(ب) مولود
[1]
ٿلهه: ڪيڏو شرف قرآن ۾، اعلي نبي! تنهنجو شان ٿيو
1.
شاهد نبوت تي شجر، پڙهندا ها تسبيحون حجر
جن مڃيو خيرالبشر، تن دين ۽ ايمان ٿيو
2.
رب پاڪ ڏنئي رهبري، سيد سچا! تو سروري
پرور ڏنئي پيغمبري، راضي مٿئه رحمان ٿيو
3.
راضي مٿس ٿيڙو ربي، آيو محمد عاربي
هو ٻن جهانن جو نبي، سردار ۽ سلطان ٿيو
4.
هو اڀ مٿي اسرار تو، اهو اشارو اظهار تو
ڪيو معجزو منٺار تو، قمر ڪِري قربان ٿيو.
5.
هينئڙي کي حب حسنين جي، ذي فهم ذي النورين جي
دلبر نبي دارين جي، نازل مٿس قرآن ٿيو.
6.
برڪت ڀلاري پير جي، مرسل نبيء منير جي
صدقي محمد مير جي، اُمت مٿي احسان ٿيو
7.
خاصو ڪيو خلقي خدا، مطلوب مولي مدّعا
ڪرجيءَ ’فتح‘ تنهن تان فدا، جنهن لاءِ جڙي جهان
ٿيو.
[2]
ٿلهه: شفيع مذنبن سچو وسيلو ٿيندو، اوکيء احمد
ايندو
1.
سچو پيغمبر ڪندو پوئواري، سها سڀيئي ٿيندا
ياور يار دلاسو ڏيندو
2.
اُمت نبي جي آهي امانت، ڪندو شفاعت ڏينهن قيامت
ساٿ سلامت نباهي نيندو
3.
عيسيٰ موسيٰ هوندا منجهه محشر، عرض نبيءَ سين ڪندا
پيغمبر
سختي ۾ سرور تان نه ڇڏيندو
4.
سڄ ڪڙهي جت ٿيندو ڪارو، نفسا نفسي ٿيندو نظارو
سو ڀارو ات سام جهليندو
5.
فتح چوي ڇٽا فضل سين، آ جا ٿي اُڀا حشر جي هل سين
قادر ڪل سين ڪرم ڪريندو
{3}
ٿلهه: سچي نبي کي ٿي ساريان، مولو ميڙيندو مونکي
دوست دلبر! اهڙو
1. سچا صحابي آهين تابعي، ملڪ تنين کي ٿيو انعامي
تن ۾ اعليٰ صديق اڪبر
2. شاهه سو نهارو آهي جو تارو، ملڪ مڙني ۾
سدا سوڀارو
اهڙو آهي امير عمر
1.
شاه سخاوت والي ولايت، آگي تنهن کي ڏني عنايت
ساقي ٿيو عثمان انور
2.
شان علي جو آهه سو اعليٰ، نام وليء جو بلند ۽ بالا
راضي جنهن تي ڪريم قادر
3.
چارئي يار ڌئل دليرا، صديق اڪبر عمر اميرا
عثمان، علي ٻئي يار بهادر
4.
وارث وسيلا ڪامل ڪفيلا، ’فتح‘ کي ويڙهي ويا درد
دليلا
اوکيء رسندم رسول رهبر
{4}
ٿلهه نالي مٺا يا نبي! ڏس شرف اوهان جو شانا
ڪوڙئين پدم ٿيا قربانا
1.
جي نه توکي خلقيو صاحب سبحانا
نڪي فلڪ ملڪ هئا، نڪي جوڙ جهانا
2.
جڏ توکي خلقئن تڏ خلقيا، جنّ، ملڪ، انسانا
نڪي زير زبر هوء نڪي ٻيا خانا
3.
ڪارڻ تو ڪريم جي ٿيا ملڪ ماڳ مڪانا
جُڙيا بهشت جنّتون، حورون ۽ غلمانا
4.
آيا جي نه امر ۾، سي هميشہ حيرانا
جن توکان منهن موڙيو، نِرَهه ويا نادانا
5.
ڪلمون ڪهيو جن ڪوڏ مان، قلب ساڻ زبانا
فضل ساڻ ’فتح‘ چوي، سي آيا منجهه ايمانا
[5]
ٿلهه: الصلوات وسلام عليڪ، جيءُ محمدا! مُزَ مّل!
يا سينا!
1.
پڌري ٿي پيغمبري، نبوت نشانا
نازل ٿيو نبيءَ تي وحي، ڪلمون، قرآنا
2.
”اِنّا فتحنالڪ فتحاّ“ ايڏي مهت ڏنئي موليٰ
تون مهڙ مڙني مرسلين، ختم الانبيا
3.
”والشمس واضحيٰ“ ڪيو شافع ڄام شعاع
لٿو اونداهون ڪفر جو، ڪيو روشن رسولا
4.
’فتح‘ مداحي منگتو، پرتئي پينارا
سخاوت سمونڊ! تون ڏي عاصين آڌار
[6]
ٿلهه: دوست دلاسو ڏي، درماندن، آرياڻي آڌار!
دوست پرين دلبر
1.
سگهو رس سپرين! ڪامل، منجهه قبر
2.
مونکي ڇڏ مَ ڇپرين، ٽولي منجهه ٽڪر
3.
مونکي ستي سور جي، ڏني ٿي ڏونگر
4.
’فتح‘ چئي فراق مان، جوش جلايا جگر
[7]
ٿلهه: جنهن لئي اُڪنڊي آهيان، سو سيد ڏسي سڪ
لاهيان
1.
سچي يار صديق لئي، واٽون جهليو واجهايان
عمر مير، عثمان، علي جي پاڙي پلئه لڳي آهيان
2.
حسن مير حسين کي، جيئري وڃي ديدار يان
سوال سڻ سرور سندم، پرور پلئه ٿي پائيان
3.
فتح چوي در دوست جي، آس رکيو ويٺي آهيان
ڪعبي مهندان ڪريم جي، ساهه صدق سارنائيان
[8]
ٿلهه: دانهن سڻي ڪر منهنجو داد، حضرت گهوٽ مديني
جا!
1.
جي نه خلقئين حضرت هاشمي، ڪيئن رکجي هابنياد
2.
سبب اوهان جي سيدا! عالم ٿيا سڀ آباد
3.
پاڪ پٺيون اوهان جون، اوهين پاڪ آدم زاد
4.
فتح چوي فضل ٿيو، پُني من مراد
[9]
ٿلهه: والي! وسيلو سو ور، منهنجو اجهو ايندو
1.
اچي ٿو اتر پار کان، پرين سو پيغمبر
ڪڪر اچيو ڪريم تي، لائين ڇانو ڇمر
2.
بيبي چڙهي ماڙئين، نيڻن ڪري نظر
موٽ محمد هاشمي! گهوريو سانگ سفر
3.
اجهو آيم سرتيون، ساٿ وٺي سرور
مون ساريندي سپرين، آيم جان جگر
4.
مون تي ڪر مصطفيٰ! نبي ڄام نظر
لاهو ڦوڙائو فتح تان، وڃن غم گوندر
[10]
ٿلهه: وارث پنهنجي ور جو، آءٌ جيئري شال پاڙو پسان
گهوٽ نبي گوهر جو
1.
ڏسان شال اکين سان روضو رهبر جو
2.
مرهم هن مريض لئي، ديدار دلبر جو
3.
پورهيت ٿي پاڻي ڀريان، دوساڻي در جو
4.
فتح چوي فراق مان، ديد پسان دلبر جو
[11]
ٿلهه: منهنجو سانگ ويو ساري پرين
سو محمد ميل اسان
1.
سڪي سيد لئي سال، ههڙا ٿيڙم حال
نئين سج نهاري پرين
2.
جن جڙ لائي جتن، سي ويل نٿا وسرن
سي ايندم اوتاري پرين
3.
اگهي ڪري ٿي آهون، درد منجهاران دانهون
تنهن کي ڦوڙائو مارين پرين
4.
گهوريو سو پرڏيهه، سڄڻ ري ساڻيهه
وڇوڙيل واري پرين
5.
فتح ڦٽ فراق، چڪيو چڪن چاڪ
ڏاتر ڏيکاري پرين
[12]
ٿلهه: آگي ڀلو ٻيو ڪونه ڪيو، جهڙو نبي مرسل ٿيو
1.
مطلب ٿيا سڀ خلق جا، پيدا جڏهن پرور ٿيو
ظاهر پسڻ مولي سندو، محبوب کي ميسر ٿيو
2.
مرسل مڙيئي تابع سندس، مهندار ۾ محشر ٿيو
هي خلق جو خاصو وسيلو، پاڪ پيغمبر ٿيو
3.
جبريل آيو جلد مان، نعلين جو نوڪر ٿيو
مولي سندي محبوب کي، اعليٰ شان انور ٿيو
4.
آيا، فتح ٿيندو فضل، منهنجي من سندو مقصود ٿيو
صيقل هڻي ڪيؤن دل صفا، اهڙو نه پيو اوجر ٿيو
[13]
ٿلهه: اي الا! پار ڏي مون يار هينڙي ٺار جا
اي الا! پار ڏي مون، شفيع سردار جا
1.
پيئي پچان، پر ۾ پڇان، پهيڙا پنهل جي پار جا
ساٿ ڏسي سرهي ٿيان، جيڏيون! قافلا ڪوهيار جا
2.
واءُ لڳا، ورهه ويا، جيڏيون! وريم وڻڪار جا
سي سياڻا مون ساهه، سرتيون! محب مٺي منٺار جا
3.
ماڳ مديني جا ڏسان، ماڙيون، محل، مختار جا
نخل ڏسي نبيءَ جا، گلشن چمن گلزار جا
4.
فتح! ڦٽ ڦلهاريا، عشق سندي آزار جا
گهاءُ گهائن تي لڳا، روز مرهه رخسار جا
[14]
ٿلهه: قريشيءَ ڪمال، منهنجي محبوب جو
ڏٺوَ جي جمال، منهنجي محبوب جو
1.
حسن يوسف جو پسي، زليخان ٿي زوال
پسي سونهن شفيع جي، قمر ٿيو ڪنگال
2.
پرين ريءَ پرديس ۾، ڪونهي هيڻيءَ حال
ڪڏهن ٿيندو ڪيچ ۾، ويچاريءَ وصال
3.
ساجن ريءَ سُڃ ڀانئيان، ڪيچ مڙوئي ڪال
فضل ’فتح‘ سان ڪريو، پنهنجي ڀلائيءَ ڀال
[15]
ٿلهه: عالم جو آڌار، منهنجون جُڙيو جيڏيون!
سونهن ڀريو سردار، منهنجو جڙيو جيڏيون!
1.
احمد چڙهيو اُٺ تي، دُر ٻڌي دستار
ڪڪر ڇانوَ ڪريم تي، مٿس ميگهه ملار
2.
جو اچي اتر پار ڏهون، سو سڃاتوَ سوار
هيءُ ور محمد مير جو، اُمت جو آڌار
3.
سرور آيو ساٿ سين، ڀري کٿوريءَ بار
عالمَ سڀ عطر سين، واسيائين وڻڪار
4.
فتح چوي فضل سان، ميڙ ڏسان مهندار
مُشفِق! پنهنجو مڱڻو پَرتو آهيوَ پينار
[16]
ٿلهه: ساهه سسي صدقو ڪريان، سڄڻ مٿان سوُ وار جي
سڪ ساهه ۾ سردار جي
ماکيءَ مٺي منٺار جي، سڪ ساهه ۾ سرادر جي
1.
ماکيءَ مٺا منهنجا پرين! جيڪر ملين هڪ بار جي
2.
چارئي چڱا چوکا چوان، ياور يقينون يار جي
3.
پرور پسائين پاڪ مون، مجلس سندن موچار جي
4.
خاڪ کٿوريءَ اڳري، پرين سندي پيزار جي
5.
جلوي، جوت، جمال جي، گل ڦل ٽڙيا گلزار جي
6.
ڪر مئون نصيب مون ڪريو، دوستن سندي ديدار جي
7.
فضل ساڻ فتح چوي، لاهيو غم وهم غمخوار جي
[17]
ٿلهه: سڄڻ سي گهر آئيا، آڻي مولي محب ملايا
1.
مون گهر آيا سپرين، ڏور جنين ڏينهن لايا
2.
بيبيءَ ڪارڻ ڪانڌ جي، ڪوڙين ڪانگ اُڏَيا
3.
مال، خزانا، ماڙيون، گوهر گنج لُٽايا
4.
آهون عرض فتح جا، آگي سڀ اگهايا
[18]
ٿلهه: جت پڇان جانب يار حضرت جو، آءٌ ويٺي ساٿ
نهايان
الا! ويڙو جو وڻڪار
1.
پيراندي ڪڍي سير مان، نيئي پهچائج پار
2.
پيراندي پرينءَ رسول جي، نيئي مٺيءَ کي مار
3.
هيڪر هوت اکين سان، ڏکيءَ کي ڏيکار
4.
فتح چوي فراق مان، پُرنديس پرينِ پار
[19]
ٿلهه: ڪو دم ڪيچين لئي،
جاسين آءٌ جيئنديس، ڏونگر ڏورينديس
1.
ڪنجڪ منجهه ڪريم جي، حاضر ٿي آءٌ هلنديس
2.
چڙهي ڏونگر چوٽئين، پنهل جو پڇنديس
3.
منارا محبوب جا ڏوري آءٌ ڏسنديس
4.
فتح چوي فراق مان جوشن ۾ جلنديس
(ج) ڪافيون
محبت ۽ مجاز
[1]
ٿلهه: مارين اکيون تنهنجون قهري ڪان،
ڪيبر ڪان آهن پروان
1. ڪنهن جي شوق شڪار تي چڙهيون، خاص چونڊيو مارين
خان
2. تير تفنگي ماريو دلبر، تو تان صدقي هي جند جان
3. مٿو ڏيئي ساڻ محبوبن، فتح سکڻ آيو هت فرمان
[2]
ٿلهه: اکيون عجيب سان اڙيون، ڳجهي سا ڳالهه نه
رهندي.
1. جهليون پليون نه رهنديون انهيءَ چاڙهي وڃي
چڙهيون
2. اکيون اٽڪيون اکڙين سان، لائي سي لئون وڃي
لڙيون
3. ”فتح“ چئي فراق مان، ڏٺم ٻاروچل ٻڙيون
[3]
ٿلهه: ڪالهه اکين لنئون لائي، مٺيون موٽن ڪين مان
کئون
1. اکيون اکين وو! دوست داڳيون وو ميان!
الو! جاڙ لڳي هن جائي، تيز وڃن تنهين تاءَ کئون
2. گهڙي نه گهاريان وو! ساعت سنگهارن ري ميان!
الو! پرت جنهن جي پان پئي، ڏيهه ڏورن تنهن ڏاءَ
کئون
3. ’فتح‘ چوي ني وو! فراق مئون وو ميان!
وات ورهه هن وائي، ڇوري ڇڏي ويا ڇا کئون
ڳالهه
پرين جي
[4]
ٿلهه: پانڌي ڪر ڪا ڳالهه پرين جي
مٺي وڻي مونکي وائي الا!
1. جيڏيون جڏهانڪر آءٌ ڄائي، سور سڄڻن جي تڏهانڪر
گهائي
عمر سورن ۾ آئي الا!
2. ڏونگريڙن سان هيڙم ڏيٺي، ڇلي ڇپر ۾ آءٌ جا پيٺي
رائي ڪانه رهائي الا!
3. هينئڙي جي گهر هئي هوتن سان، آيل منهنجي ٻاروچن
سان
آهه لکئي لئون لائي الا!
4. ’فتح‘ چوي جي ملي جت جاني، تن من جان ڪيان
قربان
جيئڙو جتن تان جائي الا!
وڇوڙو
[5]
ٿلهه: ڇوري ڇپر ڇڏي، وڃڻ لڏي، اهو نه مناسب هوءِ
جاني
گوندر دلڙيون گڏي، وڃڻ لڏي، اهو نه مناسب هوءِ
جاني
1.
اچي ويهه اکين تي، اوتارا به اڏي
2.
ڏجن دلاسا دل سان، سڪايل کي سڏي
3.
وڃ نه وڍي ويراڳڻ کي، ڏک نه ڏکويل ڏي
4.
”فتح“ چئي فراق مان، وڃ نه سفر وڏي
رامڪلي
[6]
ٿلهه: ڪاپڙي ڪن چير، ويا ويراڳي نڪري، الا الا
ڪاپڙي. . .
1.
هڻي ويا حال جون، سڱيون منجهه سرير
2.
دل هڻي ويا دلق سان، ڦورو هيڙا فقيرَ
3.
فتح چئي، فراق جي تن پيئي تڪبير
مارئي
[7]
ٿلهه: منهنجا سڄڻ سانگي، وري مانَ ملن
منهنجا سڄڻ ساٿي، من ڪو ڀيرو ڪن
1.
مچ منهنجي من تي، ٻاريو ٻاروچن
هيءَ جا باهه برهه جي، جاڳائي جتن
2.
ڪيم سڱ ساجن سين، سڪي لاءِ سکن
ويو ٻاروچو نڪري، مونکي ڏيئي ڏکن
3.
قهري ڪان قريب جا، هينئڙي منجهه هرن
صبر سرتيون نا اچي، مونکي گهاء گهرن
4.
وساريان نه وسرن، وسريو تان نه وڃن
ڳالهيون ڳڻ پرين جا، پلپل ياد پون
5.
فتح ڦٽ فراق جا، چيٺيا چاڪ چڪن
هٿان حبيبن جي هنيا، لوري سي نه لهن
[8]
ٿلهه: ويڙهيچن ڏي ويندي، عمر آءٌ ماروئڙن ڏي ويندي
منجهو ڏيهه ڏاڏاڻي پکڙين
1.
جهوٻو جهانگيڙن جو، ماڙيءَ تي نه مٽيندي
2.
گولون گولاڙن جون، جهپي ساڻ جهپيندي
3.
عمر انهيءَ ڏيهه جا، ڪوڍير قوت ڪريندي
4.
سڱر ساهيڙين سان، ساڻيهه منجهه سٽيندي
5.
فتح چئي، فراق ۾، ڪوٽن ۾ نه ڪٽيندي
[9]
ٿلهه: ماروئڙا ماڙ ڪري، ايندم اوٺي ادا
1.
آءٌ جني جي آهيان، سي مونکي ياد ڪندا
2.
لکيو ويٺي لوڙيان، سندي رب رضا
3.
قيدقضا جي ڪوٽ ۾، مونکي ڏاڍا ڏينهن لڳا
4.
فضل ساڻ فتح چوي، وٺڙن مينهن ملندا
[10]
ماروئڙن سان روئِي، ٿر ڳرهينديس ڳالهيون
1.
مٿي ڏني مارئين، لاکيڻي لوئي
2.
سونَ برابر سڳڙا، پوتا پنوهارن پوئي
3.
ساڻ پلاء نه پاڙيان، سندي ڏورن ڏوئي
4.
فتح چئي، فراق جو، سور ماريندم سوئي
|