کنڀات
داستان پهريون
684. ڪرها پاڻ سڃاڻ، ڪُرُ ڏاڏاڻي ڏيہ جو
تو ۾ آهه پَرياڻُ، ڪو وه ڪُنگوءَ ديس جو.
685. ڪرها ٿيءُ سجاڳ، توکي پنڌ پهاڙ جو
نيڻين ننڊ نڀاڳ، وکون وجهه وڌنديون.
686. ڪرهي تان قربان، ساري رات، شريف چئي
ماڻي ماڳ مڪانُ، چلي آيو چوگان ۾.
687. مَيا تو مٿاءِ، ملڪ مڙيئي گهوريان
جتي جانب جاءِ، تون تنهان ئي آئيو.
688. ڪر ڪَرها ڪاه، هلندي حبيبن ڏي
سنجهي ملون سڄڻين، سڪ جني جي ساه
ته چانگا ڪري چاه، چندنُ توکي چاريان.
689. پاءِ وڌندي وک، هلندي حبيبن ڏي
آڏ وڏائي آنهنجي، آه تيز تکائي تک
ساه جني جي سڪ، تن سنجهي ملون سڄڻين.
690. ڪرها ڪيم ڪٻاءِ، هلندي حبيبن ڏي
پُر پِريان جي پيچري، وک وڌندي پاءِ
جتي جانب جاءِ، اُت سنيها سنجهي ملون.
691. ڪرهي ڪنگوءَ ريٽ ڏي ڪو جو آهي ڪوڏ
ڪري نه چاه چرڻ سان، ماءُ منهينجو موڏ
اُڀو تَڻي توڏ، هڏ نه وهي وڳ ۾.
692. هڏ نه وهي وڳ ۾، اُڀو اُڪاسي
پريان جي پاسي، نماڻا نيڻ کڻي.
693. هڏ نه وِهي وڳ ۾، توڏو ڪري تاڻ
عشق جي اهڃاڻ، ميي کي منجهائيو.
694. هڏ نه وهي وڳ ۾، اڀو ڪري اڪاس
ميي کي محبوب جي، اکين منجهه اداس
ڪنهن وَلوٽيو وماس، ڀِريو بِرمي ڪينڪي
.
695. توڏو ڪري تاڻ، وهي هڏ نه وڳ ۾
جهليو ڏاڍي زور سان، آڏِي پائي آڻ
ڏهه لک پيس ڏاڻ، تني تِرُ نه جهليو.
696. تني تر نه جهليو، جي نِيَر پيا کي ناق
شتر کي، شريف چئي، چِت ۾ چڪيا چاڪ
ڦوڙائي فراق، مِيي کي منجهائيو
.
697. مَيي کي مجاز جو، ڪو جو لڳو ٻاڻ
چانگي تي چو گاڻ، وک آهي هيڪڙي.
698. ميي کي مجاز جو، ڪو جو پيو
پور، چانگو ٿيو چور وهي ورمي ڪينڪي.
699. ميي کي مجاز جي، نيڻن منجهه نگاهه
پسي ڪين پرينءَ ري، صورت اندر ساه
چلي منجهان چاهه، ڪرهو ڪنگوءَ ريٽ ڏي.
700. ميي مجازاءِ، قرب ٿيو ڪمال جا
نيڻن منجهه نگاهه، جاڏي تاڏي پرينءَ جي.
701. ميي کي مجاز جو، نيڻن منجهه نظر
سندو ڪنگوءَ وَرُ، ڪرهي رءَ ڪير لهي.
702. ڪرهو ڪنگوءَ ريٽ ۾، چانگو نت چري
پسي ڪين پرينءَ ري، منجهان تک تري
پُريو پير ڀري، ميو محبوبن ڏي.
703. ميو محبوبن ڏي، چلي چڱيءَ چال
ڳجهي آهس ڳال، پڌر ڪري نه پرين ري.
704. ميو محبوبن ڏي، هلي ساڻ همت
ڪرهي کي قوت، مٿي رَند رمڻ جي.
705. مٿي رَند رمڻ جو، چانگي کي نت چاءُ
ڪرهي ڪنگوءَ ريٽ مان، سو ڪو چکيو ساءُ
ويندي لڳيس نه واءُ، ورندي وري ڪينڪي.
706. ڪرهو ڪري ڪاهه، هلندي حبيبن ڏي
سڪ اندر ۾ ساه، ميي کي محبوب جي.
707. چلي آيو چوگان ۾، ميو پروڙي پنڌ
نيڻ نمائي ڪنڌ، واصل ٿيو وصال ۾.
708. سوني ناڪيلي نڪ ۾، ميي موڙ مهار
واصل تي وڳ ۾، ڪرهو منجهه قطار
چانگي جي چلڪار، ملڪ مڙوئي موهيو.
709. ملڪ مڙوئي معاف ٿيو، چانگي کي چوگان
ڪلمو ۽ قرآن، ڏنائين ڏيج رسول کي.
داستان ٻيو
710. مولي ڪيو محمد کي، مهڙ ملڪ مدار
”لولاڪ لما خلقت الافلاڪ“، سڀ سيد لئي سينگار
مرسل ٿيو مختار، جڳٽ جوڙ جهان جو.
711. اُڀرندي اُهاءُ، پهرين پسي پرينءَ جو
چنڊ چڪنئان چُور ٿيو، ڏسي اُو شعاع
ميو تنهن ماڳاءُ، پور پرائي آئيو.
712. اڀرندي اوصاف، پهرين پسي پرينءَ جو
چنڊ چڪنئان چور ٿيو، ڏسي ڪاڪل ڪاف
ميي تي مصحاف، پرين پڙهندو آئيو.
713. اُڀر مَ اڃان هاڻ، سگهو ڪر م سوجهرو
ڪنهن پر لاهيان ڪاڻ، ملي محبوبن سان.
714. اُڀر ڇڏ اويل، ڪر سهائي سوجهرو
منهنجي محبوبن ڏي، هيءَ وڃڻ جي ويل
سڄڻ پسان سويل، متان وعدي ۾ وچ پئي.
715. آڀر اُونداهون لاه، ڪر سهائي سوجهرو
سيڻن ساڻ، شريف چئي، سنجهي ٿئي ساڃاه
رهڻ نه رات رهاءِ، متان وعدي ۾ وچ پئي.
716. اُڀر ڇڏ اوير، ڪر سهائي سوجهرو
صاف سڃاڻي سير، هلان حبيبن ڏي
.
داستان ٽيون
717. وٺي وٽ وصال جي، پيتائين جام زلال
”ذالڪ فضل الله“، ٿيس قرب ڪمال
جانب جو جمال، ڏسي ويس ڏکندو.
718. کنڀاتڙي نه کاءِ، نڪي سمهي سک ٿي
ويٺي رات وهاءِ، سپيريان جي سڪ ۾.
719. کنڀاتڙي نه کِلي، نڪي سمهي سک ٿي
ڀِري ڪنهن نه بِلي، اُڀي آه اڱڻ تي.
720. کنڀاتڙي نه کاءِ، نڪي سمهي سک ٿي
رويو رات وهاءِ، اُڀيوئي اڱڻ تي.
721. اُڀي آه اڱڻ تي، ڳوڙهن ڀريو ڳاٽ
ويٺي نهاري واٽ، سپيريان جي سير جي.
722. وَرُ وڌنديائِي هوءِ، راحت ڀري راتڙي
تان ڪو پلڪ پوءِ، مجلس ۾ محبوب جي.
723. واحد رب وڌاءِ، راحت ڀري راتڙي
ته سيڻن جي ساڃاءِ، اوريو اوريان ڳالهڙيون.
724. واحد شال وڏي ٿيي، راحت ڀري رات
جنهن ۾ هون هيڪاندا سپرين، تن جني جي تات
ته سپيريان جي ساٿ، اوريو اوريان ڳالهڙيون.
725. اوريو اوريان ڳالهڙيون، هوند حبيبن سان حال
سيڻن ري، شريف چئي، ساعت ڀانيان سال
ڀلو ڪري ڀال، ته ملان محبوبن کي.
وائي 84.
اي ميان ڪانگ، لِئي آءٌ سپيريان جي سانگ
اڱڻ عجيبن جي، نينهن نياپا چئي آءُ.
1.
چڙهي ڏونگر چوٽيين، ڪا چانگارج چانگ.
سر سارنگ
داستان پهريون
726. ڇمر پس، شريف چئي، ڪيا اِلهٰي آگم
کنوڻين هنيون خوش ڪيو، لٿا گوندر غم
قادر جي قرب سان، ٿيا ڳاڱا ۽ ڳم
وٺا مينهن وڏ ڦڙا، ٺريا چوپاين چم
راحم ڪيا رحم، اُڃاين جي آسري.
727. ڇمر پس، شريف چئي، ڪيا وڄڙين ويس
مٿي منجهه ملهار جي، ڪارا ڪڪر ڪيس
سڀئي وسيا وس، ٿيا عرب عجم اَگوندرا.
728. ڇمر پس، شريف چئي، سارنگ ڪيو سامان
مٿي اُتي ميگهه جي، برهه سندو باران
ابر ڪيو احسان، اچي اُڃاين تي.
729. اکيون ڪيف خماريون، ڏاڍو ڏمر ڪن
ساريو سپيرين کي، جڙ جيئن نيڻ جهمن
ڪيو گوڙ گجن، سدا سانوڻ مينهن جيئن.
730. اکيون ڪيف ڪلور، سر سارنگ پرينءَ جو
جڙ نيڻين سپجي، درد ڪيو دستور
ذاتي جو ظهور، پيشانيءَ ۾ پڌرو.
731. اکيون ڪيف خماريون، ٿيو نُور نرواري
سِرُ سارنگ پرينءَ جو، برهه ٿيو باري
ڪڪر ڪاپاري، مُنهن ۾ معرفت جو.
732. مُنهن ۾ معرفت جو، ابر بي انداز
پُريو ڪن پرواز، وڄون وسڻ آئيون.
733. وَر جان وسڻ آئيون، وڄون واهوندن
مند ميڙائي مينهن جي، مر جان مينهن وسن
سپن تي سمونڊ ۾، بوندون ٿيون برسن
ڪريو ويس وڏاندرا، بجليون ڀڙڪا ڪن
اُڃي اولي، شريف چئي، سڀني سار لهن
ڳاڙي ويل ڳڙن، پئي
پَٽ
پُسايا.
734. ور جان وسڻ آئيون، وڄون مٿي وَلهار
ڀريا تڙ ترائيون، ڪڪرن ڪري ڪار
وٺا مينهن وڏ ڦڙا، اُڀريا گاهه اپار
سرها ٿيا، شريف چئي، سانگائتا سنگهار
کليا باغ بهار، اُٺي آيا سپرين.
735. ور جان وسڻ آئيون، وڄون وسڪاري
کنوڻين خوب خمار ڪيا، چمڪي چوڌاري
اکين آگم لائيا، نت نت نهاري
اڱڻ اوتاري، اُٺي آئيا سپرين.
736. ور جان وسڻ آئيون، وڄون وڌائي
اکين ۾ آگم جي، . . . . . . رُت آئي
بادل ميگهه ملهار ڪئي لا حد لالائي
737. چڻيو چانگاريو، ساراهيو سبحان کي
سارنگ سوايو، مندون . . . . . . . . . .
وائي 85.
1.
اندر ماڙي ڏيو ٻري، ٻاهر ڦُڙي ٺڪاءُ
2.
جهڙ جَڙيو، ڇمر ڇڻيو، سڀ هنڌ سارنگ جاء
3.
ڏٺي جني ڏينهن ٿيا، سي پرين تني ملياء
4.
ميوا سڀ ملڪ ۾ همہ هر جاءِ ٿياء
5.
پاڙي جي پرين جا، سي مون پتيءَ پياء
6.
سک سنگهارن، شريف چئي، صاحب ڪيا سداعه
داستان ٻيو
738. آگم ڪري آئيو، ڪڪر منجهان ڪار
ڏسي نظارو نور جو، سرها ٿيا سنگهار
کنوڻن ڪيا خمار، پلر پلٽي پوڄ ٿيو
.
739. آرون ابر آسري، سپون سر گردان
اُڃاين کي آڻ تون، بحر بي پايان
پياريئون پُر ڪري، موتي ۽ مرجان
آگي ڪيو احسان، ٿيو سک سنگهارئين.
740. جڏهن جهڙ ڦڙ ميگهه، تڏهن سرها سپرين
سارنگ ڪيو سيگهه، اُڃاين جي آسري.
741. جڏهن جهڙ ڦڙ جهور جهڪور، تڏهن سرها سپرين
گو هر گاجٽ باجٽ بجليون، آنهد جي گهنگور
اچن سارنگ بَدريا، پيا ملاحظي مور
سانوڻ سنڀريا سپرين، ڪڪرن ڪئي ڪڪور
لٿا هنيين تان هور، ڏسي زلف سياه سڄڻ جا.
742. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .
. . . . . . . .
دوست جي ديدار، لاهيو آوسر عام تان.
743. لٿو آوسر عام تان، اوهيرا آيا
پٽن تي پالوٽ ڪري بادل برسايا
سارنگ سندي سڏ تي اچن اُڃايا
واحد وسايا، مرجان مِينهن مال مَتاع تي
.
744. لٿو اوسر عام تان، اوهيرن ڪيو آر
ڪڪرن ٻڌيون ڪڍرون، جهڙ ڦڙ ميگهه ملهار
وريتين ور ساريا، سڀني ڪيو سينگار
هوئج تون هوشيار، پرين پنهنجي پوک تي.
745. لٿو اَوسر عام تان، ڪيو اوهيرن آرو
سانوڻ سويلو ٿيو، ڀرجي بَرهارو
ٻوڙي ڏنِيءَ نوڻ کي، ٻڌ ٻنو ٻارو
سنبهه سوارو، پرين پنهنجي پوک تي.
746 . پرين پوک مَ ڇڏ، ڏس مانڊاڻو مينهن جو
ڪانڌ ڪڙمي پنهنجا، سويرائي سڏ
وجهي ٻج ٻنين ۾، لالن هڏ مَ لڏ
آڻي ڀُنگا پٽ اَڏ، ته گڏ گذاريون ڏينهڙا.
747. گڏ گذاريون ڏينهڙا، ويهي . . . . . .
ٿيو سک سنگهارئين، منگها چونڊين
سر سورٺ
وائي 86.
سر ڏيئي سلطان، مرڪايو مڱڻو.
1.
راجا ريڌو راز سان، سڻي تند جي تانَ
2.
موٽي هن مهل ۾، ڀيرو ڪج ڪو ڀانَ
3.
”اَلحُڪمُ لله وَرِ ضينا“، بيٺو منجهه فرمانَ
4.
سائل کي، شريف چئي، ڏنائين ڏهوڻا ڏان.
سر ويراڳ يعني برؤ هندي
748. گيان گِيانَت سپرين، آ نِت آئين جيءُ
تون سواسي، شريف چئي، پَڌارئا هي پيءُ
تند نه چڙهيا هي ريءُ، اِلما سان ملهه اتانگهي.
749. رام ڀڳت ايڪاند هي، جي سِر پائي ساز
شريف پِنتي بِکيا، روٽلي کي لحاظ.
750. سري ڪشن شيوا ڪر بچن ڪهتا هي آج
تلڪ لڳا ڪر سَنُ پائيي، ڌوڙيا ڌوپي ڌاج.
751. اَنگچِي ديکيا، اَنگراج، . . . . . . . . .
دِيم دِنارا دِن پرا . . . . . . . . .
وائي 87.
ٿو گوشان من گوشان، شود عشق عاشقان.
1.
برهه رنگاڪ يڪدل آيد، رائي روه رفتم روشان
2.
در سازني باز مي گشتم، ڪردم خون خروشان
سَرُ برئو
752. بره بي پرواه، عشق اور عجيب جو
ماري مشتاقن کي، سوريءَ چاڙهي ساه
درد آهي داناه، ڌوڻي (ٿو) دماغ سان.
753. عشق اور عجيب جو، بره بي بيان
ماري مشتاقن کي، هڻي قَيبر ڪان
سَنگَنِ سورهه، شريف چئي، ابرو ڏسيو عريان
آهي سو اخوان، جيڪو چڙهي جنگ تي.
754. عشق اور عجيب جو، بره بيزاري
سوريءَ چاڙهي، شريف چئي، ڏيئي ڏيکاري
چڙهيو ڪري سواري، مارڻ لئي مشتاق جي
.
755. عشق اور عجيب جو، بره جتانهين لڳي
لائي لئون، شريف چئي، سَهِي ڪونه سگهي
آڻي وجهي آڳ ۾، پير پريان جي پڳِي
درد ٿو ڌڳي، ديوانن جي دل ۾.
756. عشق اور عجيب جو، بره آهه بالا
ڪُهي وڌائين ڪيترا، مست متوالا
ڀروئن جا ڀالا، ماري مشتاقن کي.
757. عشق برادر، ڪنهن سان ٿئي ڪينڪي
سوريءَ چاڙهي سالڪن، ماري سراسر
سيئي ٿين اندر، جن سيخان پڪا سڪ تي.
758. عشق نانگ نسنگ، وسيهر وڪوڙيس جيڏيون
سر سهرا جنهن جي، بره اڻانگا ٻنگ
اکيون ڪانَ خدنگ، قهري قَيبر پرينَ جا.
759. عشق نانگ نسنگ، وسيهر وڪوڙيس جيڏيون
جهڙپ جنهن جي جهُڙ ٿئي، ڀرن ڀير ڀَونگ
جيئن سارنگ سهسين رنگ، تيئن واسنگ وتن ويڙهه ۾.
760. عاشق عشق ولوٽ، نال محبت دي، شريف چئي
سورهيه چڙهيا جنگ تي، قلعا ڀڃي ڪوٽ
گهائجي ٿيا گهوٽ، درد جي دريءَ تي.
761. هادي پڙهن اُلِٽ بيد، ڪمر ڪشي ڪٽار سان
سر سلطان، شريف چئي، سارنگ اُلٿو ميگهه
سورهيه ڪري سيگهه، پِڙ دي وچ رانئيا.
762. پڙ ۾ پهلوان، کنو کيلڻ آئيا
مانجهين مجاز جا، قهري لڳا ڪان
ڪيا نظاري نيشان، سينو سپر هٿ ۾.
763. سينو سپر هٿ ۾، ريلي رڱئا رت
ٿيا شهيد، شريف چئي، پي پيالو مست
صحيح سڄڻن سٿ، مانجهين ملاقات ٿي.
764. جني سڃاتا دم، تن سِر دا سانگا ڇوڙئا
اي عشق دا ڪم، جيئن ماري اُڀو هٿن سان.
765. جوان چڙهيا جنگ تي، ڪارون ڪروڌي
اچي بيٺا پڙ ۾، جوسِين گڏيا جوسِي
جيئن وسي مينهن واسِي، تيئن خانن کنا کوڙيا.
766. راه مسافر راه، عارف رت روندي ويا
عشق ري گناه، ماري مشتاقن کي.
767. ماري مشتاقن کي، مُونان وڍي بند
صورت ڏنائين رَند، سوجهي سَنڌيون، شريف چئي.
768. مارڻ لئي مشتاقن جي، سهسين ڪيائين سينگار
عشق پيالي تيغ سان، ديکائي ديدار
لائي شوق، شريف چئي، ڪي ڪونه قرار
رئان زارو زار، اهڙا پار پرين جا.
769. شال م ٿين پِيءَ دور، آهن تارا اکين جا
هوتاڻي حضور، مون من مڙهيو هنيون.
770. هنيڙا تو مٿان، سورن سانگهيڙا ڪيا
ڏاڍا مينهن وٺا، ڦوڙائي فراق جا.
771. هنيڙا جبيبن، جم وساري ڇڏئين
جڏهن تڏهن پرين، نظر نماڻين تي.
772. ساڄن تنهنجو سوز، سدا سانڍيم (ساهه ۾)
سڪان ٿي شب روز، دوساڻي ديدار کي.
773. دوساڻي ديدار لئي، اکين ڪيو آرو
مدامي محبت جو، مُٺين تي مارو
نيرن ڪين نيهان ۾، سرءُ، سانوڻ، سيارو
سڙن ڏينهن سارو، لڇن ڪڇن ڪينڪي.
774. لڇن ڪڇن ڪينڪي، گهرن منجهه گهاري
ٿيون شڪستيون، شريف چئي، سيڻن کي ساري
ڪُٺيون ڪِيناري، چريو چکن چاشنيون.
775. لڇن ڪڇن ڪينڪي، زلف ڪيون زوال
هڏ نه اورين عام، اندر جو احوال
جانب جو جمال، ڏسن تان ڏکندو لهي.
776. ڏِٺم ڏِهائي، قاصد قريبن جو
ڪبوتر قول ۾ سڀ سڌ سڻائي
”اِنّا فَتَحنالَکَ فَتحاّ“ وري وڌائي
سالڪَ سمجهائي، ڪتابت قرائت سان.
777. ڪتابت قرائت سان، پڙهي پروڙيم پاڻ
”لَن تَنالُوالبِرَّ حَتٰي تُنفِقوا“ آهي اِي
اهڃاڻ
پڇي حرف پڇاڻ، ڪري حل حبيب کان.
778. ويو هئڻ حجاب، آڏو جو عجيب کي
ڏوه سڀيئي ڏور ٿيو، غير گناه حساب
تني تان نقاب، لباس ئي لهي پيو.
779. نادر نيڻ ناز سان، کنيائون کوڙي
شَڪِيلا، شريف چئي، هيجان هنيائون
چپ سان چيائون، ڪا جا ڳجهي ڳالهڙي.
780. نادر نيڻ ناز سان، کنيائون کوڙي
هنيائون هنيين سامهان، جواهر جوڙي
آندائون اُلوڙي، آلاڦٽ فراق جا.
781. آلا ڦٽ فراق جا، سڪا سڀيئي
ميٽيا مڙيئي، اچڻ سان عجيب جي.
782. اچڻ ساڻ عجيب جي، مرض ٿيا سڀ معاف
ويا ڏکندا ڏيل تان، ڏسي ڪاڪل ڪاف
اکين تي اوصاف، پرين وڌو پانهنجو.
783. اڄ نه ڪلهه، ازل کان، منهنجي پرين ساڻ پريت
اٿم عجيبن جا منهن منارا مسيت
رُسان ڪهڙي ريت، ناتو نينهن نه نبري.
784. جانب چيو جيئن، تيئن مون کان نه ٿيو
ڪنڌ کڻنديس ڪيئن، اڳيان سڄڻ سامهون.
785. جيڪر رٺاسين، پر سَريِ نه سپرين ري
پاڻهي پرتاسين، پسو نرجائي نينهن جي.
786. صحبت سپيرين جي، هنيڙي منجهه هُري
منان مور نه وسري، اندر ساه سُري
ٻاهر جي ٻُري، ته سُڻِيندن سوز پوي.
787. صحبت سپيرين جي، نسوروئي نور
اٺئي پهر اُن جو، اندر من مذڪور
وڃان ٿي وهلور، جيئن پسڻ کان پري ٿيا.
788. رويو رويو روءِ، کڻيو پار پرين جا
هردم حبيبن جي، گويا گفتگوءِ
صالح سخن سوءِ، هنيڙي ۾ حل ٿيو.
|