سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :35

750. پسي جلوو جوت جو اندر ٿئي آرام

اجري عينن کي نرمل اوهان جو نام

لهي ڪس قلب تان، ڪر تون سڻين ڪلام

صقيل صفا دل ڪري دلبر ديد دوام

ڪفر ۽ اسلام، اتي اوراهون رهيو.

 

751. پسي جلوو جوت جو، سينو ٿيو صاف

پيو پرتوو پير جو، سينو ٿيو صاف

ڏسي ڪاڪل ڪاف، لٿو حرف حساب جو

 

752. لٿو هور حساب جو، ميزاني مذڪور

”ثقلت موازين“ جو ذرو ناهه ضرور

حاصل ٿيو حضور، پسڻ منجهان پير جي.

 

753. پسڻ منجهان پير جي، نفي ٿيو اثبات

”عرفت ربي بربي“ اهو ذات صفات

هردم حضرت حبيب تي چئو عليہ صلوات

”تيرهيا“ پڙهه تحيات، شرط ساڻ ’شريف‘ تي.

 

وائي 56.

پنهنجا پانڌي پير، نرمل نور نوازيا

1.      آيا جيڪي آس رکي، درتي دامنگير

2.     سيد پير سخيءَ ڏي هليا اچن اهمير

3.     ڏي تني کي ڏاتيون جي پازي پر تقصير

4.     جلا جماعت ۾ ڪن فيض مند فقير

5.     ”تيرهيا“ ڪريان ڪهڙي تن سندي تقرير

 

وائي 57.

تيڏي نيڻان دا ناز، ٻهون اسان نون ڀاوندا

1.      مک مبارڪ تيڏي آڳي شمس رهيا شرماز

2.     دام دليا داست تساڏي زلف سياه دراز

3.     غوث جلال فريد لٽيوئي، عشق تيڏا شهباز

4.  شريف ’شريف‘ حريف ڪون آکي، هي ”تيرهيا“ نڪتہ ساز

 

داستان ٻيو

754. ميران مرشد منهنجا، سر پيران سرتاج

 مولى مڙيئي ڪيا، قادر تنهنجا ڪاڄ

باريءَ توکي بخشيا، ڏيہ ڏسيون سڀ ڏاج

شريف! سڻي سڏڙا، موٽ مٿي محتاج

ڪر حاصل منهنجي حاج، سيد شاه سخي تون.

 

755. ميران مرشد منهنجا، سر پيران سردار

هيڻن مٿي هاشمي، موٽج تون مهندار

وهلو ٿي وهار، سيد شاه سخي تون.

 

756. ميران مرشد منهنجا، سرپيران سلطان

هادي حسيني هاشمي، آڳہ تون اڳوان

داتا انهنجي درتي، منگتا لهن مان

پرريندئين ٿيا ڀٽ ڀڳتا ۽ ڀان

سائو مت سجان، سيد شاه سخي تون.

 

757. سيد شاه سخي تون، غفوراڻي گهوٽ

مرشد مهدي مريدتي، پير ڪريو پالوٽ

اجهو انهنجو اوٽ، سدا سوالين کي.

 

758. عليماڻي ٿيا اڳرا، ڀلا ڀاڏائي

بنياد بچل شاه جو، سونهن سدائي

تني ۾ شريف ڪِي سڄ جيئن سهائي

وري واڌائي، ”تيرهيو“ چئي طلب جي.

 

759. قطب پير ڪمال تي، قادر ڪيو ڪرم

رکي شاه شرم، سيد سوالين جو.

 

760. قطب پير ڪمال ٿيو، ڄاپنديئي ڄام

تنهن اجاريو اڳين جو، نوريءَ نرمل نام

اچيو وٽس ادب سين، ڪن سيد پير سلام

آه قبول ڪلام، دولهه جو درگاه ۾.

 

761. آگي عبدالقدوس تي، راحم رکيو راز

سدا شريعت ۾، سيد سرفراز

ڪري نت نياز، حاضر هوءِ حضور ۾.

 

762. حاضر هوءِ حضور ۾، علي گوهر امير

ڇاٽيلي ڇڳير وٽ، واهه وهي ٿي وير

پنهنجا پرني پير، سڀيئي سرتاج کي.

 

763. پانڌي اچن پير وٽ منجهان حب هليو

مدامي ’متاهه‘ تي، چؤ طرفان چال چليو

جَلي منجهه جليو، وٺن وٽ وصال جي.

 

764. پانڌي اچن پيروٽ، پرئو پر اهان

اچيو آڳاهان، وٺن وٽ وصال جي.

 

765. مڙي هلو ’متاهه‘ تي، جت هدايت هوءِ

شريعت طريقت حقيقت جي، جاءِ سڳور جوءِ

معرفت محبت جي، اُت کٿوري خوشبوءِ

ڏسو روءِ بروءِ، پاڪ پيشاني پير جي.

 

766. مڙي هلو ’متاهه‘ تي، عارف جت اچن

ٻاريو مچ محبت جو، پتنگن جيئن پچن

منجهان رنگ رچن، پسيو پيشاني پير جي.

 

767. مڙي هلو ’متاهه‘ تي، جت محبت جي ميخان

پياري جام جوان، اوتيو عشاقن کي.

 

768. اوتيو عشاقن کي، وٽون وٺيو ڏي وير

پر پياري پهيڙا، پنهنجي هٿين پير

لهي سار سڀن جي، ساقي شاه سڌير

مرشد مهدي مير هادي هدايت جو ڌڻي.

 

769. هادي هدايت جو ڌڻي، ولايت والي

سدا سپڙ ڄام وٽ، سهسين سوالي

ڪونه وڃي خالي، مهديءَ وٽان مڱڻو.

 

770. سدا سخاوت جو، سپڙ کي سعيو

رونجهاڻيءَ رايو، ڏهاڻي ڏيڻ جو.

 

771. ’ڪين‘ ڪڏهن نه ڪهي، سائو سپڙ ڄام

ڏيارڻ ۽ ڏات ري، اچيس نه آرام

 لٽي لک ڪروڙيون، هڏ نه گهٽائي گام

محمد مير مدام، پرچي پينارن سان.

 

وائي 57.

پوريون ڪرين پير، هي مرادون من جون

1.      ٻڌو عرض عليل جا، داتا دستگير

2.     ڪوٺيو مون کي ڪرم سان، شاه شريف سڌير

3.     ڏسان شال اکين سان، قبي جا قندير

 

وائي 58.

انهنجي پازياڻي پير، گولڙي آهيان ٻانهڙي

1.      موٽي مون محتاج تي، واهر ڪرهو وير

2.     متان مون کي ڇڏيين، داتا دستگير

3.     سڻج منهنجا سڏڙا، شاه شريف سڌير

سر ڪامول

داستان پهريون

772. سمي جي سلام تي، وچينءَ ويل وريون

کڻي آندائون خوشيءَ مان، سنديون ڀَل ڀريون

ناپي ساڻ نريون، جهُلن جهَيرن جون.

 

773. سمي جي سلام تي، وچينءَ ويل ورن

اچن سر اُٺائيو، ڪالوڙا ڪرن

گڏ جو ويهن گندريون، گهڙيو منجهه گهرن

پلئه هيٺ پرن، نوريءَ سندي نام تي.

 

774. سمي جي سلام تي، وچينءَ ڪن وراڻ

ڀاڪر وجهن ڀل کي، ڪنهن جي ڪڍن نه ڪاڻ

ڪيائون گهور گهرن جي، جيئن مڇيون منجهه ميان

اچي اڏن ويٺيون، ريجهو ڪڻ رهاڻ

سڀڪا ٿئي سانجاڻ، نوريءَ جي نگاهه سان.

 

775. سمي جي سلام تي، کڻي هليا کارا

ڪڍيو ڪالورا ڪوڻيون، وهس ويچارا

ميءَ مڇيءَ مارا، نوريءَ سڀ نوازيا.

 

776. سمي جي سلام تي، هلن هيڪاندا

پر ڪيائون، پنڊيو، پڻ سنڌيون پاندا

ملڻ لاءِ ماندا، مڇي ماري موٽيا.

 

777. سمي جي سلام تي، ٿيا سڀ سوڙها

اچي اُبيٺا ادب  سان، ڪڍي ڪالوڙا

نوريءَ جي نگاهه مان پيا ستڙ سجوڙا

تماچيءَ توڙا، ”تيرهيا“ وڻي تن سان.

 

778. ڪڍن ڪالوڙا ڪوڻيون، ڪُم جني جو قوت

کڻي ڀريون ڀل جون، سندرو ٻڌن ثابوت

ملاحن مضبوط، مٿي ريل رهاڻ ڪي.

 

779. ڪينجهر سندي ڪپ تي، پکا پکارين

ادليون گدليون گاندريون، سهجئون سينگارين

آئيو ڄام اڱڻ تي، وچ ۾ ويهارين

کليو کينڪارين، سڀيئي سهاڳ سان.

 

780. ڪينجهر سندي ڪپ تي، خيما کوڙيائون

سرخ قناتون ڪوڏ مان، جنبي جوڙيائون

منهن نه موڙيائون، سمي جي سلام کان.

 

781. رکي سڌ سماءُ، سمو ڄام سڀن جو

جهُلنديون اچن جهَٻيريون چت ۾ رکيو چاءُ

مهاڻيءَ کي من ۾، نڪو گيرب گاءُ

اچي پيو اُهاءُ، عالم اُتي اوچتو.

 

782. چمڪيو چوڏس چنڊ جيئن مهاڻيءَ جو مک

پسي پر توو پري ڪنان، سمي اچي نه سک

درسن ڏيئي دک، لاٿائين سڀ لوڪ تان.

 

783. ڪيو نوريءَ ناز، عالم آسودو ٿيو

سمي ڪيو ساز، گاڏي چڙهي گندري.

 

784. ڪن ڪينجهر جي ڪپ ۾، سڄو ڏينهن شڪار

مهاڻيءَ هٿ مڪري، ڄام ڪلهي تي ڄار

اچي بيٺيون اتهين، سميون ڪري سينگار

تماچيءَ  تڪرار، نوريءَ نيو نياز سان.

 

785. ڏسي نياز نوريءَ جو، سڀن ٿيو شرم

مهاڻيءَ جي من ۾، موراهون مرم

ڪري ڄام ڪرم، وچ ويهاري گدلڙي.

 

786. کارو کڻي نه سِر تي، مهاڻي موران

مٿي چڙهندي مڪري، ڄام ڏٺي ڏوران

نوازي نوران، بخشيائين مڏ مياڻيون.

 

787. مڏ مياڻيون مڪرا، مڙيئي ٿيس معاف

سمي تي شماع جو اچي پيو اوصاف

ڏسي ڪاڪل قاف، ڪڇڻ ٿيو ڪونڪو.

 

وائي 59.

ڄاري وار وري ڄام، وچ ويهاري گندري

1.      مٿي چڙهندي ماڙيءَ تي سميون ڪن سلام

2.     نوريءَ جو نوکنڊ تي هلي حڪم حڪام

3.     ”افديت ملڪي“ ان مٿي، ايڏو ٿيو انعام

4.     ”انا مولاڪ انت محبوبي“ اهڙو هو انجام

5.     ”تيرهيا“ شرف ”شريف“ جو ٿئي تان نه تمام

داستان ٻيو

788. مهاڻيءَ مرڪائيو، تماچي تڪرار

سنمک ڪري سيج تي، آڻي ڪيائين اظهار

”الانسان سري وانا سره“، سمو ان سينگار

پوئي پاتائين هار، سدا سهج سهاڳ جو.

 

789. مهاڻيءَ مرڪائيو، تماچي توڙا

موتي مهارن کي، جڙيائين جوڙا

ڪينجهر ٻنهي ڪنڌئين گهمائي گهوڙا

وريا ويل وچينءَ جي، سڀئي ٿيا سوڙها

”تيرهيا“ تماچيءَ اڳيان ڪڍي آندائون ڪالوڙا

اُٿيا آلوڙا، ڀريون کڻي ڀل جون.

 

790. مهاڻيءَ مرڪائيو، مرڪي مهاڻي

اچي وڃي ريل تي، سمين سيباڻي

پياري پاڻي، هليو ڄام هٿن سان.

 

791. مٿي جهول جهلي، چڙهيو، ڏاڍي چاءَ سان

مَنَهن ملاحن جي، آيو ڄام ڄلي

ڪينجهر ٿيو ڪلي، آجو اجارن کان.

 

792. مٿي جهول جهلن، چڙهيو ڏاڍي چاءُ سان

سمي جي سلام تي، حلقا ڪيو هلن

ڪڍن ڪالوڙا ڪوڻيون، ميڙيئون ڀن ڀلن

ڀاڪر کي ڀلن، پايو ڪڍن پاتار مان.

 

793. ڀريون ٻڌيو ڀل جون، مٿي تار ترن

وچينءَ ويل ورن، سمي جي سلام تي.

 

794. مٿي تي کاريون، کنيو هلن خوشيءَ مان

پن پاٻوڙا پوشيو، وهسن ويچاريون

اوڇڻ ان جو آجڪو، ڄارا ۽ ڄاريون

”تيرهيا“ تماچي ڄام سان، اچيو ڪن آريون

سمي سينگاريون، ڏيئي پرهڻ پارچا.

 

795. ڏيئي پرهڻ پارچا، ڪيون سمي سکائون

نچن ناز سان، مرڪن مهاڻيون

جن وٽ ککيءَ کوڙ هئا، تن وٽ خزاني کاڻيون

مڏ مڇيون ۽ مڪريون ٿين معاف مياڻيون

سمي سيباڻيون، نوريءَ جي ناتي ڪري.

 

796. ناتيليون نوريءَ سان، ڪينو ڪونه ڪرين

سخن سچائيءَ جو مٿي دل ڌرين

منجهان آيل ڀل ڀرين، چارئي پانڌ چڪڻ مان.

 

797. ناتيليون نوريءَ سان، ڪينجهر ۾ ڪن ڪوڏ

اچن وڃن ريل تي، لڏيو لاکيڻيءَ لوڏ

لاکي پرهيا اوڏ، سمي سينگاريا گندرا.

 

798. ماڱر مٿي چاڙهيا، سمي سينگاري

اوڏ وهاريا اوڏڙا، لاکي للڪاري

ڪينجهر ڪناري، کيرون کيرولن کي.

 

799. کلي جت کيرول، اتي ڇمر ڇانو ٿئي

ڪُم گلابي ڪوڻيون، رتا ڦر رتول

لهريون لڏن لاڏ مان، هروڙيان هنڊول

منڇر اتي موريا، مک ناس ڪيل ڪڪول

اڌر ڪسونب، انار ڦل، پاءِ حنا ڪرهول

سِر تي سيلا ور سان، مگهٽ ٻڌائين مول

چڙهي منجهه چوڏول، اُتي آئي گندري.

 

ڪافي 7.

ڄلي آيو ڄام، نديءَ ڪناري ريل جي

1. اچن وڃن گندريون، ڪهن ڪونه  ڪلام

نوريءَ وٽ نياز سان، سڀئي ڪن سلام

 

2. پر ڪيائون پنڊيون، منجهان موج مدام

مرڪن مڇيءَ واريون، هليو ڪن حڪام

 

3. ”تيرهيا“ تماچيءَ جو، نيشان ڪيائون نام

ملڪ مڙوئي ٿيو انهن کي انعام

 

سر ڪارايل

800. اڇا پکيءَ پک، آب اڇو پي آئيا

ڏاڍي ڪيائون رک، چلڙ سندي چِڪ کان.

 

801. اڇا پکين پر، آب اڇو پي آئيا

سرهي منجهان سَر، چُوڻو چُڻي هليا.

 

802. چلڙ ۾ نه چُڻن، موتي چُوڻو جن جو

ڀليءَ ڀانت ڀُڻن، سَر سڃاڻيو سرهو.

 

803. چلڙ نه چکن سي، موتي چُوڻو جن جو

آهين هنجهه اُهي، سدا سرها سر ۾.

 

804. ٻگا ٻُجهَن ڪينڪي، هنجهن سندو هيج

ماڻڪ جن جو ڏيج، سي ڪئن چکن چِڪ کي.

 

805. ڪوڙا ڪنگ ڪُلاٽ، چُڻن سدائين چِڪ ۾

سائي وٺن نه واٽ، حاصل جا هنجهن کي.

 

806. هيڻا هنجهه حزين، چت نه ڏين چلڙ کي

ماڻڪ سنديءَ موج ۾، ٿيا محَو مڪين

ڪنگ رسندا ڪين، ”تيرهيا“ تهين تار کي.

 

807. هيڻا هڏ نه هنجهه، مٿي ماڻڪ موٽيا

”مَرجَ البَحرين يَلتَقيان“ سر لڌائون سنجهه

موتي منجهان منجهه، ڪنگ ڏسندو ڪينڪي.

 

808. موکاڻي مهراڻ ۾، گهڙي ڪونه غواص

هنجهن رکيو هيج مان ابر سين اخلاص

ناحق ٿيا ناس، ڪوڙا ڪنگ ڪانئرا.

 

810. معرفت مهراڻ ۾، هنجهن کي حاصل

وڃي ٿيا واصل، هيڪاندي حضور ۾.

 

مولود 2.

پسان پانَوَ پاڪ پيارو، آهي اميد اکيان کي

ڏسان نرمل نور نبارو، آهي اميد اکيان کي

 

1. اول احمد ڄام کي الا، آگي ڪيو اظهارو

مرسل مسمى ٿيو جوهر ڪل جنسارو

 

2. امام جملي انبياء الا، مشفق مهندارو

حامي حضرت هاشمي، سوتان قوت منجهه قرارو

 

3. ڪين سڃاتو ڪافرين الا، تن تي قهر قهارو

عادل ٿيندو اڳيان، جل جليل جبارو

 

4. ’والشمس‘ ’والضحى‘ ڏس تون الا، ’طہ‘ تيارو

’مزمل‘ معنيٰ مصطفى، اسم تي اعتبارو

 

5. ڪلمون پڙهه ڪريم تي الا، ”تيرهيا“ ٿيءُ تيارو

ڪونهي اجهو ان ري عاصين جو آڌارو

 

متفرقہ وايون ۽ ڪافيون

وائي 60.

ڏونگر ٿينديس ڏوري، ڪارڻ ڪيچاين جي

1.      بر ۾ بوتن لاءِ الا، ڇپر ڇلندي هي ڇوري

2.     وڃي وندر روٽ جا الا، گهٽ گهاٽ پڇندياس گهوري

3.     جڏهن ساٿي سنڀريا الا، تڏهن آيم ننڊ ندوري

4.     رڱي رائو رت سان الا، هاڙهي ڪنديس هوري

5.     ”تيرهيا“ ترسيو نه سگهان الا، جت ڪري ويا زوري

 

وائي 61.

هاڙهي وارڙو هوت، آئيا اڱڻ آرياڻي

1.      جني ڪاڻ جبل ۾، جهاڳي لڌيم جوت

2.     آتڻ ۾ مون اوڍيا، سرتي سرخا پوت

3.     مشڪ گلاب عنبر جي، آڻي ڪريان اوت

4.     جيجان جهل م ايترو، آءٌ نه ڄائي توته

5.     ”تيرهيا“ فرق فراق جي، مون کي ماريو موت

وائي 62.

جوڳيءَ جادو لايو، من منهنجي کي ڙي جيڏيون

1.      انهيءَ بيراڳيءَ ويس ۾ ڏاڍو بره بڇايو

2.     وار لٽائون لٽ پٽ جوڙي، دل جو ديرو لٽايو

3.     الفي پائي تلڪ چڙهائي، درد الک جڳايو

4.     ”تيرهيا“ طالب کي ساڻ طلب جي، رب مطلوب ملايو

 

ڪافي 8.

لٿو سو ڏوهه حساب، پرين پاڻهي پاڻ پسايو

1.      نهين خفي تي ناهين جلي، نهين جاڳ نه خواب

2.     نهين آب حيات نا ڪوثر، نهين انگور شراب

3.     نهين ذاتي نا صفاتي، ناهين ڪو حساب

4.     ”تيرهيا“ طالب المولى هون، جَدّوَ جَدَ جواب

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org