سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :34

700. پٽ نه پرهي پارچو، سياليتي سينگار

رڱي لوئي لاک ۾، جا کهنبن کان خنڪار

عطر نه لائي انگڙي، گاهن ۾ گلزار

پکي پاند پنهوار، وهي ويڙهيچن جي.

 

701. پٽ نه پرهي پارچا، ماڙئين وهي نه مور

مونجهاري مارن جي، مارئي ڪئي ملور

ڪر نه لڌائون ڪڏهين، ڏيهه ڇڏي ويا ڏور

ڀاڻ، ڀنگا ۽ ڀيڻيون، پسئو پڇان ڏور

اُتان اوٺي اوچتو، ڪو اچي مان اسور

کڻي کاهڙ ڏي هليا، ڏاڍي ڪنهن ضرور

”تيرهيا“ وڃي تن سان، ٿيان هيڪاندي حضور

دران ڪج م دور، آگا آسروند کي.

 

وائي 56.

آڳاٽو آهي، مون سڱ ساڻيهين سان

1.      ڪين ويهندس ڪوٽ ۾، لاڳاپو لاهي

2.     مارو مڪ ملير ۾، ويٺو وراهي

3.     ’کاهڙ‘ ڏي کڻي ويا، ’ڪَٽي‘ مان ڪاهي

4.     ”تيرهيا“ تنهن طرف جو پانڌي پڇان پاهي

داستان ٽيون

702. کارا کٻڙ کٿوريا، ڄاريون جنهن جو ڄم

مصري ميوا مربا، سڀيئي ڀانئي سم

آهيس اباڻن جو اکين تي آگم

پيرون پاور پار ڏي، سائون، سڱر، ڳم

هنيون منهنجو هُت ٿيو، هت هڏو ۽ چم

چاڙهيان ڪهڙي چاء سان لڱن تي لحم

حب سندين هردم، رهي آهي روح ۾.

 

703. کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ساڏويون سيڻا

تون ڪيئن ويٺئين ڪوٽ ۾ وساري ويڻا

ههڙي تنهنجي حال تي ڪارو ٿيو ڪيڻا

نماڻا نيڻا، اُڪنڊئا هت آءٌ تون.

 

704. کارا کٻڙ کٿوريا، موڪ پڪيون موڪون

بارانيون برن ۾، سايون ڪي سوڪون

عمر انهيءَ پار کان روهي ويم روڪون

نظربندي ناهيان، لڪان ڪيئن لوڪون

جهنگ سونهن جهوڪون، ڌڻن ڌنارن جون.

 

705. کارا کٻڙ کٿوريا، پکا پيهين وٽ

جهوپا جهانگيڙن جا، ماڙين مٿي م مٽ

پاور سندي پٽ، آءُ ته اوسيڙو لهي.

 

706. کارا کٻڙ کٿوريا، ٻيرين پڪا ٻير

مند سڻائي مارئين، جن هيڪاندي هير

پائي پاور پير، سرتين سيل چوائيو.

 

707. پکا اڏيائون پٽ ۾، سرتيون تو سارين

”حب الوطن من الايمان“ ان ڀت اوسارين

وير نه وسارين، آءُ ته اوسيڙو لهي.

 

708. پکا اڏيو پٽ ۾، نوڙيو ڪن نگاهه

پاور منجهه پچي پيا، گولاڙا ۽ گاهه

سرتين ڪي صلاح، آءُ ته اوسيڙو لهي.

 

709. پکا اڏي پٽ ۾، وسايائون ولهار

سدا ساڻيهين کي ستيءَ جي سنڀار

اوڙي پاڙي اُتهين پاور منجهه پچار

رهي ويٺا راڄ ڪري، سانگاتا سنگهار

ڪيئن جالي جهروڪن ۾، ’آل عمران‘ کان ڌار

ونهين ويڙهيچن کي سڪي سڀ ڄمار

ٻڪرين سان ٻيهار، پهري شال پٽن تي.

 

710. پهري شال پهن ۾، سڳر پنهنجي ساڻ

وري ويڙهيچن جو وڃي ڏسي وٿاڻ

تنهنجو تور تلين ۾ ڀريو ميڙي ڀاڻ

”ڪل شيءِ يرجع اِليٰ اصلہ“ پروڙج پرياڻ

وڃ پنهنجي وطن ڏي، اهو وٺي اهڃاڻ

متان ڪرين ماڻ، موٽي مارو مير سان.

 

711. پهري شال پهن ۾، جيئن پنهواريون پهرن

مارئي وهي نه مورهين، مٿي هن مهرن

دسان دس دهرن، مرڪي مرجان مارئي.

 

712. مرڪي مرجان مارئي، مرڪايائين ملير

وريو وطن ويڙ ۾، کائڙ پئي کير

سچو جنهن جو سير، ستي سا ساڻيهه ۾.

 

713. مرڪي مرجان مارئي، جنهن مرڪايا مارو

وريا وهارو، آجي اجڙ وال ٿي.

 

714. آجي اجڙوال ٿي، کيرون کٿيرين

مرڪن ملير ڄائيون، پاڻي پاڪ پين

ويٺيون ڳڻ ڳڻن، عمر جي انصاف جا.

 

715. آجي اجڙوال ٿي، سک ٿيا ساڻيهي

ڏين واڌايون ويڙ ۾، ڏاڏاڻا ڏيهي

لاٿائون ڪٽ ڪوٽن جا، پکي منجهه پيهي

وانڍين ۾ ويهي، پرچي پنهوارن سان.

 

716.  آجي اجڙوال ٿي، لوئي لڄ رکياس

سينگاريائين سر تي، اچي پائر پاس

تحفو ٿيس ”تيرهيا“ جا مارن مڪ مڪياس

جڏ موليٰ مهربان ٿيو، تڏ مارن کي ملياس

رانيون ڪلمون راس، رهنما رسول تي.

 

وائي 57.

ساڻيها ساري، سيل نڀايوسين سومري.

1.      ڪڍ هيءَ منڌ ڪوٽن مان، عمر آڇاري

2.     آجي اجڙوال ڪر، وڃي ڌڻ ڌاري. . .

3.     تيرهيا پنهنجي تور (سان، چيها مرچاري)

 

وائي 58.

هنيڙي کي هيرون، پنوهارن جي پٿ جون

1.      پٽ نه پهرين پنڙا، ڇمڪائين نه ڇيرون

2.     مور نه ماڙي تي مٽي، کاهڙ جون کيرون

3.     پسي پائر وٽ ۾، پڪا چنڊي پيرون

4.     عمر لاه اسير کي، زبرون هي زيرون

5.     ”تيرهيا“ وڃي تور سان، ولوڙي ويرون

 

وائي 59.

هنيڙون جني هاڻو، سي ٿي ساريان سرتيون

1.      وٺا مينهن وسون ٿيون، سائون ساماڻو

2.     چنڊيو چاڙهين چاء سان للر ۽ لاڻو

3.     موٽي ڪنديس ڪونه ڪو، مارن سان ماڻو

4.     ”تيرهيا“ توءِ نه وسري، ٽوهن جو ٽاڻو

5.      

سر ڍول مارئي[1]

716. مرگهه نيني، چاند بدني، گنير چال چلي

ڪيس تليهر، مک ڪنول، اڌر انار ڪلي.

 

717. سندر روپ، ڪلين چتر، گيان وتي گيوار

ناس ڪيل، ڪڪوه ڪٽونجر، منڍ لکپر کار.

 

718. درد لعل، مک ڦول، دڇن در هيرا

تجهه بن ڪڀو نه ڪرني، ڪسوبن سر پرچيرا.

 

719. بولي بينسر کان سوا، ڀرڪن سندس بين

انجن ڌاران اُجرا، آمل ان جا عين.

 

720. ڍولي ڌاران ٻانهڙي ٻئي نه ڳل ڏيندياس

مارو منهنجي من ۾، جانڪي دم جيندياس.

 

721. ڍولا ڪر م ڍيل، ماڻ اچي تون مارئي

سگهو آءٌ سويل، ته سک گذاريان سيج تي.

 

722.  ڍولا تنهنجي ڍار، ٻيو پرس نه پاڙيان،

اچين جي هڪوار ته سک گذاريان راتڙي.

 

723. ڍولا تنهنجي ڊول، ٻيو پرس نه پاڙيان

اچين جي مون ڪول، ته ڳري لايان ٻانهڙي.

 

724. سڻي پارانڀو سنڀريو، مارئي جو مارو

وريو وهارو، ٿي آس اميد اچڻ جي.

 

725. سڻي پارانڀو سنڀريو، ڍولو ڇڏي ڍٽ

سندو پائر پٽ، ميو مڻي آئيو.

 

726. روپ سروپي سلکڻي، گيان وتي نر گنت

ڀلو سڀاو سڀر ڀري، عجب چال چلنت.

 

727. سروتا اسهامني نار، پدم ذات پري

منجن جاوت مرگهه ڇل، گلاب دوپهري.

728. جل مين مک، ناس ڪوڪيل، دامني دک مک

انجن نرگس ڦول ڪو، در گهه چالت، پڳ لک.

 

729. ايندو آسروندي ڏي، ڍٽ منجهان ڍولو

اوڇڻ ۽ اولو، اهو اٿم آذ ڪو.

 

730. مون تن ساريو تن کي، جي ڍٽ سندا ڍاٽي

مينهن رتا ماٽي، مٿي اڱڻ آئيا.

 

731. مارو من رتا، ڪپڙا رنگين ڪوڏ مان

ڇتن منجهه ڇتا، تن کڻي منهنجا ڳتيا.

 

732. مارو گهڻا ملڪ ۾، عجب ڍاٽي ٽور

جهڙا ڪبڪ مور، ٽليو ٽلن سيم ۾.

 

733. ڍاٽي گهڻا ڍٽ ۾، عجب ڍولي ڍار

ڪر اونچا، نرت نيچي، جهڙا کٽڻهار.

 

734. سرها سرهائيءَ کان، سندا تني سير

ملڪ واسين مشڪ سان، جتي پائين پير

 

735. پاء حنا، ڪر راچنا، چرن لال گلال

چئنچل چال چلت هي، جيسي سور هلال.

 

ڪافي 4.

مکڙا وکاڪي مينون، مستان چاڪيتوئي

1. رخ تون نقاب کوليا، گن بي جواب ٻوليا

جب ناز چشم چوليا، چوگان چاڪيتوئي

 

2. ابروء ڪج ڪمان را، مڙگان خدنگ هارا

شاهد خدا قضارا، نيشان چاڪيتوئي

 

3. لب لعل بي مثالي، لعل هزار لالي

قد سرو خوش خصالي، غلامان چاڪيتوئي

 

4. ”تيرهيا“ غلام بندي، در زلف خم ڪمندي

داروءِ دردمندي، ديوان چاڪيتوئي

سر ڌناسري

داستان پهريون

736. ڌن تون نام سبحان هي، ڌن تون محمد مير

ڌن تون شهمردان هي، ڌن تون شير شبير

ڌن تون عابد باقر هي، ڌن جعفر شاه سڌير

ڌن تون موسى ڪاظم هي، ڌن علي رضا بي نظير

ڌن تون تقي نقي هي، ڌن عسڪر مهدي امير

ڌن تون شاه شريف هي، ڌن ڪمال قلندر پير

”تيرهيا“ ڌن ڌيان هي، سمجهي ساڌ فقير.

 

737. پير ميرا پاڪ هي، سرتاجون ڪا تاج

سريا هرڪو ڪاج، جو ميري مندر آئيا.

 

738. ڏسي پيشاني پير جي، نُهن سين نيڻ ٺريام

لاٿائين هور هنئين تان، گوندر وسريام

سڀئي ڪاڄ سريام، درسن داتا جو ڏسي.

 

739. ڏسڻ پيشاني پير جي، عالم ٿا اچن

محبت جي مڃٺ سان، منجهان رنگ رچن

مٿي مچ مچن، ڪريو سماع صفن ۾.

 

740. ساڄا ٿيو سماع ۾، اُڀين ادب سان

”القارعة ماالقارعة“ پرجهه اي پريان

سوئي کير سنباڻ، سوئي وٽ وصال جي.

 

741. وٺن اچن وصال جي، پاڪيزي پاڪا

اچن نه ان اهس تي، آڪي جي آڪا

موڳا چٽن ماڪا، وهاڻيءَ وڻن تان.

 

742. وٺن وٽ وصال جي، پانڌي وٽان پير

اچن ادب انداز سان، فوجون ڪيو فقير

مليو متاع ڌڻيين سان، کليو پين کير

آهي سڪ سردار جي، سدا منجهه سرير

اٿم اُڃ اُڪير، ”تيرهيو“ چئي تبار جي.

 

743. آهي سڪ سردار جي، تار اندر توشو

ايندي انهي پار ڏي، گيدي ڪن گوشو

لاهه منان موشو، ته پسين پيشاني پير جي.

 

744. مڪي مديني جي ڌڻي، سيد شاه سڌير

”لولاڪ لما اظهرت ربوبيتي“ چئي رب قدير

قادر پنهنجي ڪرم سان، آگي ڪيو امير

امام جملي انبياء، ڪل پيرن جو پير

پازي پر تقصير، ”تيرهيو“ طالب تبار جو.

 

745. مڪي مديني جو ڌڻي، مڙني جو مهندار

نرمل پنهنجي نور مان، آگي ڪيو اظهار

نا ته عرش، نه ڪرسيون، جوڙ نڪو جنسار

نڪو ملڪ، نه جن جو، نڪو انساني اطوار

ٿي پيدائش سڀئي پيغمبر جي نور منجهان نروار

جوهر ڪل جهان جو، مسمي آهي مدار

”تيرهيا“ ٿيو تڪرار، ڪلمون راس رسول تي.

 

746. پڙهن ملڪ فلڪ ٿي، ڪوڏ منجهان قرآن

”الشمس اولقمربحسبان والنجم والشجر يسجدان“

وصف بي پايان، مدح محمد مير جي.

 

747. عاليشان امام جو، ڪري ڪير بيان

”ڪَانَّہُ ڪوڪب دُريُّ“ دل ۾ رک ڌيان

حسن منجهه حبيب جي، علم حلم حيران

مشفق ڏيو مداحي کي، دران پنهنجي دان

”تيرهيو“ ناتوان، پازي م ڇڏ پاڻ ري.

 

748. مٿي پازيءَ پانهنجي، پير ڪريو پالوٽ

اها آهه اوهان جي آڌر ان کي اوٽ

ور وسيلا واهرو، ڀڃ ڪفر جا ڪوٽ

حامي ٿيءُ هيڻن جو، ڪر مشڪلڪشا موٽ

گام ڀري رس گهوٽ، گوهر گنباليءَ ڌڻي.

 

749. مٿي پازيءَ پانهنجي، آءٌ، م ڪر اوير

حامي رس هيڻن کي، ڪاهي قلعي وير

مدد ڪر مسڪين سان، پائي پاڳوڙي پير

هادي حمايت جي، هنيڙي آهي هير

لهي مٿان من مير، جلوي ساڻ جمال جي.


[1]  اصل صورتخطي ۾ غلطي هئڻ سببان، باوجود درستين جي، هن سر جون ڪي پڙهڻيون مبهم رهجي ويون آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org