سر کنڀات
309. اُڀر لڳ الله، سگهو ڪر تون سوجهرو
ماهيت توسان ماهه، قطر ڪري نه سگهيا.
310. اُڀر ڇڏي اوير، سگهو ڪر تون سوجهرو
پسان مان پرين جا، پرهان مهند پير
اوسيئڙي اندوهه ۾ گهر گهاريندي ڪير
هِنيَڙي تن جي هير، آهي روز ازل کان.
311. گورا گسر ڇڏ، هلندي حبيبن ڏي
دانهون درد فراق جون، متان پُونئي هڏ
سپريان جي سڏ، وڏي ويلي وڃ تون.
312. گسر ڇڏ گورا، هلندي حبيبن ڏي
پِرهان مَهندِ پرين جا، پير پسان پورا
اُپڙ ڪين اؤنرا، مٿي پنڌ پهاڙ جي.
313. توڏو ڪري تک، ويو گڏجي واءُ سان
واڌو ڀري وک. ٿيو وڳان ئي وترو.
314. توڏي ڪري تيز، ويو نڪري واءُ کان
پهچايائين پنڌ ڪري، درد دستاويز
ڪام نه سهي ڪرهو، خام نه ڏي خيز
اچي ٿيو آميز، پِرهان مَهندِ پرينءَ سان.
315. توڏي ڪري تاڻ، وِهي هڏ نه وڳ ۾
جهَليو ڏاڍي زور سان، آڏِي پائي آڻَ
ڏهه لک پيس ڏاڻ، تِني تِرُ نه جهَليو.
316. ڇنائين ڇڪيءَ سان جي نِيرَ پيا کي ناقَ
ڦوڙائي فراق، مي کي مڃائيو.
317. آهي ازل کان اڳي، ساڻن مون ساڃاءِ
جيئڻ ڪيئن جڳاءِ، ڌاران پسڻ پرينءَ جي.
318. حياتيءَ ۾ هاڻ، پسان مانَ پرينءَ کي
سيڻ سڃاتم ڪينڪي، اصل هيس اڻڄاڻ
مون کان ٿيون مدائيون، ڪيئن لاهينديس ڪاڻ
روبروءِ رهاڻ، ڏسان ته ڏوهه لهي.
319. کنڀاتڙيءَ کي، وِرهه ڪو وجود ۾!
اُڪاسي ٿي اوڏهين، اُڀِي اڱڻ تي
پرين جي پَسي، ته سک سمهي راتڙي.
320. کنڀاتڙي خوشحال، ٿئي نه ڪنهين ٿوڪ تي
سڪ ۾ سپيرين جي، پاڻ ڪيائين پيمال
حاصل ٿيس حال، ملي محبوب کي.
321. ملي محبوبن کي، منجهان سچيءَ سِڪ
پرين هٿان پڪ، وٺتائين وٽ وصال جي.
322. ملي محبوبن کي، رکي هنئين ۾ هيج
ڊهيُس ڏهوڻو ڏيج، وٺتائين وٽ وصال جي.
323. وٺي وٽ وصال جي، سَرو پِي ٿِي صاف
تهدل ڪري طواف، هليو پاس حرم جي.
وائي 32.
ٿلهه: مون پريان سين ڳالهڙيون، اولي ٿي اوريون
1.
جي مان پييون پرين ري، گهڙيون سي گهوريون
2.
دلڙيون درد مندن جون، جهوراڻي جهوريون
3.
اڃان اٿم ان سان، گهڻيون جي ٿوريون
4.
جن مسافر سپرين، ڏونگر سي ڏوريون
5.
پڇن ڄام پنهونءَ جو، ڇپر ۾ ڇوريون
6.
”تيرهيا“ ترس مَ تن ڏي، ڀُليون جي ڀوريون
وائي 33.
ٿلهه: هلي چونديس هاڻ، ڳالهه پريان کي ڳجهڙي
1.
ههڙي منهنجي حال جو پاڻان پڇندا پاڻ
2.
ناهي راهه رمڻ جي پهچان ڪنهن پرياڻ
3.
ڏسان شال اکين سان روءِ بروءِ رهاڻ
4.
پسي پيشانيءَ کي ڪنهن پر لاهيون ڪاڻ
5.
”تيرهيو“ چئي طلب سان، تون تيڏاهين تاڻ
وائي 34.
ٿلهه: وڃي وهاڻي رات، تات پريان جي تن کي
1.
اُڀي اوريا اڱڻ تي، ڀيڄ ڀنيءَ پرڀات
2.
منان مور نه وسري وائي سندين وات
3.
پڇان پانڌيئڙن کان کنڀاتڙيون کنڀات
4.
”تيرهيا“ آهي تن جو گذارو گجرات
سر مينگهه ملار
324.موليٰ سندي ملڪ تي، جهڙن ڪيون جهاٽون
واحد مينهن وسائيا، لسيءَ ڀريون لاٽون
واهڙ ۽ واٽون، پلر سڀ پلٽائيون.
325.بادل برسڻ آئيا، وڏا ڪري ويس
پُسائينِ پَٽن کي، ڪارا ڪڪر ڪيس
جملي ٿيا جهڙ کان لٽا لال لبيس
جنهن ماري ميس، تن سنگهارن سک ٿيو.
326.بادل برسڻ آئيا، ڪري اوهيرا آب
وسيا سڀ ولات تي، سارنگ جا سحاب
اچي پيتو اُڃيئين، جي بيحد هئا بي آب
سيئي ٿيا سيراب، بدوي بر بيبان جا.
327.بدوي جي برن جا، کنوڻين ڪيا خوشنود
مَطَر ٿيو موجود، واهڙ وهي هليا.
328.واهڙ وهي هليا، تڙ ٿيا سڀ تار
نهرون، نديون، نوڻيون، نظر ڪري نهار
مَرڪيو مَنجيءَ تي چڙهي مَٽيءَ پاس ميهار
تاڙا! ڪِي تنوار، اڃان اڃ اکين کي.
329.اڃا اڃ اکين کي، آب سندي آهي
پوڄ پياريو پهيڙا، پلر ٿو پاهي
لحظي ۾ لاهي، آساٽون عالم جون.
330.لٿي اُڃ اُساٽ، ڏسي آگم اَڀ ۾
سڄ چنڊ تارا ڪتيون، لَٽي نيا لڙاٽ
جهڙن ڪري جهاٽ، پُسايو پٽن کي.
331.پَٽ پُسي پاڪ ٿيا، پَلُر ڪِي پالوٽ
محل ماڙيون ڀيليا، مِينهنِ ڪري موٽ
ڇُهي منجهه ڇڻي پيا، ڪارونجهر جا ڪوٽ
بجلين ڀڙڪا لائيا، چوڌر ڏيئي چوٽ
ميهار مَنَهن تي چڙهيا، گهِڏن ويٺا گهوٽ
نڪا آڌر اوٽ، ”تيرهيو“ چئي تو سوا.
332.پٽ پسي پاڪ ٿيا، گاهن ڍڪيا گس
لٿو ڏولائو ڏيهه تان، ٿي وڏاندر وس
اچن اوهيرا ڪيو، بادل ساڻ بحث
رَعد ساڻ رَئس، ڪڪرن ڪڙاڪا ڪيا.
333.پَٽ پُسي پاڪ ٿيا، وڄن وانڌاڻا
مُنگها مانڌاڻا، جبل اندر جال ٿيا.
334.پٽ پُسي پاڪ ٿيا، جهُڙن لائي جهور
ڪن چانگارون چاهه سان، مٿي چڙهيو مور
آسودا عالم جا، ٿيا ڍڳا ۽ ڍور
ڪڪرن ڪي ڪڪور، روضي پاس رسول جي.
335.روضي پاس رسول جي، ڪيا وڄن وانڌاڻا
مکڻيون مانڌاڻا، مينهن آئي مضبوط ٿيا.
336.روضي پاس رسول جي، گل ڦل ٿيا گلزار
رابيلن رس لائيا، کڙيا کٽڻهار
برين باغ بهار، وانڍن منجهه وسون ٿيون.
337.مڪي مديني ملڪ تي، مينهن وٺا مضبوط
مقدس مصر شام جي، ڪنڌين ۾ ٿيو قوت
طبل ڪري تاهوت، رسيا اچي روم کي.
338.مڙي منڊل هليا، نجف ڪري نياز
ڪربلا تي ڪوڏ مان، اچي ڪيائون آغاز
ڪاظِمَين تان ڪڙڪي، ٿيا سامِري تي ساز
ابر ڪري انداز، مٿي مَشهَد موٽيا.
339.استنبولان اُڀريا، ڪڪر پاس قنڌار
’بر بر‘ تي ٿي برسيا، مٿي بلخ بخار
لاهور تان لنگهيا، گجي ڏي گرنار
چلي آيا چين تي، نو کنڊ ڪري نهار
”تيرهيا“ تماشا ٿيا، هرجا ميگهه ملار
مٿي سنڌ ستار، واري مينهن وسائيا.
340.سرها ٿيا سنڌ جا، پلر ڏسي پِير
ڌڻارن جي ڌڻ کي، ٿيو دلاسو دلدير
جي اڃايل آب جا، سي کليو پين کير
”تيرهيا“ ڏس تصور پِيئري ويس پرينءَ جي
.
341.پِيئرا ويس پرينءَ جا، پکا پٽ سونهن
بجليون ڪريو ڀڙڪا، لحظي ۾ لُونهنِ
اوسر ڪري آئيون، ڪُنڍيون ڏي ڪُونهنِ
دکايو دونهنِ، مَرڪن ٿيون ميهاريون.
342.پيئرا ويس پرين جا، پير مٿي پٽ پاڪ
لٿو اوسر اُڃائيين، پين پوڄ پياڪ
مينهن سي محفوظ ڪيا، جي مئا ٿي لئي ماڪ
گوڙن سين غم دور ٿيا، ڌاڌا، ڌوڌو، ڌاڪ
حيرت پيئي هاڪ، هڪل هفت اقليم ۾.
343.سورنهن سارنگ آئيا، سنڀري سان سامان
چڙهي هليا چوٽ تي، گاج ڪري گمسان
اڃاين تي آب جا، برسايائون باران
مڙيئي ماڳ مڪان، مولي ملڪ وسائيا.
344.سورنهن سارنگ سنڀريا، دل کڻي بادل
آيا اوهيرا ڪري، ڪيائون آب اڇل
وٺا مينهن وڏڦڙا، ٿيو هنگامو هڪل
پيا پرڏيهين کي ڳڙا مٿي ڳل
جهڙن لاٿي جهل، ماڻهن سندي مال تان.
345.سورنهن سارنگ سنڀريا، جهڙ ڦڙ ڪي جهُڙن
لسن ليٽيون لائيون، لهرين ۽ لُڙن
موجن کان مهراڻ جي، مانگر مڇ مُڙن
پاڻي منجهه پُڙن، سِپُن آب سَميٽيو.
346.سورنهن سارنگ سنڀريا، ٿيو مينگهه ملار
عالم آسودو آب مان، آگم ڪيو اظهار
سرها سڀ سنگهار ٿيا، سهجان ڪن سينگار
”تيرهيا“ ڏس تڪرار، موليٰ مهربان ٿيو.
347.
اوهيرا ڪري، برسيو اُت باران
پُسائي پٽن کي آلو ڪيائين ايوان
”تيرهيا“ تابستان، ماٺو مينهن ۾ ٿيو.
348. مينهن ۾ ٿيو تڙِڪي سندو تاءُ
رُت ٺري، ريلون وهيون، ريڌو سارنگ راءُ
ٿيو گهڻو گاهه گُرين ۾، لڳو واءُ سُواءُ
پُيسي تُري پاءُ، مکڻ ميهارن جو.
349.مکڻ، ماکي مکڻي مُنگها ٿيا موڪ
پهري پيا پٽن ٿي، سائُون سَڱر سوڪ
چيها، چڀڙ چونڊيو، لنب ليارئين لوڪ
ٿيون ٿاڌليون ٿرن ۾، ٿانهر ڀريا ٿوڪ
جهر جهنگ سُونهي، جهوڪ ڌڻن ڌڻارن جي.
350.ڌڻن ڌنارن جون، پٽن تي پيلون
ساوا سبزا پيئرا ٻڌن ٿا ٻيلون
سنگهاريون سِرن تي هليون کڻي هيلون
بَرين باغ بهاريا، کُليون رابيلون
ميلاڻا ميلون، ڪريو پرچن پاڻ ۾.
351.بَرين باغ بهاريا، ڪَرُ کڻي ڏس ڪاند
بيٺو آهي ڀريو، جوڙ پکي جا پاند
ڇوڙي ڇڏهو ڏاند، مِينهنِ موڪون لائيون.
352.بَرين باغ بهاريا، پڪيون بارانيون
ڇنيون، يارانيو، وَسُن وري ڳنڍيون.
353.برين باغ بهاريا، پڪيون سڀ پوکون
ميهارن موکون، ڏيکاريو ٿي ڏنيون.
354.موکون ڏيئي موٽيا، وريون واڌايون
ٻايون جي دايون، ويٺيون پکي پانهنجي.
355.جهڙن جهڪورون لائيون، ناري تي نروار
گجي لٿا گڙنگ تي، آگم ڪري اظهار
نسنگ ٿي نروار، موٽيا مينهن متاهه تي.
356.آگم ڪري آڻيو، بادل برسادي
ٿي سنگهارن شادي، واڌائي وسڻ جي.
357.آرون ابر آسري، سپون نت سارين
مور ڪاريهر قوت لئي، تاڙا تنوارين
وحوش وتن گڏ ٿيو، پر ۾ پڪارين
مطر مينگهه ملار کي نو کنڊ نهارين
وڃي تڙ ترائيون، سڀئي سنڀارين
اچي آب اگوندرو، پيتم پيارين
چيهو مر چارين، ٿيو سک سنگهارئين.
358.آرون آبر آسري، سپن کي سعيو
موٽي مينهن مندائتو، واليءَ وسايو
”تيرهيا“ ڏس تڙن کي پلر پلٽايو
سائُون سامايو، ٿيو سک سنگهاريين.
359.آگم ڪري آئيو، ڪڪر جهڙ ڪارو
وڄڙين ويس مٽي ڪيا رعد ڪيو رارو
سنڌ، سِري سارنگ جو وڄيو نقارو
ڍٽ، پٽ، ٿر، روم، شام کان مڪي موچارو
مَطَرَ مديني گهڻو ڪيو وسي وسڪارو
ڪربلا تي قوت لئي مِينهنِ ڪيو مارو
”تيرهيو“ چئي تارو، نميو قطب نجف جو.
360.ڪڪر ڪيف ڪمال جو، آڳي ڪيو اظهار
مرسل ميگهه ملار، پلر پلٽي پوڄ ٿيو.
وائي 35.
تيڏي زلف لٽڪا سهڻا، تيڏي زلف دا لٽڪا
1.
جڏان آوندا ندي ڪناري، سِرتي چاءِ ڪي مٽڪا
2.
ڀيرو راڳ هنڊول سري، شام ڪلياڻ دا نٽڪا
3.
”تيرهيا“ آکي تيز ڪتوئي گهورنيڻان دي گهٽڪا
وائي 36.
دلڙي نال پياري لاڳِي، دلڙي نال سڄڻان لاڳِي
1.
بادل برسي، بجلي چمڪي، رين ساري مين جاڳِي
2.
ساجن سهڻا، من دا مهڻا، هويا صنم ساڳِي
3.
نين ڪالي، ابرو ڪالي، دام زلف خم واڳِي
4.
”تيرهيا“ آوي، مک وکاوي، روپ رساوي راڳِ
وائي 37.
موڪُون موري گرو ڪا هئي ڀرواسا
هُون مين جنم جنم ڪا جسڪا داسا
1.
ايسا گرو مين پُورن پايا، جس ني ميٽِي تن ڪِي تاسا
2.
آب آمين رس آڻ پِلايو، ڳَئِي هي وِ لَنڀ ولاسا
3.
چوراسي ڪا ڦرنا ڀاڳا، ڀاڳا جم ڪا ڦاسا
4.
سدا مگهن من هويا ميرا، رهتا هئي اوناسا
5.
گوپي چند پيا، برٿري پيا، فريد پيا، ڀر ڪاسا
6.
”شريف“ سامي ڪي چرني لاڳت، پِيوت ”تيرهيا“ پياسا
وائي 38.
نينهڙو مون پياري سان لايو، نينهڙو مون پياري سان
لايو
1.انگ اهوئي ازل کان هو اڳي مون لکايو
نڪو مَلڪ نه فلڪ هو، نڪو جوڙ جوڙايو
2.اچي عمارت جو الا، پيو رازق کي رايو
تڏهن لوح قلم ٿيو ڪرسي عرش اڏايو
3.”تيرهيو“ چوي، طلب جو برهه بدل برسايو
سهسين ساز سرود ٿيا، رم جهم روپ رسايو
سر ڪيڏارو
داستان پهريون
361.جن کي جبرئيل، جهولاڻي ۾ جهُوليو
سيئي پاڪ سڀن پرئين، اطهر هئا اصيل
قادر ٿي ڪوڏائيا، رب جبار جليل
رضا سندي راز ۾ صابر ٿيا سبيل
پيا خاصا ساڻ خليل، هليا هم رڪاب ٿي.
362.هليا هم رڪاب ٿي، منجهه رباني راهه
حضرت مير حسين سان هاشمي همراهه
ڪيائون ڪربلا تي ڪاهه، ميرمدينئان نڱيا.
363.مير مدينئا رنڱيا، رخصت وٺي راز
حضرت جي حضور ۾، نمي ڪيائون نياز
الوداع آواز، ٿيو روضي پاس رسول جي.
364.مير مدينئا نڱيا، سنبهي طرف شام
مديني جي ماڻهن تي قائم ٿي قيام
رويو پڙهن رسول تي صلواة و سلام
هئي هئي هلئُون هيڪلو، ورنهه وير وريام!
عالم جا امام، سگهو ورج وطن تي!
365.موڪلائي مڙني کان، سنبهي هليو شاهه
مڪي سندي ملڪ جو رمي وٺتائين راهه
داڻو پاڻي گاهه، ڪيو سيڌو گڏ صحابيين.
366.اول استقبال ۾ آيو ابن عباس
مڪي مڙي آئيا، وڏو ٿين وسواس
خبيثن جي خط جو ڪو ڪامل ڪر، قياس
هاڻي ويهه حرم ۾، اتي ڪر آساسُ
ورنَهه ڇڏ وِماس، ملڪ مڙوئي تو سندو.
367.مڪي مان مصلحت ڪري، ’مسلم‘ مُڪائون
ته هي بهانو بيعت جو ڪهڙو ڪيائون
اچان ٿو آئون، هلي تون هوشيار ٿي.
368.اچي ڪونه امير تي، پِڙ ۾ پهلوان
ڀڄي چڙهيا ڀتين تي ڪيائون سنگ باران
هڪل هڻي هاشميءَ آجو ڪيو ايوان
سر ڏيئي سلطان، رسيو رباني راهه کي.
369.ڏسي خط خامن جا، ڪي سرور سواري
بيت الحرام جي باب تي ظاهر ڪيائون زاري
پڙهي نماز طواف سان ٿي تُرتان تياري
ابن عباس ادب مان وائي ايءُ واري
ته حضرت حرم ڇڏيو حرم ۾، آئين ڪريو عِماري
چئي: اي عم! اسان کي الستي سُڌ آهي ساري
وجهون ڪيئن گهاري، محبت جي ميدان ۾.
370.مڙي مڪي هليا، مهاجر انصار
خذمت منجهه خليل جي سائو ۽ سردار
ڪي بهادر بَدري، ڪي صُفي جا سالار
سڀئي مانجهي مرد هئا، جهيڙي جا جهونجهار
اُبٺا ٿي ادب ۾ خاصا خذمتگار
ويو ڪهندو قافلو ڪربلا جي دوار
تان پيين ڪن پچار ’مسلم‘ سندي موت جي.
371.مسلم پٽن سان ماريو، قاصد ڪئي خبر
مڙيا ٿي لشڪر، آنهنجي وڙهڻ واسطي.
372.اشهد شهادت لئي، سنڀريا شاهه سوار
مٿي آرڻ آئيا جهيڙي جا جهونجهار
ڪيهر ڪنبيا ڪينڪي ڏسي اڙد اپار
مانجهي مير مديني جا، مل هئا مختيار
امت جا اڳوار، اُڀا ٿيا ايوان ۾.
373.راضي رضا تي رب جي، هو سيد شاه سخيءَ
مانجهي مڙيو ڪينڪي، ورنَہ وير وليءُ
سڀني صحابن سان وٺتائون وحدت ويءُ
سچ سڀوئي سچ ٿيو، رمي رهيو ريءُ
پي طهورا پُر ٿيا، جني گهوريو جيءُ
وقت همت هيءُ، شُرفا شهادت جو.
374.سورهه شهادت سڻي، سرها ٿيا شير
ٻاهتر لشڪر شاهه سان، هئا دانشمند دلير
راند ڪيائون رُڪ جي، پَهَس کوڙي پير
ماري منافقن جا، ڌڙ ڪيائون ڍير
ڪُوپا قلعي وير، پاڻهي ٿيندا پڌرا.
375.حضرت مير شبير سان، هئا ڀائر همسر
عباس علمدار ان ۾، ٻيا بازو برادر
سڀئي شجاع سورهه سهڻا، دانَهه دلاور
سرسا سخاوت ۾، طبع ڪرم قمر
حسب نسب ۾، هاشمي قرارا ڪيهر
اڳرا عبادت ۾ نائم ٿين نه نر
اِنّما اطهر، ساراهيل سبحان جا.
376.پُٽ ڀائٽيا شاهه جا، هئا ڀاڻج ڀلارا
ڪي سؤٽ سورهيه سنگتي، ڪي اقرب ڪبارا
حاضر هئا هاشمي ويِهه تن تيارا
ٻيا ٻاونجاهه اصحاب سنڀريا صادق سچارا
اچي پيئي جنگ جي پٽ ۾ پچارا
وڄيا ماري موت جا نوبت نغارا
رات وهاڻي ڏينهن ٿيو، ڪيو سورج سينگارا
آفتاب آدينہ اُڀريو، هو جمعو جنسارا
تاريخ ڏهين ماهه محرم جي عالم اخبارا
ٻي سِڀا سُڌ صبا کي جو چوڏس چوڌارا
ڪونه پروڙي اُن جي حڪمت هرڪارا
”عليٰ ڪُل شيءٌ مُحيط“ او غني غفارا
قادر قهارا، جيڪي ڪي سو ٿئي.
377.جيڪي ڪري سو پاڻ ڪري رب خليل جبار
قائم قدرت اُن جي، اُو سميع بَصِير ستار
ڏيهه سندو ڏاتار، مالڪ ملڪ جو ڌڻي.
378.مالڪ ملڪ جو ڌڻي، جيئن ڪري تيئن هوءِ
”قُل ڪُل امر عبدالله“ صحيا سبق سوءِ
پير م رکج پوءِ، ٻڌي سندرو سچ جو.
داستان ٻيو
379.ٻڌي سندرو سچ جو، سورهيه ٿيءُ سوار
دسي مار ديوث کي، جو آهي نفس امار
شهادت سينگار، اصل عاشقن جو.
380.عشاقن جي اندر ۾، آهي صلح سدائين
شاڪر صابر سڀيين پرين اُو مانجهي مهائين
سڃاڻن سائين، ٻيو ياد نه يزيد ان کي.
381.اٿيو حُر همت سان، سائُو مرد سچار
جڙي ٻڌائين جان تي، جنگ سندو جنسار
ترسان لرزان ٿي ٿيو تَن اندر تڪرار
سعد چيس مهندان، ادا! ڇا اختيار
تون تان هڏ نه تَرسين جهيڙي جو جهونجهار.
منهن ڦيري سعد سان گويا ڪيائين گفتار
هوڏي آهن جنّتي، هي سڀ اهل نار
جيڪو وڻئي سو وٺ، تون پرين منجهان پار
سڀڪو ڇٽندو پانهنجي عملن تي اظهار
سورهه ٿي سوار، مرڪي هليو ميدان ڏي.
382.پيادو ٿي پڙ ۾، آيو وٽ امام
اچي ڪيائين ادب سان سجدا ۽ سلام
معاف ڪريو منهنجون خطائون سڀ خام
ڪڍي هاڻ ڪفر کان آڻيو منجهه اسلام
سَرن آهنجي سيّدا سائل پيو سام
عطا ڪريو انعام، شُربو شهادت جو.
383.مشفق مهندار مرتضٰي، ڏنو سائل کي جواب
”لا يضيع الله اجرالمحسنين“ ضايع ٿئي نه ثواب
جو ڪري پاڻ ڪباب، اهو اجورو ان کي.
384.هٿ چمي ”حُر“ اٿيو، امر وٺي اعجاز
ڪيائين ڪاهه ڪفر تي جيئن بحري اچي باز
ڪري آيو قواز، حملو هزارن تي.
385.آيو هلي امام ڏي، حُر جو پٽ حسين
”الولد سرّالاب“ مثل ماهه جبين
وٺي اعجاز امين، جوان گهڙيو جنگ ۾.
386.”غُره“ هو غلام ان جو، شير خوار رفيق
وڃي شرافت شان سان شامل ٿيو شفيق
هي حسيني تحقيق، چارئي يار شهيد ٿيا.
387.پوءِ آيو پٽ حسان جو، زبردست ظهير
نّوي جهليائين جان ۾، زخم باران تير
جنت ۾ جاگير، ٿيس شهادت جي شرف سان.
388.اُن اُتان عبدالله ڪلبيءَ ڪڏائي ڪيڪان
بُريري بهادر ٿيو، اُن گڏ جُود جوان
ٽيو وهب عبدالله ڪلبيءَ پٽ هو پهلوان
چوٿون ازدي ٿيو ان ساڻ، عمر پٽ خالد جو.
389.سعد آيو سنڀري، ڪري تميمي تڪرار
عمر عبدالله پٽ ٿيو ان مٿان انصار
ان تان وقاص آئيو، پٽ مالڪ جو مختيار
تنهن شُرَيحُ ماريو، شائق شُعلدار
اُتي مُسلم عَوسَ جو آسدي ٿيو اظهار
اُو هو عليءَ جي اڳيان نامور نروار
ان گڏ پوٽو عَوسَ جو آيو مرد مڻيار
اُت هلال پٽ نافع جو هو ڪامل ڪماندار
اَچي ات اپار، تڇيائين تيرن سان.
390.ان تان عبدالرحمٰن ابن عبدالله آيو مرد بزَني
بهادر
ان تان يحٰي آئيو مثل مينگهه مطر
عبدالرحمٰن عُروَة آئيو، ڪري ڪار ڪڪر
چونڊي چاليهن کي ڪيائين روان سُوءِ سَقَر
غَفاري غضنفر، مَرڪي پڙ ملهائيو.
391.آيو مالڪ پٽ انس جو، دانشمند دلير
عُمر اِبن مُطاع ان سان سورهيه گڏيو شير
پاتو پڙ ۾ پير، قيس بن منبع پهلوان.
392.سرور سامهون هڪ ڏٺو، سڄي هٿ سوار
گهوڙي سوني ساز سان، جوڙ وڏو جنسار
پيدا ٿيو پَٽ مان نسنگ ٿي نروار
آيو طرف امام جي، ٿيو هٿ ٻڌي هوشيار
”اسلام عليڪ يا ابن رسول الله“ اجهو تون آڌار
ڪريو عفو هن عاصيءَ تي، آهي غافل گنهگار
هاشم نالي حضرتا، هي عُتَب پُٽ اظهار
ڪيائين ڪاهه قتلِ گاهه ڏي، اَمر وٺي اقرار
اُٿيا اتهين اُن تي، حملو ڪري هزار
هڻي همت ساڻ هٿيار، خان کني جو کيل ڪيو.
393.فضل اتي في الحال، آيو پٽ عليءَ جو
ڪارڻ ڪُمڪ اُن جي، چڙهيو ماهه مثال
ٻيا به اُن سان نَو ڄڻا، نمڪ خوار نهال
اُن اُتي پڻ ٽن هزارن ڪوفين ڪيو قتال
مهند منجهان ڀائن ميرحسين جي، ٿيو لوهؤ۾ لال
”اِنا اِليہ“ اقوال، صابر شاڪر شاه چيو.
394.اُت حبيب بن مُظاهر آئيو، آسدي هو اڻ موٽ
گهائجي ٿيو گهوٽ، تنهن سين غلام بوذرغفاري جو.
395.ابن مهاجر آئيو، زيد ڪري جولان
اُنيسُ اُن سان گڏ ٿيو بن معقِلُ مردان
عابِثُ شَيب پُٽ اُت جنگاور جوان
سُودت غلام اُن سان ٿيو کني ڀائي خان
آيو پٽ شروُق جو حجاج چئي حنّان
لشڪر اندر شاه جي هو بانڪو بيڪران
بن حارث شريحي ات هليو کڻي سيف سُجان
ڪُسي ٿيو قربان، عُبيد بن شريح شان سان.
|