنهل پاڳارو، جڙيو منهنجو سيد سوڀارو

1.               اڀريو ڏٺم جيڏيون، طرف تنهين تارو

ويٺو واٽون وندري، هينئڙو ويچارو

 

2.              راتيان ڏينهان رڃ ۾، ڳارڻ ٿيم ڳارو

جبل مئيءَ جي جوش کان ڪڙهي ٿيو ڪارو

 

3.              اٿم آريءَ ڄام جو، من ۾ مونجهارو

جيڏيون ڀنڀور جتن ريءَ سڃ ڀايان سارو

 

4.              ڏاڍي ذات جتن جي، چوڻ ناهي چارو

تنهن لاءِ فتح فراق ۾ ورهه ڪيو وارو

ذات ۽ صفات

[32]

ٿلهه: ذات صفت صورت، آهي اهو اُهائي

1.                    ”اَلانِسَانُ سِرّي وَاَنَا سِرهّ“ صوفي صفا سڻائي

2.                   ”فَاَينَما تَوَلُّوا“ هر جا خدا خدائي

3.                   ”وَهو بکلِّ شيءِ مُحِيط“ واحد وَڏِي وَڏائي

4.                   پرين ڏٺوسون پاڻ ۾، ڪونهي ٻيو ٻيائي

5.                    ويو فراق فتح چوي، جيئري لٿي جدا

[33]

ٿلهه: اهڙو ستم سهايئي، ٿورو لکن جو لايئي

1. ”جرجيس“ کي جفا ڏيئي، ”يحيٰ“ قتل ڪرايئي

وجهي زور ”زڪريا“ کي، منجهه ڪرٽ جي چيرايئي

 

2. ”شہ حسن“ کي ذهر ڏيئي، ”شاهه حسين“ رڻ ڪهايئي

وڌئي ڪوڪ ڪربلا ۾، کنو عشق جو کنوايئي

 

3. ”عطار“ کي عشق جو، پيالو تو پر پياريئي

”صوفي“ جو سر وڍي ڪري نيزي اتي چڙهايئي

 

4. فتح چئي فرهاد کي، ڪنهن گهمر منجهه گهمايئي

سيفل، سعد، مجنون، رانجهڻ رڻ رلايئي

(د) مداحون

[1]

 سارهه ڪر سندي سبحان

جوڙيا جَل جبار جهان

عرش، زمينون، ماڳ، مڪان

جِن، مَلڪَ، عالم امڪان

جوڙيا هَڙده هزار حنان

عجب عجائب مهر منان

آگي پيدا ڪيا انسان

شرف نبيءَ جي موجب شان

فضل پنهنجي سان فرقان

نازل ڪيو تنهن نور نشان

رب رضائون رکيون رحمان

اهڙا آگي جا احسان

صاحب صحابي سرت سجان

قادر ڪوڏايا منجهه قرآن

جيءَ جُسا ڪيا تن قربان

چارئي دين سندا دربان

چارئي سخاوت جا سلطان

چارئي عارف سين ايمان

بغض رکين ڇو بي ايمان

احمق پوين منجهه ارمان

شڪ رکين ڇاکي شيطان

نيش ڀڄندءِ اي نادان!

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

مرسل، ماهه، صحابي تارا

سونهن صحابي سٿ سونهارا

چارئي جهيڙي جا جُونجهارا

چارئي وير ولايت وارا

چارئي قُوّت منجهه قرار

عرش، زمين سندن اوتارا

بغض رکين ڇو هيا هچارا

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

جئن چنڊ چانڊوڻي منجهه تارن

تئن گوهر سونهي سين گلزارن

امر سچي جو مڃيو سچارن

ڪهل نه ڪيائون مٿي ڪفارن

ڪافر تالان ڪيا قرارن

چئو چئو مدح سندي موچارن

سارهه ڪر سندي سونهارن

رک يقين دل ڏونهه يارن

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

چئني مُلڪ ڪيو معمور

چئني تي ٿيو نازل نور

چارئي ظاهر ٿيا ظهور

چارئي موليٰ ڪيا مشهور

گلا ڪندڙ ٿيو غرقور

رليو رافض رَڪَّ رَنجور

خارج خائن لُنڊ لنگور

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

چارئي گوهر گرامي

چئني سان هو حضرت حامي

چارئي مجلس منجهه مدامي

چئني عالم ڪيو آرامي

چئني ڪافر ڪيا قتلامي

چئني جو سڀ جڳ سلامي

چئني کي ٿيو عِز عُظامي

رُليو رافض هَيو حرامي

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

چارئي سورهه سخا جا سائين

چارئي جنگ جا مرد مُهائين

چئني کي ڏس ڏات ڏنائين

چئني سان ڏس ڪرم ڪيائين

چئني جو سگ ڇو نه سڏائين

ڀورا ٻيو تان ٻول نه ڀائين!

مئو منافق ويو وچائين

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

”ثاني اثنين“ سو مير موچار

غار اندر هو غمگسار

صادق سچو ’صدق‘ سچار

 اَڪبرَ جو ٿيو عِز اَپار

سُونہ صحابن جو سينگار

جوڙ جماعت جو جنسار

احمد سندو يار غار

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

عدل عدالت ڪئي عمر

صفت انهيءَ جي ڪئي سرور

پاڻ واکاڻيو ٿي پرور

دين اجاريو تنهن دلبر

ڪفر ڏنائين هيٺ قهر

گلا ڪئي جنهن خائن خر

لُنڊ لنگور کي هڻ لتر

سڙيو سٽيو منجهه سقر

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

عثمان امير ٿيو اظهار

جنهن تي دين سندو دستار

حلم حيا جو هو هموار

بخش، عطا جو باغ بهار

ذي النّورين ملڪ مدار

عالم، عارف، جيءَ جيار

گلا ڪندڙ ٿيو ذليل خوار

مئو منافق سو منهن ڪار

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

اعليٰ افضل شان علي

ڪفر ڪنبايو وير ولي

ظاهر علم ڪيو ذڪي

مهر مٿس ڪئي مير مڪي

ڏس تان ناٺي سندو نبي

شڪ رکين تون ڪوهه شقي

هاريا هڄندين منجهه هاوي

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

چارئي مرسل سان مرڪن

چارئي ڌوا ديهه ڌڻين

چارئي وسيلا وٺجن

چارئي صادق منجهه سچن

بي دين جي ٿا بغض رکن

هاويءَ منجهه هچارا هڄن

رافض راهان رَڪَّ رلن

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

چارئي صاحب چارئي سر

چارئي واهر چارئي ور

چارئي عالم هيڪ اکر

چارئي برڪت برو بحر

چارئي سرور ساڻ سفر

رافضين تي ڏوٺ ڏمر

قادر آندن شال قهر

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من

 

چارئي عابد چارئي اڪابر

چارئي زاهد چارئي ذاڪر

چارئي مانجهي چارئي مهاجر

چارئي جانب چارئي جابر

چارئي ڪوڏيا سچي قادر

چارئي نور چارئي نادر

چارئي ڀڙ چارئي بهادر

چارئي سرور چارئي چادر

ڪوهه ڪرين تون گلا ڪافر

چارئي سرور ساڻ سونهن

چئني جي رک محبت من


[1]  پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل.

[2]  پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتان تان ورتل ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقي کپري) کان مير روايت سان مليل.

[3]  ٻي پڙهڻي: ’نينهن نباهڻ ناتو‘

[4]  پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل، ۽ عبدالحڪيم پلي (ضلعو کپرو) کان مليل روايت سان ڀيٽيل.

[5]  پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقو کپرو) کان مليل رواست سان ڀيٽيل.

[6]  شاه شريف جي رسالي جي قلمي نسخي تان ورتل.

[7]  شاه شريف جي رسالي جي قلمي نسخي تان ورتل.

[8]  شاه شريف کپري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل، نالي واري مصرع اڳ هن ڪافي جي هڪ ٻي مصرع پڻ آهي پر دستياب نه ٿي سگهي.

[9]  تعلقي کپري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل.

[10]  پوڪرداس جي ڇپايل ڪتاب تان ورتل.

[11]  تعلقي کپري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل روايت مطابق

[12]  تعلقي کپري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل روايت مطابق.

[13]  پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل، ۽ تعلقي کپري مان عبدالحڪيم پلي ۽ تعلقي پنو عاقل مان محمد حسن مشتاق کان مليل روايت سان ڀيٽيل.

[14]  ٻي پڙهڻي: تو ڌاران جُڙيان جاني

[15]  ٻي پڙهڻي: ’دل شهيدڻ، ملهه خريدڻ، آهيان ٻاروچل تنهنجي ٻانهي‘

[16]  پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقي کپري) کان مليل روايت سان ڀيٽيل.

[17] پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقي کپرو) کان مليل روايت سان ڀيٽيل.

[18]  تعلقي کپري مان عبدالحڪيم پلي کان مليل.

[19]  شاه شريف جي رسالي جي قلمي نسخي تان ورتل

[20]  عبدالحڪيم پلي (تعلقي کپري) ۽ صوفي گل محمد آزاد (تعلقو شهداد ٽنڊو الهيار) کان مليل ۽ پوڪرداس جي ڇپايل ڪتاب تان ورتل روايتن مطابق.

 

[21]  ٻي پڙهڻي: . . . سائين منهنجو مرض سڃاڻي آيو، آزار ٽاريندو

[22]  ٻي پڙهڻي: . . . . قول پنهل پنهنجا پاريندو.

[23]  شاه شريف جي قلمي نسخي ۽ پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقي کپري) کان مليل روايت سان ڀيٽيل.

[24]  ٻي روايت: ريلا ڪنديس رت

[25]  پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل ۽ عبدالحڪيم پلي (تعلقو کپرو) کان مليل روايت سان ڀيٽيل.

[26]  پوڪرداس جي ڇپايل ڪافين جي ڪتاب تان ورتل.

[27]  شاه شريف جي قلمي نسخي تان ورتل.

[28]  اتر (تعلقي پني عاقل) مان محمد حسن مشتاق ۽ تعلقي ڪَڪڙ مان احمد خان آصف کان مليل.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org