570.پَدمن سامهون پيرکڻي، وِترِي وک سندياس
ڪُهي ڪروڙن کي، وَڌي ڪونه وٽاس
”تيرهيا“ سڻي تپاس، هڪل هاڪاري سندي.
571.اڳرو عبادت ۾، سرس منجهه سخا
وير وڏيرا جن مٿي، وهي تن وٽا
راهوءَ جي رهاڻ ۾ نڪو ڊپ نه ڊاءُ
ايندن چئي آءُ، ويٺن ڏئي واڌائيون.
572.محفل ويل مڙن کي، سَرو پياري صاف
بخشي بوڇ بُڇائيون، مديون ڪري معاف
ابڙي جو اوصاف، سدائين سامُن تي.
573.سدائين سَرڻن تي سٻر سندو سک
لاٿائين لطف سان عالَم تان اهک
سي نه ڏسندا ڏک، جي آجهي آيا ابڙي.
574.دائم دهشت ٿو ڪري، مجوسي مردار
آڻيو وجهي اُبتيون نصراني نڪار
قلب سندي ڪوٽ مان ڪڍ خسارو خوار
نفيءَ سان نروار، وڍج ڪنڌ ڪُلاٽ جو.
575.ڪپي ڪنڌ ڪُلاٽ جو ’لا‘ سين لاهه لُڻي
ويهي هن وجود ۾ ڀُڻي ڪيائين ڀُڻي
ڪُمَت آڇي قلب کي، چائِت چور چُڻي
سٻر سڏ سُڻِي، ڌڪي ڪڍ ديوث کي.
576.ڌڪي ڪڍ ديوث کي، دران ڪري دور
معنى سندي ملڪ ۾ موڳو رهي نه مور
ٿِئي ڏسڻان ڏور، ته ڏيهه تان ڏولائو لهي.
577.لٿو ڏولائو ڏيهه تان، داور ڪيو داد
تَحليلان تمام ٿيو، اَشَهدُ جو ارشاد
نڪتو ناسوديءَ مان فسق فجور فساد
”تيرهيا“ طالبن کي آهي آمر جو امداد
رهن هميشہ حال ۾، ڪن فريادو فرياد
ڇڏي جنگ جهاد، پاسي ٿيا پاڻ کان.
578.پاسي ٿيا پاڻ کان، پَٽ پيتائون پاَڪ
منجهان سري شوق جي چکيائون چُئاڪ
برهه ڪيا بيباڪ، آءٌ رهي نه اُن ۾.
579.رهي نه رتيءَ جيترو، آءٌ تون اُن وٽ
سُرڪ سپڙڄام کان، پُرپيتائون پَٽ
سِر جي ڪئائون سَٽ، سر وڍيائون سکڻو.
580.جکري سندي جوءِ، عالم ۾ ٿي پڌري
اوتي عطر بوءِ، ڏنائين شان شفيع کي.
581.پين پيالا پُر ڪريو، جکري هٿان جال
ڪن ڪچهري ڪوڏ مان، وٺئو وٽ وصال
ماسو جن نه مال، سي ولها سڀ ونهيان ٿيا.
582.ولها سڀ ونهيا ڪيا، تنهنجي جُود جوان
ملڪ مڙئي محفوظ ٿيا سخاسين سلطان
”واما السّائل فلاتَنهُر“، ڏئين ڏهوڻا ڏان
”تيرهيي“ جهڙا تومُلا، پازي پنن پان
دُهرا ڏيو دان، پرچائين پينار کي.
583.عاصي تنهنجي آسري، عالم جا امام
ور وسيلا ڪارڻي، واهر ٿي وريام
ڏي تون ڏوهارين کي، جامع ڀري جام
ڪونه پڇندو ڪنهن کي ڪاري جت قيام
تتي توقع تو سندو، نرمل نور نظام
ٿي دارون درماندن جو، گوهر ڀري گام
”اِنا اعَطُينا“ آن مٿي، اذن شفاعت عام
آهنجا مرتبا مدام، مولى مٿاهان ڪيا.
584.مولى مٿاهون ڪيو، شان اوهان جو شاهه
هردم آهيو هاشمي، هيڻن جا همراهه
سڌا ڪريو صراط تي، گٿل جي گمراهه
نرمل ساڻ نگاهه، نوازيو نادان کي.
585.عالادين آئيو، کڻي دهليءَ منجهان دل
ڇليون تنهن ڇٽڪائيون، ڪٽڪ ڪيا ڪر ڳل
هالار ڌڻي هڪل، ڏيئي ڏوراڻو جهليو.
586.ڏسي ڏونگر راء کي، ٿيو عالادين عجب
ابڙي وٽ ادب، ڪري موٽيو ماڳ تي.
587.سڃي بيٺو سر کي، سام نه ڏي سردار
وڙهڻ ڌاران ڪونه ڪري وڻج ۽ واپار
زيرڪ ذولفقار، هردم رکي هٿ ۾.
588.اچي اُڙدن سامهون، ايڏي آبڙي اوٽ
حملو هزارن تي ڪري گهائي گهوٽ
هڪل سان هالار ڌڻي، قلعو ڀڃي ڪوٽ
چڙهي ڏيئي چوٽ، ماري موٽي ڪينڪي.
589.مڙڻ جنهن کي مهڻو، سوئي مون سردار
سمنڊ سخاوت ۾، عطا جو آڌار
کڻي بار کهين جا، جهيڙي جو جهونجهار
”تيرهيا“ ٿيو تڪرار، ڪلمو راس رسول تي.
590.پڙهي جن پڙهيو، مومن سسي مرڪن
قلب ساڻ ڪهن، صلواتون سردار تي.
591.ويڳاڻو وري، آيو داتا در مٿي
مٿا موڳي جي هنيا، ٿيس ڪانه ڳري
لاهي ڀٽ ڀري، پئي پاسيرو رهيو.
592.ويڳاڻو ويٺو، اچي داتا در اُتي
ڪم موچارو ڪونڪو، ڄاڻي ئي ڄيٺو
کپت ۽ کيٽو، چارئي پهر چنجوس کي.
593.چارئي پهر چنجوس کي، لائي چائي چت
اچي پيو انگن تي، ڏسي ڀروسو ڀت
چنگهي چنگهي چت، مڻي مور مٺائيون.
594.نجس ناڪس نڪڻو ويڳاڻو وڻٺل
ڪري بڇائون ڪيتريون روڳي رنگ محل
پالهو ٿئي نه پل، موڳو مونجهاري ڪنان.
595.گٿل هن گمراهه کي، سائين تون سمجهاءِ
پسيو عجب پانهنجا، لوڪان پاڻ لڪاءِ
پرين تون پرچاءِ، ڪوٺي ڪاٽ ڪلاٽ کي.
596.آهيس تنهنجو آسرو، ٻيو در ڏسي ڪونه
تهدل وٽان تونه، خالي وڃي خام ڪو.
597.آهي تنهنجي آسري، ٻئي در وڃي ڪين
نوازيج نگاهه سان، تنهن کي ڏيئي تلقين
معلوم توکي مصطفى، سندو حال حزين
مٿي تنهن مسڪين، ڪر نظر نوازش جو.
598.معلوم توکي مڙوئي، هن هيڻيءَ جو حال
ڪامل ڪريان ڪهڙو، تو وٽ قيل مقال
پرين پسايو پانهنجو، جڏيءَ کي جمال
طالب ڪريو ”تيرهيو“، نظر ساڻ نهال
ڪهي ڇا قوال، سڻائي سرود سان.
599.اگهو ڪري عاجزي، درتي ديوانو
مٿي اڱڻ آئيو، موٽي مستانو
ڀڻي بيگانو، ڌاران ٻڪيءَ ٻاجهه جي.
600.مڙيئي معاف ٿيا، گنديءَ کي گناهه
عطر عنبر عرق جا پرين ڏنس پاهه
سرهو ڪيو ساعت ۾ سخي شاهن شاهه
ڪيائين اڳين اجرو، ڌوئي منجهه درياهه
”تيرهيا“ واهر واهه، ٻي ڪنڌي ناهه ڪريم ري.
مولود -1
مير مديني جو موچارو، حامي ٿيندو هاشمي
1.
اُڀ تتو، ڀون ٽامڻي، ڪريو سج ڪارو
2.
نفسا نفسيءَ جو ٿيو نيشان اُت نقارو
3.
ڪونه سڃاڻندو ڪنهن کي، ماءُ نه پيءُ ڀارو
4.
نڪو پير، نه ڏان ڪو، نڪو وسيلو وارو
5.
لنگهائيندو لطف سان، پل تان پاڳارو
6.
تان نه ڇڏيندو ”تيرهيا“، عاصين کي اڳوارو
سر ڏهر
601.ڪونجن ڪيو ڪر ڳل، ڪاهي هليون ڪوهه تان
پاسي ٿين نه پل، هلن هيڪانديون پاڻ ۾.
602.ڪونجون ڪاهو ڪاهه، ڪهي ڪاڇي آئيون
مٿان روهن راهه، وٺي اوڏاڻيون اوڏهين.
603.ماريءَ سندومن ۾، اوسيڙو ارمان
ڪشي بيٺو ڪان، ويري وٺي واٽڙي.
604.ويري وٺي واٽ، لڪي ويٺو لڪ ۾
اهڙا گهڙي گهاٽ، ڍٻ منڊيو ڍٻيون.
605.مري شال ماري، وڳر جو ويڇون ڪري
ٻي نه تنهن تاري، مارڻ ڌاران من ۾.
606.وڳر ويچارن جا، ڌڪي ڪيائين ڌار
مٽي پٻ پچار، ڦوڙائي فراق جي.
607.ڪونجون ڪاري روهه مان، هليون هاڪاري
لميون للڪاري، ڪهي ڪاڇي سامهيون.
608.ڪڻڪ ڪونجڙين کي، ڪاجا پيئي ڪن
راتو ڏينهن رمن، وڳر ڪيو پاڻ ۾.
609.ولر جنهن ويڇون ڪيا، مري سو ماري
سڃ ۾ شڪاري، وٺي ويٺو واٽڙي.
610.مٿان لڪ نه لڙن، ڪنان خوف خناس جي
وٺيو چوٽ چڙهن، اُڏامن آ ڪاس ڏي.
سر ڪاپائتي
611ڪتڻ سندي ڪار، ڪر ته ڪاهل نه ٿئين
سنهوسٽ صراف کي ڏهاڻي ڏيکار
ناريءَ منجهه نهار، ته تند سڄيائي صاف هلي.
612.ڪن ڪاپاتيون ڪوڏ مان، ڪاپو چڱيءَ ڪار
وڃن صرافن سامهون، جت بها بازار
مٽين ويٺيون مٽ تي، سودو منجهه سرڪار
پهري آيون پارچا، ڳرا ڳؤري بار
”تيرهيا“ تان تنوار، ڪاسٽ سهوٽن جي.
613.ويٺيون ڪتن ڪوڏ مان، ڪاپو سندن ڪرم
ڀيرين ڀنيءَ ڀيڄ جو، آڌيءَ ويل آرم
ڦورو تن جو نه ڦوليو، ناري ڏسي نرم
ٿيو شاهوڪار شرم، سٽ ڏٺائين سڦرو.
614.ويٺيون ڪتن ڪوڏ مان، ڀيرم ڀليءَ ڀت
ڪڏهن ڪن نه ڪانڌ سان، چرخي جي چائت
اُٿيو مهل اسور جو، پهو کڻن لئي پت
صرافن سپت، ڏسي چيو هي ڏاهيون.
615.ستي سج اُڀارئين، چرخي پايين نه مال
ڪيئن وڻندينءَ ڪانڌ کي، جيئن تو ههڙا حال
سرتين سڀني سٽ سنهون ڪتي رکيو ڪال
ڀلايون ۽ ڀال، ڀوري وساريئي ورجا!
616.چرخو کڻي چاهه مان، ڀوري نه ڀيريوءِ
پهو پوڻي گڏ ڪري، آڻي نه اير يوءِ
قرب پنهنجي ڪانڌ جو، ڪهڙيءَ ڀت ڪير يوءِ
سڳو نه سير يوءِ، مهڙ ڪري مالهه ڏي.
617.ڪتن ۽ ڪنبن، ڪريو مهڙ مالهه ڏي
”تيرهيا“ سدا تند جي، طلب آهي کي تن
سنجهي نا سمهن، اوبين سٽ اسور جو.
618.ڪنبي رکن ڪاتياريون، ناري منجهه نهار
پڙهن پهو ڪتيندي اٿيو استغفار
هلائين هوش رکيو، تند سنهين کان وار
اٺئي پهر ارٽ جي، آهن منجهه افڪار
”تيرهيا“ ٻي تنوار، ڪن نه ڪا ڪاپائتيون.
619.سنهون ڪتي نه سگهين، ته رنڍا ويٺي روڙ
ٿلهي ٿوري کان پانهنجو، منهن م هڏهين موڙ
وڃ صرافن سامهون آرٽ ڏيئي اوڙ
نيئي جيڏن سان جوڙ، مرڪي ويلهه مٽاءِ جي.
620.صراف سٽ مٽ ڪندا، ٿلهو جي ٿورو
ناري نهاري ڪينڪي، ڦولين نه ڦورو
تريو جي تورو، ته سنهو ٿلهو اگهندو.
621.سنهو ٿلهو اگهندو، حاضر جي هوندو
پهي سان پوندو، تري تارازيءَ ۾.
622.ونگي ٿڪ ورن سان، ڏنگي آ ڏوڙي
تند نه هلي تنهن تي، سولي سجوڙي
مٽائج موڙي، صبح صرافن کان.
623.جن ٿي ڪتيو ڪالهه، اڄ نه آتڻ ۾ اُهي
مٿي ارٽ مالهه، ڏٺم اولاڻيل ان جي.
624.اچي ڪونه ارٽ جو آتڻ ۾ آواز
لنگهي ڪار ڪتڻ جي، پوڻين ڪيو پرواز
اُڏاڻيون آڪاس ڏي، ناريون ڪري ناز
لا کيڻيون لحاظ، کڻي وييون پاڻ سان.
625.ڄاڻي سڀ ڄمار، تند نه ڪتيئي هيڪڙي
اُٿندينءَ عريان اتهين، جت جيڏين کي جنسار
سڪي لئي سينگار، گهڻا هڻنديءَ هٿڙا.
626.پهي ڌاران پانهنجي، اتي پڇندئي ڪونه
گڏ اُگهاڙين اُتهين، سڪندينءَ لاءِ سون
جاڳي ڪتيو تونه، گهڻا هڻندينءَ هٿڙا.
627.ڪڏهن ٿيندي ڪانڪا، اگهاڙين کي عيد
ريشم جي رسيد، جتي جڙندي جيڏئين.
وائي 49.
مون کي ويهڻ مناسب ناهي، هاڻي هن ڀنڀور ۾
1.
اٿي آڌيءَ رات جو ڪيچي هليا ڪرها ڪاهي
2.
سڱ سياڪو ڪونڪو، منهنجو آيل ان سان آهي
3.
وري ورنديس ڪينڪي، آءٌ هليس آتڻ ڊاهي
4.
”تيرهيا“ هامي هوت ٿيو، اچي رهبر اندر راهي
سر گهاتو
628.ڪلاچي جي ڪن ۾، گهاتو ٿا گهڙن
مٿي مڇ مڙن، ٻڌيو مولهيا ماڪ ۾.
629.ڪلاچيءَ جي ڪن ۾، گهاتن پاتو گهور
اوليون وڃن اُجهنديون، پاڻيءَ رکيو زور
پين هيين هور، مڙيا مانگر مڇ کان
630.گهاتن گهورڻ ڇڏيو، مڙيا مڇ ڏسي
جان ڪري گهور جهاجهه ۾، فنا ٿيا ڦسي
سڃي ڪونه سسي، سامهون اُڀي سينسار کي.
631.ڪاهي هليا ڪن ۾، وٺي سڃي سير
ڏسي اُڇل آب جي، دهلي ٿيا دلگير
پري پهتا پير، نهاري نڪونجهه کي.
632.نهاريئون نڪونجهه کي، پيرين پاتاري
رڇ منڊيائون ريٽ تي ونجهن ۾ واري
ڇتيون ڇڳرين کنيون، ترهن تي تاري
مانگر مڇ جي ماريا ملاح مونجهاري
پهه پهيائون پاڻ ۾، اهڙو اختياري
ويهو م وساري، گهڙي گهوريو اگهور کي.
633.گهوريائون اگهور کي، گهاتن وٺتا گهٽ
ڪنهين هٿ سانبوهيون، ڪني مٿي مٽ
ڀري بيٺا پٽ، ٻئي ڪپ ڪلاچ جا.
634.ڇڏي ٻئي ڪپ، اُهريا آب عميق ڏي
ڪي ولهوٽي وير نيا، ڪي گتا منجهه گپ
جهلي سگهن نه جهاريون، جهولي جي جهڙپ
اوڀاري ۽ آر تي هئي لهرن جي لڙپ
مانجهي ڪري مپ، ماري مڇ کي موٽيا.
635.مڇ کي ماري موٽيا، گهاتو مٿي گهرن
وڍين وراهين پاڻ ۾ ترازوءَ ترن
”ومَن يَعَمُلُ مِثقال ذرة“ ضايع ڪن نه ذرن
صبح صادق سان اچيو پڙ تي پت پرن
”تيرهيا“ توبوا الاالله جو سبق صاف پڙهن
سولنگي ٿا سڙن، ڏسيو مايا مڇ جي.
636.ڏسيو مايا مڇ جي، سولنگي سک نه ڏين
اٿيو سويرا گهاتئا، ساٽي ٿا سؤدين
ترازوءَ تورين، وجهيو مڇ ميزان ۾.
637.وجهيو مڇ ميزان ۾، آيا پاس اڏي
وڍي وراهي وٺي ويا، مهاڻا مڏي
جوکوءَ تان جڏي، اچي گهاتن گس لائيو.
638.نڪا مڪري ماڳهين، نڪو گهاتن گهر
نڪي ساٽي، نه سولنگي، نڪي ساوا سر
نڪو ماڳ مڪان ڪو، نڪا ڌرتي ڌر
نڪا دونس درياه جي، نڪي مڇ مانگر
نڪو واهه نه واهڙو، نڪا ڪوڪ ڪپر
”تيرهيا“ ناهه خبر، اونهي عين الماء جي.
639.اونهي عين الماءَ سان، آڌيءَ جي اورين
اهي گهاتو اگهور ۾، گهوريو ٿا گهورين
ماريو آڻيو مڇ کي، ڪپن سان ڪورين
تارازو تورين، ساٽي سولنگي گڏ ٿيو.
640.ساٽي سولنگي گڏ ٿيا، مڇ سئائون ماريو
چئي: ڀلي ڄائين مورڙا، تو وير وڃي واريو
”نصر من الله وفتح قريب“ ”تيرهيا“ تنواريو
سوداگر ساريو، موکا ڏين مهل تي.
وائي 50.
ٿلهه: حاضر منجهه حضور، حضرت عشق عجيب جي
1.
جلوي جوت جمال جي ڪيئي جلايا طور
2.
ننڊ نهوڙي نانهن ڪيا، گهوٽيا گهايا گهور
3.
وڏيءَ موج ملاح نيا، پتڻ لايا پور
4.
مستيءَ ۾ مهراڻ جي محو ٿيا منصور
5.
”تيرهيا“ طالب طلب جو مديني مخمور
ڪافي 4.
ٿلهه: موج ڪيس مخمور، ناز نظاري پياروا
1.اقرب لوڏو جڏهن آيون، تڏهن جوڙيم جيءَ ۾ جايون
حاصل ٿيم حضور، حج هزاري پياروا
2.اچڻ اوهان جي اڱڻ اُجاريو، نوشہ نادر تو نهاريو
ڏاڍو رکيوئي دستور، دل ڌتاري پياروا
3.حسن حملا ڪيون هلائون، بره بهادر بڇيون بلائون
سوريءَ تي منصور، شڪر گذاري پياروا
4.”تيرهيو“ تابع تنهنجو آهي، سينو هر گرز ڪونڪو
ساهي
مولي جا مامور، آءٌ اوتاري پياروا
سر آسا
641.هڪا آس الله جي، ٻيو ڪونهي ٻل
پئي ٿي چل پل، گهڙي هن گهڙيال جي.
642.هڪا آس الله جي، ٻيو ڪونهي پار
اکين ۾ اسرار، قطر ڪارائيءَ جو.
643.سدا سفائيءَ جي، اکيون آس رکن
ڪَٽر پوي مَ تن، پسڻان مهند پرين جي.
644.سدا صفائيءَ جي، اکيون رکن آس
شال م ٿين نراس، پسڻان مهند پرين جي.
645.سدا صفائيءَ جي، اکين آهي اميد
جلوي سات جاويد ٿين اڳين کان اجريون.
646ٿين اڳي کان اجريون، پرين جي پسن
وڃي راز رسن، ته کهين کيجائو لهي.
647.وڃي ڏس ڏسين کي، ڏسين ڏسي آءُ
”ارئيت من ڪان في هذا“ نبيريائون نياءُ
سڪڻ سندو ساءُ، پڇج پانڌيڙن کي.
648.وڃي ڏس ڏسين کي، ڏسين وڃي ڏور
ٿي نفي اثبات لئي، گهر سڀئي گهور
اکيون تئان ڪڪور، جئان لالي نه لهي.
649.وڃي ڏس ڏسين کي، ڏسين اُهي ڏس
پاڻ وڃائي پاڻ ۾، پاڻان پرين پس
وڃاءِ م وحدت ري، عمر سڀ عبث
گهٽان اندر گر جو گهوري لهج گس
”اقرب اليہ من حبل الوريد“ سندو ڏاهن ڏس
جن ڪي اها جانبازي، تن جوانن جس
”تيرهيا“ ڪيم ترس، ملي ماڻ مشاهدو.
650.ملي ماڻ مشاهدو، جو اوڏو کان اکين
پاڻ پري کان تن، جيڪي پري پرت کان.
651.اوڏو آهي اکين کان، ناهي پاڻ پري
حاضر هر ڪنهن دم ۾، ڏس دل تي ڌيان ڌري
جهڙو منجهه ذري، تهڙو سڀ سماء ۾.
652.تهڙو مورت معنوي، تهڙو صورت سون
چون کان بيچون ٿيو، ههڙو نڪي هيڏو نه
عناصر اولون، سمجهه سوچي سر کي.
653.’ڪل‘ سوچي ڪونه ڪو، ’جزو‘ منجهه جهان
”الانسان سري وانا سره“ پڌرو ۽ پنهان
سمجهي چئي سبحان، هي هو آهي هڪڙو.
654.نڪو هيءُ نه هو، نه ڪو آهه نه ناهه ڪو
”مخزن الا سرار معرفتي“ نڪو سجود رڪوع
”موتوا قبل ان تموتوا“، ٿيءِ ته رسي رمز کي.
655.ڪانهي جاءِ ڪڇڻ جي، رمز پروڙج راز
سمجهه ساه پساه سان، الستي آواز
نظر ناز نياز، ”تيرهيا“ سک طلب کان.
656.نظر ناز پرين جو، جامع جميع جمال
حاصل حقيقت مان ٿئي هر ڪوئي حال
اتي قيل نه قال، اي سڀ اوراهون رهيو.
وائي 51.
تن ۾ تنهنجڙي جاءِ، جوڙي جوڙي آسروندي آهيان
1.
پاڻ سڃاڻج سپرين او! سڪندن کي م سڪاءِ
2.
نماڻيءَ جي نجهري او! پير گهماءِ
3.
ڦوڙائو فقير تان او! واحد لڳ وڃاءِ
4.
”تيرهيو“ چئي تو ڏٺي او! سڀڪا ٿي ساڃاءِ
|