32. جيرا جوش جلائيا، ليڙا لنگهيا لڪ
پيم ڄام پنهونءَ سان سندو فراق فلڪ
”هٰذالفراق بيني و بينڪ“ ٿيو حال هلڪ
ملڪ الموت ملڪ، سنبهي آيو سر تي.
33. سنبهي آيو سر تي، اَديون عزرائيل
مون کي ناهي موت جو اندر دل دليل
ٻيو قال نه قيل، پسڻ ڌاران پرين جي.
34. پسڻ ڌاران پرين جي، پورو ٿئي مَ پساهه
ڏسي پيشاني پنهونءَ جي، ڏيان سکالو ساهه
جيڏيون دعا ڪجاه، پيرين رکان هٿڙا.
وائي2.
ٿلهه: ساجن تنهنجڙي سانگي او سانگي، ڏوري ٿينديس
ڏونگرين
1.
اٿي آڌيءَ رات جو چڙهيين تون سر چانگي وو چانگي
2.
لڪ اڻانگا لڪيون لنگهيين گهِڙي لانگهي وو لانگهي
3.
سرتين ساهيڙين کان مهري موڪل مانگي وو مانگي
4.
آءٌ ته اوسيڙو لهي، آتڻ تون اورانگهي وو اورانگهي
5.
”تيرها“ توڏن پٺ ۾ تک منجهانرا تانگهي وو تانگهي
وائي 3.
ٿلهه: آري لئي اوساري، کڻيو پير پنهونءَ جا
1.
چڙهي ڏاڍين ڏنگرين، ٻانڀڻ ٻاڪاري
2.
مٿي رند روڏن جي، توڏن ڪاڻ تواري
3.
وجهيو ور واڳن ۾، مين کي جو مهاري
4.
ڏوري ڏَنيون نوڻِيُون، نَيُن ڪور نِهاري
5.
ڏٺائين ڏيرن جا، ڪرها ڪوڏ قطاري
6.
”تيرها“ ترسي ڪينڪي، ڪيچ سڏِي ڪوهياري
وائي 4.
ٿلهه: ڏوري ڏسنديسانِ، پسندي سان، ڪري ڪَہ ڪوهيار
ڏي
1.
رُلي ڇُلِي ڇپرين، رائي رسينديسانِ
2.
مٿي مَيَن ميگهه ٿي، وندر وسنديسانِ
3.
”تيرهو“ چوي توڏن تان، هاڙهي هسنديسانِ
ڪوهياري
داستان پهريون
35. چڙهيو چاڙهيڪن تان، رويو رت رَمي
ڪهندو وڃي قافلو، دم نه دير دمي
لڪن تان لمي، وٺيو واٽ وندر جي.
36. چڙهيو چاڙهيڪن تان، هاري جَرُ حَزِين
جي بورائا بر جا، سي نيڻ ٿيا نابين
ڏني سڪ سسئيءَ کي، تيرهو چئي، تلقين
معذور ۽ مسڪين، حامي تنهن جو هوت ٿيو.
37. چڙهيو چاڙهيڪن تان، واڪا ڪري وس
ڏٺائين ڏونگر وٽ ۾، سندا گورن گس
وار نه ورميا واٽ ۾، ليڙا لنگهيا لس
معذور مِرُن کان پڇي، ڏوريو ڏوريو ڏس
بوتن ساڻ بحث، ڪريو ڪاهي قاف تي.
38. هلي هاڙهي سامهون، قاف چڙهيو ڪاهي
پُرندي پهاڙن تي، ڇپر تنهن ڇا هي
آتڻ اُت ڊاهي، ڪڙيائين پير پنهونءَ جا.
39. هلي هاڙهي سامهون، جيڏانهن ويا جت
ڪهيا ڪيچ قلات ڏي، بروهي بُرفت
پُر ته پهچين پيچري، ٿيءُ نه نار نست
توتي هيءَ تهمت، توڏن جي ”تيرهو“ چئي.
40. هلي هاڙهي سامهون، جيڏانهن جت ويا
پيادي کي پنهونءَ جا، ڪڙڻ پير پيا
پڇي پانڌيئڙن کي، ڪي لنگهيا هوت هِيا
پنڌ اڻانگا پَٽيين، ڪامڻ ڪوهه ڪيا
سمر سور ٿيا، ساٿيڙا صراط ۾.
41. هلي هاڙهي سامهون، جيڏانهن جت وياس
ڪهندي ڪشالن ۾، پٿون پير ٿياس
ٻنڌڻ ٻاروتن ۾ پنهونءَ جا پياس
تيلاه ڪوهه ڪياس، جاڏي هن جبل جا.
42. هلي هاڙهي سامهون، جت ويا جيڏي
”من طلب شي جد وَجَدَ“ تاڻي ٿي تيڏي
بازي برهمڻ برهه جي، کيڙن سان کيڏي
هڏ نه اچي هيڏي، موٽي تان ڪُرَ مهڻو.
43. موٽي تان ڪُرَ مهڻو، ڪُر لڄائي ڪيئن
”وهو معڪم اينما ڪنتم“ گهري گهرندن جيئن
ڌاران ور وڻڪار مان، هاڻ نه اچي هيئن
سور کنيائين سر تي، سنبهي ساٿين سيئن
”تيرها“ تاڻي تيئن، رسي رند پنهونءَ جي.
44. موٽي تان ڪُرِ مهڻو، وهي تان وماس
آسونهينءَ اولاڪَ ري، ٿيو انگن تي اماس
ماسو چڙهي نه ماس، لوهُو لڱين لهسيو.
45. موٽي تان ڪُر مهڻو، هلي تان هيڻي
لب خشڪيءَ لهسيا، ڦِري نا ڦِيڻي
جهڪن ڪي جهيڻي، ماري ڦٽ فراق جي.
46. موٽي تان ڪُر مهڻو، هلي تان هوشيار
پڇي پهاڙن کان پنهونءَ سندا پار
آن ڪي ويندا گڏيا، گنُگا گس گنوار
پوئي هٿ نه پير تي پٽيو ڪڍي پار
توڏن جي تنوار، سڻيو ٻَڌي سندرو.
47. موٽي تان ڪر مهڻو، هلي تان ٿئي هيج
مٿي واٽ وندر جي، کاڻيءَ لهي نه کيج
ڏک ڏکيءَ کي ڏيج، ڏيئي ڏوراڻا ويا.
48. ڏيئي ڏوراڻا ويا، ڏکن جا ڏاجا
ڪري ڪچائي هليا، ڪامڻ سان ڪا جا
ساٿ پڇي سا جا، پَريٽ ڀريو پيرڙا.
49. وٺيو واٽ وندر جي، پَريَٽ پير ڀري
ڀري ڪين ڀنڀور ۾، ورِي تان نه وري
رڙي روئي راهه ۾، ساٿين سڏ ڪري
پنهون ٿيو پري، هڪل نه رسي هوت کي.
50. وٺيو واٽ وندر جي، ڪمر ڪش ڪشي
ڏک پنهنجي ڏيل جو ڪنهن کي ڪين ڏسي
آڻي آب اکين مان،ڪَر واسي مينهن وسي
ساري تؤنس تسي، هجر هوت پنهونءَ جي.
51. هجر هوت پنهونءَ جي، ڪِي آواري آڪيل
پُري پيادي پنڌ ۾، فيل مثل ڪيو پيل
مارڳ منجهه مِرُن کؤنسو ڪري کيل
روئي راهه رندن تي، رت هاريائين ريل
چاڙهيڪا چَنبيل، لڪيون لڪ لتاڙيا.
52. هجر هوت پنهونءَ جي، ڪي آواري اڻ سونهن
وڃي دکائيندي دل تي دردن سندا دونهن
ويندي ڪري واٽ ۾، وڻن ساڻ ورونهن
پهچج ڄام پنهونءَ، پياديءَ کي پنڌ ۾.
53. هجر هوت پنهونءَ جي، ماري ڪي مدهوش
جيرا جگر بڪيون، نيا جلائي جوش
سڻڻ ڇڏيو سر وڻي، گڏجي ويا گوش
ڪڇئو سگهي ڪينڪي، ڪري ڪين خموش
بعضي ٿي بيهوش، پاڻ هڻي سر پاهڻين.
54. هجر هوت پنهونءَ جي، ماري مونجهاري
ٻڌو سندرو سور جو، ويچاريءَ واري
ڦٽي ڦٽ فراق جي، ٻانڀڻ ٻاڪاري
رڻ ۾ روجهه رڃن جا، رويو رواري
ڪريو آهه عشق جي، اُڀيو اوساري
پيئي پاساري، نالو وٺتائين نينهن جو.
وائي 5.
ڏونگر ٿينديس ڏوري، الوالو! ڪوهياري جي ڪاڻ آءٌ جا
1.
اُٿيا آڌيءَ رات جو، چانگن ڪيڙي سا چوري
2.
ڪيچي ڪينزڪ پنهنجي، ڇڏي هليا ڇوري
3.
هلي هوتن پٺ ۾، هاڙهي ڪنديس هوري
4.
پٺيؤن پريان جي پير تي هي ميائي گهوري
5.
”تيرهيا“ تکي تونگ ۾ ڏاڍي جهوراڻي جهوري
داستان ٻيو
55. جَمَلَ جَلِمُودن تان، جتن نِئا جاٽي
ڪاف اڻانگا ڪيچ جا، ڪيچي ويا ڪاٽي
ڳؤري ڀَر ڳاٽي، هَلج هاڙهي سامِهين.
56. جَمَلَ جَلمودنِ تان، جلد چڙهيا جاندار
اوٺين اُٺ اُٺائيا، مَهاري مهندار
رمِئا ٿي رهدار، ڪام نه سَٺِي ڪَرهين.
57. ڪام نه سَهَنَ ڪرها، ڪيچين جا قَزاق
اُپڙن اِشارو ڏسِي، اڻانگا اولاڪ
چَڪ نه رهن چاڪ، وڃن گڏيا واءُ سان.
58. ڪام نه سهن ڪرها، رند چڙهيا رائي
آريچن اُٺائيا، واڳون ورائي
سينگاريائون سهج سان، پلاڻيون پائي
ڌرتي ڌٻائي، ويا گڏجي واؤ سان.
59. ڪام نه سهن ڪرها، واڌو وک کڻن
پنڌ اڻانگا پٺ جا، ڇُهِيءَ ساڻ ڇنن
پَڇاڙي پهڻن، لنگهي ويڙا لڪ تان.
60. لنگهي ويڙا لڪ تان، ميا ڀَر مُونَنِ
”تيرهيا“ تِرُ نه ترسيا، تونگ لنگهيا توڏن
جاڳي جبل چڙهيا، جهاڳي کي جُهوننِ
اورانگهي اُوڻن، وڃي رسيا راه کي.
61. ڪرها ڪيچ وڻن ڏي، ڪاهيو قَطارينِ
هَلَن هُونگارين، رات نه رهن راه ۾.
62. مٿي واٽ وندر جي، ڪرهن سندي ڪاه
اُتاهينءَ تان اُپڙيا، ويا لتاڙي لاه
ٽڪر تي ٽڪڻ جي، ساٿين ڪي نه صلاح
رمئا وٺي راه، توڏا ترسئا ڪينڪي.
63. مٿي واٽ وندر جي، تِر نٿا ترسن
بُختين بار اُٺائيا، ڪَٺُ نه سي ڪڻڪن
واسيو سڀ وڻڪار کي، مُشڪ ساڻ مَيَنِ
وري مانَ ورنِ، ٻانهي تي ٻاجهه ڪري.
64. مٿي واٽ وندر جي، ڪر هن ڪيا ڪوڏ
لتاڙي لڪن تي، مهاريائون موڏ
چاڙهيڪا چڙهي ويا، تانگهي توڏ
هنيڙي منهنجي هوڏ، آهي اُن اُٺن سان.
65. اٿم اُن اُٺن جو، اَندر ۾ آزار
کڻندي کهيا ڪينڪي، بارڪش بوتا بار
ڪَهندا ويا ڪيچ ڏي، وچ نه ويٺا وار
تني لئي تڪرار، ڪنديس ڪہ ڪوهيار ڏي.
66. اٿم ان اُٺن جو، اندر منجهه اندوه
ڪرها ڪٺ نه ڪڻڪيا، ڊوهن ڪيو ڊوه
مٿي ڏيرن ڏوه، ناتر سندو ناهه ڪو.
67. اٿم ان اُٺن جو، اندر منجهه اَرمان
هڻي هوتاڻي ويا، ڪشي قهري ڪانُ
ڪري ڪيئن سُڻائيان، بره جو بيان
هِنيڙو ٿيو حيران، واريان وري ڪينڪي.
68. واريان وري ڪينڪي، وري ري ويڳاڻو
ساري ساٿيڙن کي، ساه ٿيس ساڻو
موٽي هيءَ ماڻو، ڪنهن پرڪندي ڪونڪو.
69. واريان وري ڪينڪي، هنيڙو ٿيو حزين
اندر جوش جلائيو، نيڻ ٿيا نابِينُ
موٽي هاڻ مڪين، ٿئي نه ڪنهين ٿوڪ ٿي.
70. ٿئي نه ڪنهين ٿوڪ تي، اندر کي آرام
جيرا جوش جلائيا، هنيَڙو ٿيو حسام
لڪن منجهه لُڙاٽيو، ”تيرهيا“ تَنُ حمام
روئڻ روز مدام، آيو هن اسير کي.
71. آيو هن اسير کي، روئڻ ۽ راڙو
ڪڙهيو ڪامڻ ٿي ڪري، ڪيچين لئي ڪاڙهو
جيڏيون جتن ڪيو، ڌوپڻ سان ڌاڙو
حب، هنگور، هاڙو، سڀ رڱيندي رت سان.
72. سڀ رڱيندي رت سان، وندر جون واٽون
ٻرنديون ٻاروچن جون، لس ڏٺائين لاٽون
جبل ۾ جاٽون، باسيائين بيبان کي.
73. باسيائين بيبان کي، سهسين سُکائون
پنهون وٺي پاڻ سان، آيس جي آئون
دل سين دعائون، ڪجا ته پهچان ڪيچ کي.
74. ڪجا ته پهچان ڪيچ کي، دعا ٿي دلخواه
ويچاريءَ وڻن کي، ويندي ڏنا ويساه
ڏاگهين چاڙهي ڏير ويا، پنهون بيپرواهه
پرور کان پناه، مڱي موٽي ڪينڪي.
75. موٽڻ ٿيس محال، هلندي هوت حبيب ڏي
پهڻن پير پٿون ڪري، لڪن ڪيڙس لال
اهڙي سان احوال، وهي ورمي ڪينڪي.
76. وهي ورمي ڪينڪي، واري تان نه وري
هلندي هوت حبيب ڏي، سري پير ڪري
ٻاريائين مچ مجاز جو، اندر آڳ ڌري
ٺرِي ڪيئن ٺري، پسڻ رءَ پساه جي.
77. پسي جي پساه، ته پنهون ڏسي پاڻ ۾
دلبر ديکي دل سان، دران منجهه داناه
محبت اندر ماه، پيئي پچائي پريت سان.
78. پچائي پريت ۾، جني پڪو پاڻ
هردم هيڪاندو رهي، صاحب تني ساڻ
پروجهيائون پساه مان، آريءَ جو اُهڃاڻ
ساٿ ڌڻي سرواڻ، جت ڏٺائين جوءِ ۾.
وائي 6.
سندي پنڌ پچار، ڳالهه ڪريان ڪن سان.
1.
آءٌ ستي، هو هليا، مون آهه ميار
2.
پُريو نهاريان پيچرا، اڪيلي آوار
3.
ساٿي ڪونهي سڃ ۾، ساڻي ري ستار
4.
”تيرهيا“ تر نه ترسيا، ميا وس مهار
وائي 7.
درد پريان جو دل تي، دور ڪري ديوان
1.
پڙهيائين پنهون کان، عشق جو ارڪان
2.
مطالع مطوّل ۾، هجي ڪيائين هجران
3.
منطق منزل تي ڏسيو، ساراهي سبحان
4.
محبت جي ميدان ۾، ڪيڏائي ڪهڪان
5.
”تيرهيو“ چوي توڏن ري، تڙڦيو ٿئي تابان
داستان ٽيون
79. پري پروڙج پار، پريٽ ڄام پنهونءَ جا
ويا لتاڙي لڪيون، بوتا کڻي بار
قاف مٿي ڪوهيار، ڪهي رسيا ڪيچ کي.
80. پري پروڙج پنڌ، پريٽ ڄام پنهونءَ جو
ڪرها وڃن ڪشيا، ڪيڏانهن نه ڦيرين ڪنڌ
راه سڃاڻي رند، ڪهي رسيا ڪيچ کي.
81. پري پروڙج پير، پريٽ ڄام پنهونءَ جو
هليا هاڙهي سامهان، ساٿي وٺي سير
مٽي مير سُمير، ڪهي رسيا ڪيچ کي.
82. پُري پروڙج پهه، پريٽ ڄام پنهونءَ جو
وڃڻ جو وڻڪار ڏي، ليڙن رکيو لَههُ
سور سختيون سَههُ، ورج ورچِي ڪيمَ ڪِي.
83. هَلء ته رَسين هوت کي، ساٿي ويا سَوارَ
توکي ننڊ نهوڙئو، سُتينءَ سڀ ڄمار
پيرُ کڻي پُڇُ پارَ، وَرِجُ ورچي ڪيمَ ڪِي.
84. ورجُ ورچي ڪيمَ ڪِي، وڃڻ کي وڃيجِ
پنهونءَ ڪارڻ پاهُڻين، ڀيري پاڻ ڀَڃيجِ
سوڌو سِرُ سَڃيج، ته ڏِسين جُوءِ جتن جِي.
85. ويههُ مَ هاڻِ ڀنڀور ۾، پَريَٽ کَڻ پيرا
تو سُتي هوءِ سنڀريا، ساٿي سَويرا
جهاٽي ڏِس جبل ۾، جلائي جيرا
هلي ڏس هوتن کي، هاڙهي منجهه هيرا
سَنبَہُ ڪَمرِ سيرا، ڪشالا ڪہُ قاف جا.
86. ويههُ م هاڻ ڀنڀور ۾، جِيَڻُ تو نه جُڳاءِ
سَٽُون ڏي سُميرَ تي، هلي هوتن لاءِ
گهوري سِر گماءِ، پَڻيءَ تان پيزار جي.
87. پَڻيءَ تان پيزار جي، گهورن ٿيءُ گهوري
ڏسج ڏونگريَن جا، ڏيهه مڙيئي ڏوري
سَرِي آهي ساٿ کي، ”تيرهيو“ چئي تو ري
زابِرَ سان زوري، ويا تو کان ويسلِي.
88. ويا توکان ويسلي، سُتي تنهنجا سيڻ
خوشيءَ مان خانن کي، کارايئي ٿي کيڻ
توکي ڀانيائون ڪينڪي، ڀاڄائي ۽ ڀيڻ
ڪهڙا ڏِيين اُن کي، وهاڻيءَ تون ويڻ
کڻ نماڻا نيڻ، جاڳ ته ڏِسين يار کي.
89. ويا توکان ويسلي، ڏير ڪهي ڏوها
پڇي ڏَسُ ڏاگهن جو، ڇَپرِ ڏي ڇوها
قافِ چڙهي ڪوها، جاٽا ڪرِ جبل جي.
90. ويا توکان ويسلي، رند چڙهي روڏا
سنجهي ساٿيڙن ٿي، تواريا توڏا
ڪَشي ڪاهي هليا، مَهاري موڏا
مَيا مور نه مڙيا، گٺائون گوڏا
اڃا اٿئي اوڏا، رِڙُهه ته رَسين راهه کي.
91. رڙهه ته رسين راهه کي، وچ م وجهه ويلو
هلي هوت پنهونءَ سان، ملي ڏس ميلو
البت اڪيلو، ايندوءِ پنڌ پهاڙ جو.
92. رڙهه ته رسين راهه کي، ڀڄي ڇڏ ڀنڀور
ستي توکان ساٿ نيو، آرياڻيءَ آتور
ڀڄ چرخو، ڇڏ پُوڻيون، لاهه هنئين تان هور
ڪري ڪيچائي ويا، زبردستي زور
دردن سندو دور، پڙهي پُر پهاڙ تي.
93. پڙهي پُر پهاڙ تي، سيپارا سورون
ايميون، رڪوع آولا، چاڙهيون چنجورون
زيريون ۽ زبرون، اعرابون اڻانگُيون.
94. اعرابون اڻانگيون، نحوون نهاريج
صرف ڪري ساٿ کي، وچ م وساريج
منطق، مُطَوَل سان، قول پڙهي پاريج
سٽون سڀ ساريج، هجي منجهه هجر جي.
95. هجي ڪج هجر کي، جو پنهونءَ سان پيوءَ
”اَلفِراقُ اَشَدُمنِ الموت“ وسان هوت ويوءِ
ڪامڻ ڪوهه ڪيوءِ، نينهن نڀاڳي ننڊ سان.
96. نينهن جني جو ننڊ سان، سيئي رونديون رت
پريٽ تو نه پروڙيو، پنهونءَ جو پهت
جاڳڻ وارين جت، هنجان هوت نه ڇڏيو.
97. نينهن جني جو ننڊ سان، سيئي سور سهن
وهاڻيءَ واٽن تي، رائي منجهه رهن
جي ڪنبن ۽ ڪهن، پون اوهي پير تان.
98. پون اُهي پير تي، جن کي سچي سڪ
هلن هوت حبيب ڏي، ڇڏي لياڪ لڪ
پنهونءَ هٿان پڪ، پين مَندُ ميخان جو.
99. پين مند ميخان جو، تڪين طهورا
پنهونءَ ڪيون پانهنجون، نوازي نورا
حاضر حضورا، هردم رهن هوت جي.
وائي 8.
نالي نالي، سان نالي، اوهان جي آءٌ، سا ناتر
سُيَڙيس نالي
1.
نج نماڻي پاڻ سان! پٺيءَ لڳڙي پالي
2.
ڪريو ڪميڻيءَ تي، ڀيرو ڀلائي ڀالي
3.
نازنهوڙي آهيان، چوکي جتن جي چالي
4.
”تيرهيو“ پني توملا، والي وٽ وصالي
داستان چوٿون
100. نالو وٺي نينهن جو، ننڊ ڦٽي ڪي نار
سور کنيائين سر تي، جي ٻيلي ٿئا ٻئي پار
جهلي پلي نه رهي، روئي زارو زار
ووڙيندي وڻڪار، ويندي ورندي ڪينڪي.
101. نالو وٺي نينهن جو، پير نه رکي پوءِ
ڇڏي تنگ لياقتون، ٿي جريدي جوءِ
حب جنهين کي هوءِ، هوت تنهين جي هنج ۾.
102. نالو وٺي نينهن جو، پٺيءَ پير پلاڻ
وڃ ڪاهيندي ڪيچ ڏي، ٿي ساٿين سان سرواڻ
آتڻ وٽ ٿي اوجهرين، اڃان تون اڄاڻ
ڪاهه ته لهيئي ڪاڻ، ويٺن تان واري وري.
103. اڃان تون ٿي اوجهرين، اوٺي ويا اڌ رات
سسئي توکي سيج تي پرهه ٿي پرڀات
”تيرهيو“ چئي توڏن جي،ڪر تپاسي تات
ڪوڙين ڪُٺيون ڪيتريون، ڪر هن انهي ڪات
اُٺ اڻانگي ذات، ورچي وهن نه واٽ ۾.
104. اڃان تون ٿي اوجهرين ، توڏا ويا تک
مَيَنَ کاڌي مغز جي، مٿي منزل مک
وڌندي وجهن وک، ورچي وهن نه واٽ ۾.
105. اڃان تون ٿي اوجهرين، رند چڙهيا روڏا
مٿي چُنجين چوٽئين، مونا گهَن موڏا
”تيرهيو“ چئي توڏا، ورچي وهن نه واٽ ۾.
106. اڃان تون ٿي اوجهرين، جَمل ويا جاٽي
لنگهي پاهڻ پٽيون، گهڙيا منجهه گهاٽي
جهولو جهلي نه اُن کي، لُڪَ نه لوساٽي
ڪشالا ڪاٽي، ڪهي پهتا ڪيچ کي.
107. اڃان تون ٿي اوجهرين، وهاڻي ويلي
چانگا چڙهيا چوٽئين، باغاتون ڀيلي
ڪيائون ڪيچ اکين ۾، ويا ٿر ٿيلي
تِرُ نه ترسيا تونگ ۾ ٻاروچا ٻيلي
جن ساٿ وڃايو سُمَهي، سي مرڪن ڪيئن ميلي
رائي رت ريلي، ڪهندي وڃ ڪوهيار ڏي.
108. ڪهندي وڃ ڪوهيار ڏي، ويهه م هاڻ هتي
پريٽ ڄام پنهونءَ کي ڪا پيئي ڳالهه پِتي
ناتر توکي ننڊ ۾، تڏ ڇڏيائين تني
ويڙو جت جِتي، تون پڻ اُپڙ تيڏهين.
109. ڪهندي وڃ ڪوهيار ڏي، سر جو سانگو سٽ
سيج سُکالي ڇڏ تون، پير رکي ڏس پَٽِ
جهوتون ڏيئي جبل ۾، ٿي ڄاڻ وڃائي ڄَٽِ
وک وڌائج وتري، گام نه ڪجئين گهُٽَ
اَرتو آب اکين جو، مٿي ڇپرن ڇَٽ
”تيرهيو“ چوءِ طلب سان، کلي چڙهندينءَ کٽ
محبت مور مِ مٽ، ٿوري ڪهين ٿوڪ تي.
110. ڪهندي وڃ ڪوهيار ڏي، جتي جتن جُوءِ
هاڙهو لنگهه هڱور کان، هئي هئي ڪري هُوءِ
ماڻ وڃي تون مشڪ جي، منجهان بوتن بُوءِ
ڏسج روءِ بروءِ، هلي هوت حبيب کي.
111. هلي هوت حبيب جو، جيئرو ڏس جمال
ڪم نه ايندوءِ ڪانڌ ريءَ، ملڪ مڏي ۽ مال
قريشي ڪمال، حاصل ڪرڪين حال مان.
112. حاصل ڪر ڪين حال مان، هوتاڻيءَ هٿا
موڳي ڏيو مٿا، وڃيو ٻيا در دُوئيين!
113. ڪوهه ٻيا در دوئيين، خالي جي خانا
حسن ڌاران هوت جي آهينِ امانا
بنگلا بيديون بر ۾، بوتا بهتانا
پريٽ هاڻ مَ پوڄ تون، ڀتيون بتخانا
جت اندر جانا، ڏسج ڏوري ڏيل ۾.
114. ڏسج ڏوري ڏيل ۾، ڏونگر هڏ م ڏور
پنهون پيهي پاڻ ۾ گهَٽان منجهه ٿي گهور
سينو صفا سور، ته ڏسين اوٺي اِتهين.
115. ڏسج پنهنجي ڏيل ۾، ڀڻ م بيگاني
پيهي پس پساهه ۾ پنهونءَ پيشاني
دوست تنهنجي دل ۾ جيءُ گهريو جاني
”وفي انفسڪم افلاتبصرون“ پڙهه حرف حقاني
”تيرهيو“ چوءِ طلب سان ٿي تازي تواني
ته ٻاروچو ٻانهي، ڪوٺئي پاڻ ڪرم سان.
116. ڪوٺئي پاڻ ڪرم سان، ڪوهيارو ڪريم
دارون درماندن جو حاذق هوت حڪيم
آرياڻي عليم، رمز پروڙي راز جي.
117. رمز پروڙي راز جي، صرف نحو سارو
منطق ۽ مافِيہ جو، ان وٽ اشارو
مطول مختصر کان منجهه حڪمت هاڪارو
هرڪو رکي هوش ۾ نجوم ستارو
مٿي تنهن مدار ٿيو، برهه جو بارو
”تيرهيا“ تبارڪ الذي، او مربي مهندارو
عربي آڌارو، آ ڳهه آ ڳهين عاجزين.
وائي 9.
ٿلهه: ڪيچ ڌڻي رس ڪاهي وو ڪاهي، رهبر مون کي راهه
۾
1.
هاڻي هن ڀنڀور ۾ منهنجو تان هت ڇاهي وو ڇاهي
2.
پهيون پوڻيون پٽ ٿيون، هليس آتڻ ڊاهي وو ڊاهي
3.
نيو نماڻي پاڻ ڏي پنهنجي هٿ راهي وو راهي
4.
”تيرهيا“ وسيلو ولهن جو، اجهو آرياڻي آهي وو آهي
وائي 10.
ٿلهه: هاڙهي هوت ٻاروچي ڪاڻ، ڪوهياري ڪاڻ،
ڪاهي ڪيچ وڻان ڏي.
1.
رهبر آهي راهه ۾، پيادين سان پاڻ
2.
ڏوري ڏونگر لڪيون، آري جي اهڃاڻ
3.
رويو روجهن سان ڪري، رائي منجهه رهاڻ
4.
”تيرهيو“ چوي توڏن کي، آري اوري آڻ
ديسي
118. ڪنهن ڀَتِ ڀِرن ڪينڪي، ڍرن نه ڪن ڍارو
اُٿيا آڌيءَ رات جو، ڪيو اوٺين اُمارو
خَمر خان خُماريا، پُين نه پسارو
پنهل پاڳارو، ٻڌي ٻاروچو ويا.
119. ڪنهن ڀت ڀرن ڪينڪي، ڪن ٻاروچي ٻولي
ڪين پروڙي پارسي، نارهئي نولي
ڏکي ڏيرن جي اڳيان ٿي ٻانهي ۽ گولي
ڇڏي تڏهن ڇپرين، ڪيائون رندن تي رولي
سَٽ ۾ سڻولي، جُڙي هئي جتن کي.
120. جُڙي هئي جتن کي، سسئي سهانگي
جي ملهه هئي مهانگي، ته هيئن نه ڇڏي هليا.
121. سڳا سوٽ پنهونءَ جا، سالا هئا سي
چوريءَ چاڙهي هليا، ٻڌي ٻاروچي کي
رويو راهه رندن تي، پيادي پير ڪڙي
مٿي جيءَ جڙي، ٻڌائين سندرو سور جو.
122. سڳا سوٽ پنهونءَ جا، سالا هئا سرواڻ
وٺي واٽ وندر جي، ڪاهيائون ڪيَڪاڻ
ڪري جُود جواڻ، مَيا مهاري هليا.
123. ”بروڦاذا بروَي، روان بيشو روش
گاهي گشتي ڳيرٿي، گاهي خود خموش
دهلوان برودش، ايڏي بيا عندوي. “
124. ”برو ڦاذا بروَي، ٿرا گشتم زودبگو زنگير
رهه بگير ٿو راستان، من مولده مهمير
رفتغان بِل بير، ڇرا خفتي درخانئي. “
125. گُؤانکان گُشي گير، پارسي ڪئائون پاڻ ۾
ڦاذا فردا ٿي چيائون، مولدَوي مِير
پُر متان ٿيين پِير، راه نه ڏسين راز جي.
126. بِيا بِيا بُرفت، ڪريو ڪاهين قافلو
نَغني ٿَرا نوراٿي، مي نوشان مَهمت
ٿيءُ م ناز نِست، ويٺن تان واريِ وري.
127. سُر پُر تان نه سيُاءِ، جڏهن ستهين سک ٿي
”النوم اخ الموت“ جيڏي جاڙ ڪياءِ
سنَبهه ڪر ساڃاءِ“ پُرُ ته پهچين پيچري.
128. رفته رفته راستان رهه بگير، روشن ٿيو روز
گشته ٿراهمسايگان، ايشان بيا امروز
سر گردان شب روز، وڃج وارو تو سندو.
129. ”بيا بيا کنون زود“ ڪهندو وڃي قافلو
پڇي پير پنهونءَ جو، تر نه ڪج تَر دوُد
ساڻي ٿيندءِ سچ ۾، واحد ربّ وَدُود
ڪيچان اوري ڪٿهين، ڪج مَ قيام قُعود
ڇڙهي دعا قنود، توبهه سک ”تيرهيو“ چئي.
130. ”ٿانگ مروشي ٿو رَوي“ اُٿي اُٺ ويا
ڪامڻ توکي قاف تي، ڪرڻ پنڌ پيا
لنگهيا هوت هِيا، ڪريو بروبگيرد پاڻ ۾.
131. قُم قُم ڪرهن پُٺ ۾، جَمل ڏس جهاٽي
ڇوري ڇڏي هليا، توکي ارڏا اُرهاٽي
امسا اُٺن لاءِ تون ڪر ڪشالا ڪاٽي
بُڪرآ بر بعيد ٿيا لُڪ لس لاساٽي
ڪارا ڏونگر ڪُر جهڙا، هل ڳوري ڀر ڳاٽي
گهڙِج منجهه گهاٽي، مرج موٽج ڪينڪي.
132. مرج موٽج ڪينڪي، فردا ڦٽي ڪر
”آليوم سِيرُوا“ سنڀري، ڏير يا ڏونگر
ڪٿي پاس نه ڪڻڪيا، بوتا چڙهي بر
ڪشي ٻڌ ڪمر، ٿي جَريدِي جاڳ تون.
133. ٿي جريدي جاڳ تون، ننڊ نڀاڳيون ڪن
اصل آسارن کان، ستي ساٿ وڃن
پرهه ڦٽي پنهونءَ کي، ڪيئن پياديون پهچن
ڪاهي رس ڪَرهن، مانَ وِرمَن واٽ ۾.
134. ٿي جريدي جاڳ تون، ننڊ ڇڏ نڀاڳي
اڃا ويٺي اوجهرين، منجهه آتڻ اڀاڳي
جي هئينءَ سڀاڳي، ته ور نه تو وساريو.
135. ٿي جريدي جاڳ تون، کڻ پلنگ تان پير
ناري توکي ننڊ ۾ ڏسي ڇڏي ويا ڏير
آهينِ اڻانگا اُلٽا، سندا بلوچن ڀير
سَٽُون منجهه سُمير، ڏيئي مرندينءَ ڏونگرين.
136. ٿي جريدي جاڳ تون، کڻ پلنگ تان پاسو
ڪامڻ توکي ڪانڌ جو، ڪونهي وسواسو
محبت جو ماسو، هڏ نه ڇڏين هوت جو.
|