ڪافي 9.
اي نور انوري، ابرو هلال تنهنجو
ڪس نيست همسري، ليسڪ مثال تنهنجو
1. بي چون بي نموني شمس الضحى کؤن روشن
باالله برتري، رخسار خال تنهنجو
2. واليل وصف هرگز هڪوار جي نه آهي
اهو زلف عنبري، خمدار دال تنهنجو
3. شيب شباب شاهي القاب قاب قوسين
شبير و شبري، سبطين آل تنهنجو
4. ڪنهن کؤن ثنا نٿي آهي راز ناز پنهان
حقي تو پيغمبري، نازڪ خيال تنهنجو
5. ”تيرهيا“ تجلو تنهنجو ڪيئن خور ٿو جلائي
ڏي درس دلبري، همدم خيال تنهنجو
ڪافي 10.
جنهن ڪنهن ڏٺو هو جانان جيئري جمال تنهنجو
تنهن کي ڪڏهن نه وسريو هي قيل قال تنهنجو
1. جڏ ناز سان تو کوليو زلف سياه ڪاڪل
سڀ خلق ۾ سراسر اسرار سال تنهنجو
2. ڪعبي جيئن رکايو اسود حجر نيشاني
عاشق چمن ٿا ان کي فر خنده خال تنهنجو
ڪافي (بره حسيني) 11.
ڏاگهن پٺ ۾ ڏوري ڏوري، ٿي آءُ ڏونگر ڏوريان
1. هوت هٿان مون ويڙ وهاڻي، ماري مين جي آهيان
ماڻي
جت ڪري ويا زوري زوري، زوراور زابر زوريان
2. چڙهيا چانگان اڙانگا چوٽيين، موڙي ٿي متان ڪين
موٽين
ڇڏ جهڄڻ ۽ جهوري جهوري، چورن جان ڪر چوريان
3. ڏيهه اڳا هون ڏور ڏساڻا، وچ نه ويهي وار وساڻا
گام پڇي ٿيان گهوري گهوري، مٿانئن هي گهر گهوريان
4. اڃ اکين کي آهي اهائي، جبل جهاڳي ڏسنديس جائي
هاڙهي ڪنديس هوري هوري، هوتن لئي هيڪر هوريان
5. ”تيرهيا“ ڄام پنهون پرچائي، وٺي ٿينديس ور
ورائي
ڀينر آءُ تان ڀوري ڀوري، بر براهمڻ ڀينر ڀوريان
ڪافي 12.
ڏاگهن چڙهي ويا ڏير، ڏس ڏيرن جو پڇان پهاڙن
1. ڏير پڇائي ٿينديس ڏوري، آئون براهمڻ آهيان ڀوري
ڏسي بلوچن ڀير، مور سڃاڻا مٿي مهارن
2. ذات اڙانگي ڪيائون زورو، ڪنهن جو ڪون رهيو ڪو
ٿورو
ساٿي ويڙا مٿي سمير، ڪنهن پر ڪاهيان پٺيءَ قهارن
3. هڪ فراق برهه ٿيو باري، ٻي نه ڪئي ڪا ڪنهن
پوئواري
اُٿيان ٿئي ٿي اوير، بس ڀنڀور جي باغ بهارن
4. ”تيرهيا“ رات ڏينهان رند پڇجي، مخفي راز نه
ڪنهن سان ڪڇجي
درد سانڍين دلير، چوکون چوٽون کائي چهارن
ڪافي 13.
ڪرڪا ورڻ جي وائي، يار اسان ڏي تون يڪباري
1. آتڻ توري آهه اُجهاڻو، بر ڀنڀور ٿيو بيگانو
جنهن دم توڪي جدائي، آڌيءَ ويلي اُٺ اُٿاري
2. سرتيون متيون مون م ڏهو ڙي، ور ريءَ ڪين سگهان
وهو ڙي
جبل وينديس جائي، لکيو لوح قلم جو پاري
3. ڏونگر ڏسنديس ڏک سان ڏوري، هڏ نه وهنديس ڪيچان
اوري
رکنديس سرت سمائي، پسنديس پيرا پٺ نهاري
4. ”تيرهيا“ نينهن نباهيائين ناتو، پنهل پنهنجو
پاڻ سڃاتو
ڀلو ڀال ڀلائي، ڪري آيو اڱڻ اوتاري
ڪافي 14.
ساٿ اچڻ جي سرهائي، آتڻ ۾ ڪن سرتيون ساريو
1. شام ولايت پري ٿئي شامان، کپيو کجيو کنڀ ٿيو
کامان
گوندر ڪي گمراهي، غمن مون سان زور گذاريو
2. ڪين فراق وهڻ ڏي واري، ڪانڌ ڪري ڪا مان پوئواري
هوت ڏئي ٿو همراهي، ڪيچ منجهان راڪرهه قطاريو
3. وره ويراڳ حسيني ڪاريم، درد اندوه جي آه اٿاريم
عالم ڏي اوغاهي، ٻول ٻاروچي ٻيهر پاريو
4. ”تيرهيا“ جمال ڏسيو جيان ٿئي، جام ڀران هٿ پاڪ
پيان ٿي
ڇڏيم بي پرواهي، اندر منهنجو عشق اجاريو
ڪافي 15.
آتڻ ۾ اڄ آيو، ساٿ ٻاروچي جو ٻڙي ٻڙي جيڏيون
1. ڪيچي آيا ڪرهه قطاري، اچي ويٺا اڱڻ اوتاري
پنهل پاڻ پسايو، جهن سان جيء جڙي جڙي جيڏيون
2. رخ ڏسي رخسار اهوئي، جتن جو جنسار اهوئي
سيني منجهه سمايو، قرب پاتي ڪڙي ڪڙي جيڏيون
3. هاڙهو هڱور لتاڙي ليڙا، منجهه ڀنڀور اچي ٿيا
ڀيڙا
ٿورو ٿڪيءَ کي لايو، چانگن چوٽ چڙهي چڙهي جيڏيون
4. ”تيرهيا“ وڻ وڻ ٿيون واڌايون، مشڪ کٿوري کوڙ
لٽايون
دلبر ديس وسايو، هڻي اُٺ اڙي اڙي جيڏيون
ڪافي روپ بلاولي 16.
ويٺين وٿن جو ٿي واهي، تو ڏيهه پنهنجو ڀورا ڀانيو
1. ڇا کڻي تو پاڻ سان آندو، جنهن تي وير وجهين ٿو
وانڌو
اها فريب جي ڦاهي، جنهن ۾ تو آڻي پاڻ ڦاسايو
2. آهين تون جهڙو جل جو ڦوٽو، لهر لڳئي تان ڪينگري
ڪلوٽو
ڇاکؤن ڪيئي گمراهي، اڻ ٻڌ سارو جنم گنوايو
3. ڇا کڻي هت پاڻ سان ويندون، کاڄ خوراڪون ڪهڙا
کيندون
ساٿين منجهه سانباهي، سڀڪنهن وارو ڏس ته وڄايو
4. ”تيرهيا“ ناسوت نسورو ناري، دم دم ۾ رک هوش
هشياري
ڪون ڪندو همراهي، جنهن دم حاڪم حڪم هلايو
ڪافي روپ بلاولي 17.
سانبي ساريم سيئي، هوءِ جي ڏيهي ڏاڏاڻا
1. کڻي کاهڙ ڏي ويڙا کاري، خوش ٿي ويٺا پهون پياري
وسري تن کي آءُ ويئي، جن جا واريءَ وٿاڻا
2. امرايرادي هي هت آندي، بند گذاري بيڪس باندي
پڇي سا پاڙو پيئي، جت پنهوارن پاڻا
3. هنيڙي هتي جون آهن هيرون، پڪا پسين سان چونڊيم
پيرون
منگها آڻين مڙيئي، مکڻي موٺ مانڌاڻا
4. ”تيرهيا“ ترسي تن تيڏاهين، جهانگي ويڙا آهن
جيڏاهين
ڏي ڪو نياپو نيئي، اُڪنڊيا آهن اباڻا
ڪافي 18.
ماڙيچن ري ماندي، ڏکيا ڏينهن گذاري
1. ڪوٽن اندر آهي ڪوماڻي، نيرن ۾ ٿي نازڪ نماڻي
بيوس بيڪس باندي، راهون روز نهاري
2. موت وڇوڙي جي هي ماري، سرتين ساهيڙين سنڀاري
ناهي ورهه کان واندي، ڳاري ڳڻتين جي ڳاري
3. هار حمالون هسيون نه پائي، لوئي لاکيڻي ڪين
لڄائي
جا اباڻؤن آندي، سرتي سائي سينگاري
4. ”تيرهيا“ تازا طعام نه کائي، ويڙ وطن لئي ويٺي
واجهائي
هيڪر ٿئي هيڪاندي، ڏيئي سکائون ساري
ڪافي 19.
برهه چڱيون مونکي چيون چيون ڳالهيون روح رچڻ جون
1.
علم عقل ڪل ٿيو حيرانو، ناز سڻايون نيون نيون
2.
راز جون رمزون جيڪي نهاني، پڌر سڀيئي پيون پيون
3.
نفيءَ آڻي ڪيو اثباتي، محبت واريون ميون ميون
4.
”تيرهيا“ ترڪ سڀئي تدبيرون، گهڻيون ٿوريون ٿيون
ٿيون
ڪافي 20.
ڪينڪي مون سان ڪهيون ڪهيون، ڳالهيون هوءَ هلڻ جون
1.
سرتيون آتڻ هڏ نه سهائي، کوءِ پوڻيون ٻن پهيون
پهيون
2.
ساء سمهڻ جو جن کي آيو، سيئي ساٿا رهيون رهيون
3.
ڏکن ڏيرن ڏونگرن منهنجو، ڏيل هڻي ڪيو ڏهيون ڏهيون
4.
”تيرهيا“ ور ورڻ جون هاڻي، وري واڌايون ڊهيون
ڊهيون
ڪافي سربرو21.
ڪر اچڻ جو ڪو انجام، ويٺڙي واٽون نهاريان
1. زلف خم زنجير جيئن، دل کي پاتو ڏاڍو دام
آرزو آهي اکين کي، دلربا دائم مدام
ڪين ڪنهن ويلي وساريان
2. ناز نيڻن جو نهوڙيو، تنهنکي ناهي ڪو آرام
مچ مچايو من اندر ۾، تشنگي آڻي تمام
تنهن سبب ساريو ٿي ساريان
3. هينڙو حيرت ۾ ٿيو حيران هو جهڙو حمام
تو مڪو پوءِ ڪونڪو، پروانو قاصد ۽ پيام
تنهنڪري غم ۾ گذاريان
4. مهدي هادي احمدا، اصل تون خيرالانام
خيرالبشر تنهنجو لقب، خاوند ڪيو تو خوش خرام
سر قدمن واريون واريان
5. ”تيرهيو“ تهدل سدا تنهنجي غلامن جو غلام
سائل ثنا خوان نت چوي توتي صلواتون ۽ سلام
آءٌ، تولئي آتڻ اجاريان
|