سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :24

”مدح گفته فتح فقير درويش“

فاني دنيا جو فڪر نظم

هادي حق پاڪ حق تعالي - مُنزّه هر طرف موليٰ

جنهن جا باري اسم بالا - لکان تنهن جا نظر نالا

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

”لقدڪَرّ منَا بَني آدم“ سَيُهِدي سرور عالَم

علي احمد اسم اعظم تني لئي ڪوثر زمزم

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

خدا ۽ نبيءَ فرمايو ڪريو مومن تنهن جو سعيو

رکو حسنين ڏي رايو ايِهو پيغمبري پايو

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

علي حضرت جي پيشاني ڪونهي حسنين جو ثاني

نبيءَ جاجي جگر جاني تني جو شان سلطاني

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

ڪٿي فاني زماتا ڏس سُڃا ويران خان ڏاس

سمجهه ڪي تون ديوانا ڏس ڪرين ڪهڙا بهانا ڏس

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

رکيا جن هوش هوشياري هلايا حڪم چوڌاري

ڇڏي سردار سرداري واريءَ ۾ ٿي ويا واري

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

زمينون ڪوٽ جن ٻيڙا تني جي مال تي ميڙا

ڇڏي جهڳڙا ويا جهيڙا وڃي ٿيا قبر ۾ ڀيڙا

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

اڳي پوءِ ڏس آهي مرڻو نه جڳ ۾ آسدا جيڻو

ڪني لهڻو ڪني ڏيڻو پيالو موت جو پيڻو

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

ڇڏي ويلي وڏي ويندين دنيا مان تون لوڏي ويندين

محل ماڙيون ڇڏي ويندين ٿڏو پنهنجو ٿڏو ويندين

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

نڍا ڪاڇي جني گهوڙا ٻڌئون سرپينچ ٿي ٽوڙها

ڇڏي ڏيڍا ٿيا ڏوڙا تني سين موت ڪيا گهوڙا

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

وهن چوپڻ تي چوياري رکن ساريءَ وٽان ساري

ڪني جياري ڪني ماري کٽي ڪن ۽ ڪني هاري

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

ڏيندو جڏ موت ڏيکاري انڌاري قبر اونڌاري

سنبت ڪرترت تياري اتي هلبو ته هڪواري

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

’ڪل نفسي‘ سڀئي پڙهندا قبر جي موت ويا ڪڙهندا

ويا ان سور ۾ سڙندا ڪيو جن ڪين، هٿ هڻندا

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

سڏائي ملڪ جو والي وتيا اقبال ڪيو عالي

چليا ڪهڙي عجب چالي هتان ويڙا هٿين خالي

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

جني ٿي ڪيا عمل جاري تني سين هئا ڪٽڪ باري

ملڪ الموت ٿين ماري ويا رڙندا ڪندا زاري

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

جني پرڏيهه هئا ڏرندا تڙي تازي هئا ترندا

تني تي ڇٽ هئا ڍرندا قبر جي منهن ويا ڳرندا

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

جني هاٿي هنبار هئا تني جا حڪم جاري هئا

شڪارن تي شڪاري هئا مري ويا پاڻ ماري هئا

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

بڙا ٿي نام چايائون حڪم ڏاڍا هلايائون

هوا ۾ تخت اڏايائون ڀلي ويا پاڻ ڀانيائون

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

سليمان ذوالقرن دارا چوڻ جن جي ڪيا چارا

هزارين هئن هلڪارا تني سين موت يا مارا

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

بلي اسفند ايراني بلي جمشيد خاقاني

بلي رستم پهلواني رهي تن جي نه نيشاني

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

جتي ڏس آور هئا اورنگ رکيائون روز ڏاڍا رنگ

بهادر شير هئا برجنگ ڇڏي رنگ محل ويڙا

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

هنيا ڇڏ هٺ ۽ هستي اها ابليس جي مستي

ڪنهين جي ڪرنه دل خستي بلا کي مار دو دستي

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

ڏيکاري جڏ ازل ڏيندو نهوڙي تاب سين نيندو

اتي وس ٻين جو ٿيندو ڏنو آڏو اُتي ايندو

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

آهي دنيا هي سارو غم ڪڏهين شادي ڪڏهين ماتم

سهي ڪر بي وفائي دم خدا کي ياد ڪر دم دم

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

هميشہ هت نه تون هوندين انڌاري قبر ۾ پوندين

ڏکيا هن ڏيهه کي روئندين اتي ڪنهن حال تون چوندين

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

فنا جو گهر ”فتح“ فاني رکج زاخلاق انساني

آئي پيري ڳئي جواني قبر جي سا به نيشاني

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

بچائين تان بچان باري ڊنو آهيان مان ڏوهاري

فضل تنهنجي سندي تاري اچي ڪا ڏيوم دلداري

خدا کي ياد ڪر دم دم، جهان فاني نمي داني

 

”تمام شد تاريخ 25  ماه ربيع الثاني سنه 1300

از قلم ديوان ٺارومل نصرپور“

ضميمون 3.

رسالو غلام حيدر فقير ’تيرهيو‘[1]

سر سسئي

آبري

داستان پهريون

1.      ڏهاڙي ڏونگر ۾، نيون نهاري

ڪريو سڏ ساٿن کي، ٻانڀڻ ٻاڪاري

اوٺي النگاري، هليا هاڙهي سامهان.

 

2.     ڏهاڙي ڏونگر ۾، نهاري ناڪا

اُٿي آڌيءَ رات جو، جَت ڪري جاڪا

اوٺي ٿي آڪا، هليا هاڙهي سامهان.

 

3. ڏهاڙي ڏونگر ۾، پڇائي پاڻا

ڪيچان اوري ڪٿهين وار نه وساڻا

مَين ڪيا ماڻا، وريا وطن سامهان.

 

4. ڏهاڙي ڏونگر ۾، پڇي پيرا

ڪريو ياد جتن کي، جلائي جيرا

هي پياري پنڌ ۾، ڏاگهن تي ڏيرا

ٿيا هيڻا هڏ حزين جا، کيڙن ۾ کيرا

ور وٺي واٽ ويا، ويري ڪنهن ويرا

جاٽون جاٽ جبل ۾، ڏي ڀتؤن ڀت ڀيرا

دم نه ڪيائون ديرا، وريا وطن سامهان

 

5. ڏهاڙي ڏونگر ۾ رت ورنو روءِ

”فليضحکوا قليلا وليبڪوا ڪثيرا“ حرف

حقيقي هوءِ

سانگو رکج مَ ساهه جو، پير مَ رکج پوءِ

جبل مٿي جوءِ، ڪج ڪو وس وڃڻ سان.

 

6. ڪج ڪو وس وڃڻ سان، گهٽ اڻانگا گهاٽ

پُري پَٻُوڻِيءَ تان، وٺ وندر جي واٽ

تازا پير پنهونءَ جا، لٽي نِيا لڙاٽ

هو ڪاهي ويا ڪنواٽ، هي ڪري وس وڃڻ سان.

 

7. ڪري وس وڃڻ سان، ورچي تان نه وري

سٽون ڏي سُمير تي، ٽريو ڪين ٽري

ساعت نه سري ساٿ ريءَ، سرتين ريءَ سري

پير نه ڇڏي پرين جو، جي پوئي ڀُون تري

مارڳ منجهه مري، ته ٿئي هيڪاندي هوت سان.

 

8. ڪري وس وڃڻ سان، ورچيو تان نه وهي

رائي رهي راتيون، سائين جي سِهي

ڪامڻ ڪانڌ ڪهي، ڏکيتيءَ کي ڏوليو.

 

9. ڪري وس وڃڻ سان، نارِي منجهه نفاق

ڇڏي نماڻي ننڊ ۾، ٿيا اوٺي بي اتفاق

ماري تنهن فراق، پيس جو پنهونءَ سان.

 

10. ڪري وس وڃڻ سان، رسي جي نه رسي

ويهو وسامي ڪينڪي، تر نٿي ترسي

ٿيا هيڪلا هوت ري، گهوريائين گهر سي

”تيرها“ تکي تؤنگ ۾، وندر ڏي ور سي

سوجهيائين سَر سي، جتان اوٺي اُڀريا.

 

11. ڪري وس وڃڻ سان، جبل ڏي جهوتيون

نير هاري نيڻن مان، آب ارتو اوتيون

هوتاڻي هوتيون، رهبر راهه رندن تي.

 

12. رهبر راهه رندن تي، ڪيچي ڪوهيارو

آهي اڻ سونهن سان پنهون پاڳارو

حامي هوت حبيب ٿيو، هاڙهي هاڪارو

لڪ لنگهائي لڪيون، سونهون سردارو

”تيرها“ تُمارو، ورنهه وسيلو واهرو.

 

13. رهبر راهه رندن تي، شامل آهه شفيق

پيادن سان پنڌ ۾ تمامي تحقيق

ثمر آهي سچ جو دانشور دقيق

راسخ راس رفيق، محمّد معنيٰ ۾ ٿيو.

 

14. رهبر راهه رندن تي، وسيلو وريام

معجزو محبوب جو ٿئي تا نه تمام

”تيرها“ طالبن کي، جوپ پياري جام

مشفق مداحين جو، ڪري قبول ڪلام

”سبحان الذي اسرى بعبده“ سرور تي سلام

آڳہ آهه امام، هردم حضرت هاشمي.

وائي 1.

هوت وٺي هت هاڻي او هاڻي، ڪيچان آيو قافلو

1.           وري وسائي وريا، آتڻ کي اُڄاڻي او هاڻي

2.          آيا آسون پنيون، ٿاڪ ڏٺم منجهه ٿاڻي اوهاڻي

3.          مادر اُن مَين جي ماري وڌس ماڻي اوهاڻي

4.                     تيرها سُيم نه ساٿ جي هاڪ سندي هالاڻي اوهاڻي

داستان ٻيو

15. پيم ڪون پرياڻ، سرتيون ساٿ لڏڻ جو

وجهي ور واڳن ۾، هوند ڏاگهن پاتي ڏاڻ

ساٿ جو سرواڻ، هو وسان وڃايم ڪينڪي.

 

16. پيم ڪونه پڙلاءُ، سرتيون ساٿ لڏڻ جو

مون کي ننڊ نهوڙيو، چانگن ڪيو چڙهاءُ

مٿي لڪ لڙاءُ، ڪري قطري نه ڪڻڪيا.

 

17. سرتيون ساٿ لڏڻ جو، پيم ڪونه پرو

آيم ننڊ نڀاڳ جي، جاڳيس تان نه ذرو

ڏس چانگن جو چرو، توڏا تر نه ترسيا.

 

18. سمجهه نه رکيم ساٿ جي، تڏهن اُسهيا آڌيءَ رات

ڪرها ڪاهي هليا، ڪَهِي ڪيچ قلاتِ

پڄاڻا پرڀاتِ، پير پڇايم اُنِ جا.

 

19. سمجهه نه رکيم ساٿ جي، سُتي ساٿ ويوم

ڪنهن پر ڪيچيڙن سان ڪارون ڪونه ڪِيوم

نِيَر پائي نينهن جو، پيرا پڇان پاهُڻين

پرهه پنڌ پيوم، پيرا پڇان پاهُيڻن.

 

20. سمجهه نه رکيم ساٿ جي، نهوڙيس ناسُوت

توڏا تر نه ترسيا، تکا منجهه تاهوت

لنگهيا ڏونهن لاهوت، پرهان مهند پٻ تان.

 

21. پِرهان مَهند پٻ تان، ليڙن لنگهه ڪِيو

وندر سندي واٽ تي، وهاڻيءَ ويو

پريندي پيو، سهکيءَ وڃي ساٿ ڙو.

 

22. پرهان مَهندِ پٻ تان، گنگن لايو گَس

ڏيئي چوٽ چڙهي ويا، وڏو ڪيائون وس

جوءِ کٽين تون جَس، جي پَئين پُٺيءَ پيرجي.

 

23. مٿي پنڌ پهاڙ جي، ترسن نه توڏا

ڪشي ڪيچي هليا، مهاري موڏا

وٺي واٽ وندر جي رند چڙهيا روڏا

لڪ لتاڙي لڪيون گٺائون گوڏا

اچي ٿيا اوڏا، وهاڻي وڻڪار کي.

 

24. مٿي پنڌ پهاڙ جي، جمل ڪن جاٽون

ليڙن سڀ لتاڙيون، وندر جون واٽون

پُري پيادي پٽ ۾، گهٽ وٺيو گهاٽيون

لڪن تي لاٽون، برهمڻ جي برهه جون.

 

25. برهمڻ ڀنڀور، ڇو تو ڇوري ڇڏيو

جتن سندي ذات جو، لاهه هيئن تان هور

زوري ڪري زور، توکان ور وٺي ويا.

 

26. توکان ور وٺي ويا، وڃ مَ تن ويڙهي

جيجل ٿي جهيڙي، جهَلون پائن جيڏيون.

 

27. جهلون پايو جيڏيون، سرتيون سمجهائين

وٺيو پاند پرٽ جو، رويو رهائين

سڱ نه سهائين، آزيون ڪن ادب سان.

 

28. سرتيون هاڻ سلام، منهنجو آهي مڙن کي

ڀِرڻ جو ڀنڀور ڏي، ڪهو ڪو مَ ڪلام

اصل آري ڄام سان اٿم اي انجام

گوهر سندو گام، پڇنديس پهاڙن ۾.

 

29. پڇنديس پهاڙ کان، پنهل جو پاڙو

روئي رڱينديس رت سان، حب هنڱور هاڙو

ڌارينِ ڌوٻڻ ڌار ڪي، دل رکي ڌاڙو

پير عريانا پٻ تي، مٿو اگهاڙو

ڪرڻا ۽ ڪاڙهو، جيڏيون آيم جوش ۾.

 

30. جيرا جوش جلائيا، سرتيون سک ويوم

ڪرڻ ڪوهيارل ڏي پيرين پنڌ پيوم

وهڻ وهه ٿيوم، هَلان تان هور لهي.

 

31. جيرا جوش جلائيا، پنهونءَ سندي پُور

مادر مون کي ماريو، محبت جي مذڪور

درد ڪيا دستور، ديواني جي دل تي.


[1]  هن لشان سان مختلف سرن هيٺ اهي بيت نروار ڪيا ويا آهن، جيڪي شاهه شريف جي قلمي رسالي مان کنيل آهن ۽ ’تيرهي‘ فقير جي ڇپيل ”رسالي حيدري“ ۾ شامل نه آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org