سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :9

بِرو هاڻ ڀنڀور ڏي، موٽو ناهه ميار

اديون الہ تهار، وڃي ساٿ سَمگيو.

 

وڃي ساٿ سَمگيو، تر نٿو ترسي

ڪرها اُو ڪرسي، ڏاگهن ڏيرن ڏانئيان.

 

ڏانگهن ڏيرن ڏانئيان، وجهي ڏاڍا ڏاڻ

پسان ڄام پنهونءَ جا، پُري سڀ پرياڻ

اُٺن پاڻي آڻ، جهليان هوند جتن کي.

 

اڪيلي اسور، سنڀريو ٻڌي سندرو

ساٿين جا، شريف چئي، ميا وِهن نه مور

ٿيا ڏسڻا ڏور، ليڙا لڪ لنگهي ويا.

 

اڪيلي آوار، سنڀريو ٻڌي سندرو

پڇي پارکن کان، سندا پنهونءَ پار

ساٿين جا سوار، ليڙا لڪ لنگهي ويا.

 

سندرو ٻڌي سيگهه مان، ترت ٿي تيار

”وَمن يّتَوَ ڪّل عَلَي اللهِ فَهُو حَسُبہُ“ نعرو ڪيائين نروار

اندر جو اظهار، ڳجهه ڳرهي ڪينيڪي.

 

سندرو ٻڌي سيگهه مان، هاڙهي هلي هاڻ

ڪيائين ڪہ ڪوهيار ڏي، ٿي پيادي پاڻ

وڃي ڏٺائين وندر ۾، روجهن جي رهاڻ

ساٿين جي، شريف چئي، لڪن پڇي لاڏاڻ

ڪهي لاٿائين ڪاڻ، ٿي هيڪاندي هوت سين.

 

ٿي هيڪاندي هوت سين، هليو ڳرهي حال

پنهونءَ جي پيزار تان، گهوري ملڪ مال

مُور نه مَٽي مال تي، سندو جت جمال

ڪهندي ڪيو ڪمال، برهمڻ بلوچ لئي.

 

ٿي هيڪاندي هوت سان، جانب ڏٺائين جت

برهمڻ بلوچ جو، پروڙيو پهت

مٿي رندن رت، هاريو هلي هوت ڏي.

 

رويو رت رندن تي، ڪري ٿي ڪيِهون

ڏاريو ڏونگر ڏک سان، وجهي لڪ ليهون

دَهوڙي درد سان، وڍيائين ويهون

روجهن ڪيون ريهون، ڏسي حال حزينِ جو.

 

رويو راه رندن تي، ڪري ٿي ڪاڙهو

سڀ رڱيائين رت سان، حب، هڱور، هاڙهو

اوتي آب اکين مان، ڳلن سر ڳاڙهو

ڌڱن ڪيو ڌاڙو، هئا ڌريان ڌاريا.

 

هئا ڌريان ڌاريا، ويرين ڪيو وير

ساٿين جو، شريف چئي، پُري پڇنديس پير

سُنهُون سو مون سير، اوٺي جتان اُپڙيا.

 

اوٺي جتان اُپڙيا، اُتي ڪيائين اوسار

هيڪر هيڪاندي ٿيان، جتن ساڻ جبار

ساٿين ساڻ ستار، ملائين معذور کي.

 

مامَ نه معذورين کي، ڪرهن جي ڪا ڪل

روئن بيٺيون راه ۾، آرتو آب اُڇل

ميا ڪنهن مهل، ويندا رهيا ويڙ ڏي.

 

مامَ نه معذورين کي، ڪرهن جي ڪا ڪل

ساٿي اُسهيا، شريف چئي، لنگهيو بر بوتن

هاڙهو مٽيو هوتن، ويندا رهيا ويڙ ڏي.

 

ويندا رهيا ويڙ ڏي، ورن مانَ وري

ڏوري ٿينديس ڏونگرين، ٻڌي چلهه چري

ٿيو ڀنڀور ڀري، پڄاڻا پنهونءَ جي.

 

ويندا رهيا ويڙ ڏي، جت اڻانگيءَ جوءِ

مٿي گس گونرن جي، کٿوري خوشبوءِ

هاڙهي ڪنديس هُوءِ، پڄاڻا پنهونءَ جي.

 

پڄاڻا پنهونءَ جي، سِر کنيائين  سور

هاري جَرُ هِيڻِي ٿي، نڦون پيس نور

درد جي دستور، منجهايو معذورِ کي.

 

پڄاڻا پنهونءَ جي، ڏکوئي ڏونگر

پرزا ڪيا پريٽ جا، ڇني پير ڇپر

سٽاڻي سفر، منجهايو معذور کي.

 

پڄاڻا پنهونءَ جي، ٿئس سور سمر

شترن ڌڻي، شريف چئي، ويا ڪري ڏير ڏمر

توشو طَعامُ تَمَرُ، پڪو کنيائون پاڻ سين.

 

پڪو کنيائون پاڻ سان، توشو گهڻو تاز [1]

اوٺيڙن آغاز، ڪيو ڪيچ هلڻ جو.

 

پڪو کنيائون پاڻ سان، توشو گهڻو تمام

مٿي واٽ وندر جي، اُٺن ڪيو آرام

معذور کي ماتام، اُن پڄاڻا آئيو.

 

اُن پڄاڻا آئيو، ويچاريءَ ويراڳ

شترن ڌڻي، شريف چئي، ڏيئي ويس ڏهاڳ

معذور پڇيو ماڳ، پُرندي وڃي پٺ ۾.

 

پُرندي وڃي پٺ ۾، پياديِ پيرين

پڇي پار پنهونءَ جا، سونهنِ کان سيرين

ڏک مٿي ڏيرين، هڏهن نه رکي هوت تي.

 

هڏ نه رکي هوت تي، موران منڌ ميارَ

ساٿين جا، شريف چئي، پريو پڇي پارَ

گِريي جي گفتارَ، ڪندي وڃي قاف ڏي.

 

181. هڏ نه رکي هوت تي، معذور ڪا ملام

پُريو ڏي پانڌين کي، سيڻنِ ڏُونهن سلام

هلڻ جا هانگام، ڪَينن سئائين ڪينڪي.

 

382. ڪَنين سُئائين ڪينڪي، سُر پُر سندي ساٿينِ

جاڳي پڇيائين جتن جو، پُري کان پانڌين

ڀينر ڀِرميا ڪينڪي، ساٿ ڌڻي سنگهرن

تونگ لنگهيو توڏن، سنبهه ته رسين سسئي.

 

383. سنبهه ته رسين سسئي، هاڙهي ويو هوتُ

”مُوتُوا قَبلَ آن تَمُوتُوا“ مهند ماڻج موتُ

پُري پرهيج پوت، حاضر ٿي حضرر ۾.

 

384. ڏيئي باهه ڀنڀور کي، ڀڄي ٿي بيزار

”بَستہ سلاح سوز را“ هلڻ ڪيائين هموارُ

آرياڻي اِظهار، ڏٺائين ڏونگر ۾.

 

385. ڏٺائين ڏونگر ۾، ڪوهيارو ڪريم

هيڻيءَ سندي حال جو، ٿيو هوت حڪيم

ماڻيائين مستقيم، رهنما رفيق سو.

 

386. رهنما رفيق سو، هوتاڻي همراه

پنهونءَ ساڻ پساهه، حل ڪيائين هيڪ ٿي.

 

387. حل ڪيائين هيڪ ٿي، هوتاڻيءَ سان حال

جياري ذليل کي، سندو جت جمال

ڪنيزڪ ڪمال، پسي پيشاني ڪيو.

 

388. پسي پيشاني ڪيو آواڙيءَ آرام

پنهونءَ ڄام پريت جو جامع ڏنس جام

آندائين اسلام، جلوو ڏسي جت جو.

 

389. ساري سڀ ڄمار، سدا سڪ، شريف چئي

اوٺي الله هار، مون کي مولا ميڙيين.

 

390. منڪر ۽ نڪير کي جڏهن ڏٺائين

”من ربّک وَمن نِبيّک“ سوڌو سئائين [2]

اُٿي اڳيان اُنِ کي، پنهون پڇيائين

آن ڪو ايائين، ڏٺو ساٿ سڄڻ جو.

 

391. للا! ليڙو جهل، زيارت ڪريان لوڙهه جي

جيڪس مون ازل، مقامُ سنگهر پٽيين.

 

392. للا! جهل ليڙو، زيارت ڪريان لوڙهه جي

اسان ٿيندو ميڙو، تون خبر ڪريج ڪيچ ۾.

 

393. للا‘ ليڙو جهليج، زيارت ڪريان لوڙهه جي

وڃي ڪيچ چئيج، پنهون پرين گڏيو.

 

394. للي ڏٺا ليڙي، ڀُون گهڙندا سُپرين

ٻانڀڻ جي ميڙي، روجهه رُوندا رت ويا.

 

395. للي ڏٺا ايئن، ڀون گهڙندا سُپرين

جر ريلي ندي جيئن، تيئن پنهون پرين گڏيو.

 

396. للي سُيون آهون، بر ۾ برهمڻِ جون

ساڄن منهنجا سپرين، آءٌ پنهون اوراهون

ٻانڀڻ هوت بلوچ کي، لڪن ڏنيون لائون

پاڻ موٽيو پاهون، خبر ڪرڻ ڪيچ ۾.

 

397. للي چيا هوت، پيغامان پنهونءَ جا

ٻانڀڻِ ماري موتَ، چڙهندي سر چوٽئين.

 

398. ٻانڀڻِ ڪيو خُونُ، سسئي سنگهر پٽيين

پاڻ ٿي مدفون، لٽي لوڙهه فراقَ ۾.

 

399. لٽي لوڙهه فراق ۾، مٿان وري واري

نه ٻانڀڻ ٻي تاري، جيڪا سا جتن جي.

 

400. ٻانڀڻ سِرِ ٻريِ، ڏاڍي باه بلوچ جي

جهَلِي تان نه وري، ويٺي ويرين سامهين

 

401. ٻانڀڻ ڪُهِي ڪالهه، انگهنِ ماه اڙائيو

پيءُ جي ناهه مجال، مٿي پاهڻ پنڌ ڪري.

 

402. ٻانڀڻ ٻاروچن ري، سسئيءَ تان نه سريِ

ويڙهين منجهه وريِ، ڏوري مئي ڏونگرين.

 

403. ڪيچين ڪيو ڪاڙهو، سڻي بيراڳ برهمڻ جو

گهوريو جتن ڌاڙو، رائي منجهه رڙي مئي[3].

 

404. سسئيءَ ڪيو ماتام، هوت هلندي جيڏيون

بِره اُجاريو نام، ٻانڀڻِ ٻاروچن جو.

 

405. روئي رت رنا، پهڻ پيرين پريٽ جي

ڇپر ڇوه ڇنا، ڏونگر ڏکاريءَ کي.

 

406. درد جي ڳلي، متان مٺي ڇڏيين

جانب لاءِ جلي، هاڙهي ملندينءَ هوت کي.

 

407. ووڙيندي وڻڪار کي، ڏي وندر وراڪو

آيس آريءَ ڄام ري، اَديون اولاڪو

وس ڪندي واڪو، ٻڌي سورن سندرو.

 

408. ووڙيندي وڻڪار کي، ڏي وندر وڙولا

ڪيچي ڪڙولا، پرهيائين پنهونءَ جا.

 

409. پرهيائين پنهونءَ جا، هس، هميليون، هار

سڀ ڪيا واٽ سرتيين، سسئيءَ سي سينگار

لاٿي منڌ ميار، سڪي سوز فراق ۾.

 

410. سٽون ڏي سمير تي، سور ڪريو سر بار

عشق جي اسباب جو، کنيو منڌ مدار

ساريائين سينگار، سڪي سوز فراق ۾.

 

411. سٽون ڏي سمير تي، ڪيو سورن جو سامان

عشق جي ايوان ۾، ڪڏائي ڪيڪان

ساراهي سبحان، سڪي سوز فراق ۾.

 

412. سٽون ڏي سُمير تي، اُٿيو الله توهار

برهمڻ بلوچ جي، اندر پنڌ پچار

ليڙن جي للڪار، سئائين سنگهر پٽيين.

 

413. سئائيين سنگهر پٽيين، سندا ساٿين سڏ

ڪيچان اوري ڪٿهين، هڏ نه لاٿائون لڏ

هيڻا ٿيس هڏ، پرندي پهاڙن تي.

 

414. پُرندي پهاڙن تي، هڏ ٿيس هيڻا

واريا ورن ڪينڪي، ڪنهن نه وهيڻا

آريءَ سڱيڻا، ٻاروچا ٻنهي ڀتَين.

 

415. ٻاروچا ٻنهي ڀتين، آريءَ کي اوڏا

پنهون وٺي پاڻ سان، رند چڙهيا روڏا

ٽليون ٽئونر حلب جا، ڪوڏ ٻڌائون ڪوڏا

سينگاري، شريف چئي، مهاريائون موڏا

ترسيا نه توڏا، ڀنيءَ رين رمي رهيا.

 

416. ڀنيءَ رين رمي رهيا، ڏاگها وٺي ڏور

وهاڻيءَ واٽن تي، پُريو پڇان پير

ساٿي ويار سوير، پنهون نيائون پاڻ سان.

 

417. ٻاروچا ٻنهي ڀتين، آرياڻي اشراف

سَمُن ڪيائون ساٿ جِي، ڪہ مٿي ڪهقاف

اُپڙندي عرفات ڏي، اُٺن ڪيا انصاف

سنڀريا ٿِي دل صاف، ڀِنيءَ رين رمي رهيا.

 

پنهون نيائون پاڻ سان، ڪي جيڏي جتن جاڙ

ديواني درد ۾ ووڙيو ڪري ولاڙ

اوٺين لئي آواڙ، ڇنئين پير ڇپن ۾.

 

ڇنئين پير ڇپن ۾، ڪري ڪشالا

هڏ نه رکي هوت تي، اڪثر اوڀالا

جانب جمالا، ڏيکاري ڏکيءَ کي.

 

420. ڇنئين پير ڇپن ۾، پنڌ ڪري پئمال

روئي راه رندن تي، لڪ ڪيائين لال

وحشين ڪيو وصال، لڳي ماٺ مرن کي.

 

421. ڇنئين پير ڇپن ۾، پنڌ ڪري پاڻا

پُرندي ٿيا پريٽ جا، سنڌ مڙيئي ساڻا

ٿاڪ پڇي ٿاڻا، وڃئو وندر وٽ ۾.

 

422. وڃيو وندر وٽ ۾، سير پڇي سَرهين

ڏسيو حال حزين جو، ڪن تعظيمون طرحين

ڪام هڻي ڪرهين، اَچي اوٺي اُپِڙيا.

 

423. وڃيو وندر وٽ ۾، سرهن پڇي سير

ڏيکاريو ڏکيءَ کي، پُري تني پير

ساجهر لنگهه سُمير، ڪري ڪہ ڪوهيار ڏي.

 

424. ڪري ڪہ ڪوهيار ڏي، پڇي پير پرين

پييس مام مرن کان، سندي ساٿيڙن

ڪوٺِي ڪيچ ڌڻين، سا ڪيئن وهي سک ٿي.

 

425. ڪري ڪہ ڪوهيار ڏي، همت ساڻ هلي

ساٿين ريءَ، شريف چئي، اندر جوش جلي

رائي منجهه رلي، سا ڪيئن وهي سک ٿي.

 

426. ڪري ڪہ ڪوهيا ڏي، ويڙهيين پڇي واٽ

اٿس آريءَ ڄام جي، اکين منجهه اُساٽ

ڀريو ڳوڙهن ڳاٽ، کڻي پير پنهونءَ جو.

 

427. اُٿي آتڻ پاس، تون پُري ٿيءُ پهاڙ تي

ويٺي ڪيم وماس، سنڀر ته رسين ساٿ کي.

 

428. اُٿي آتڻ وٽ، تون پري ٿيءُ پهاڙ تي

ڪري سر جي سٽ، سنڀر ته رسين ساٿ کي.

 

429. سنڀر ته رسين ساٿ کي، ڪامڻ ڇڏ قرار

سڃاڻي سرادر، پرين پڇج پانهنجو.

 

430. سنڀر ته رسين ساٿ کي، ڪامڻ پڇي ڪيچ

پٽڪي سندو پيچ، پڌرو ڄام پنهونءَ جو.

 

431. پڌرو ڄام پنهونءَ جو، ور سڃاڻج وِير

پُر متان ٿئي پِير، راه نه ڏسين راز جي.

 

432. پڌرو ڄام پنهونءَ جو، ور سڃاڻج وِير

ساٿين جو، شريف چئي، سسئي نهارج سير

متان پوئي وير، راه نه ڏسين راز جي.

 

433. پڌرو ڄام پنهونءَ جو، جتن ۾ جمال

متان ٿيين محال، راه نه ڏسين راز جي.

 

434. راه نه ڏسين راز جي، بُرو برهمڻِ بر

ڏير ويا ڏونگر، پُر ته پهچين پيچري.

وائي 60.

اي مِيان جَبَل! لو ميان! لو ميان! متان مون کي ڇڏيين

کڻي پارَ پنهونءَ جا، اي ميان ڏونگَر

مون سان رو ميان رو ميان

وائي 61.

ٻَڙِي اي مادر ماءُ، مون ۾ بِرهُ بلوچ جو

مون کي لڳڙو ڪانُ شتابا.

ڌاران هوت پنهونءَ جي، ڳالهه نه ڪندڙيس ڪا

نَٿَ جهُولينديس پرينءَ کي، توکي وَڻي سا

ڀَرَ لَڪن، شريف چئي، ڏانيائون ڏاگها

وائي 62.

سڄڻ ساٿ الو! پِريِن منهنجا پانڌي الو! ويل نٿا وسرن

ويل نٿا وسرن، آڱڻِ هوت اچنِ

هڏَ منهنجا هوت لئي، ڏونگَرَ ڏيہَ سِڪنِ

مينِ راتِ مجاز ۾ تواريو توڏن

ڏاگها ڏيرن ڏانئيا، ڪرها ڪيچ ڌڻين

آيل ٻاروچن جا پنڌين پور پون

هنيين سين هاڃو ڪيو، سنديءَ ذات جتن

ساجهر ساٿ، شريف چئي، سينگاريا سيڻن

وائي 63.

توکي واري الله آڻي، هيڪر هوت ڀنڀور ۾

پنهون وٺي پاڻ سين، چانگن تي چاڙهي

ويا ويچاريءَ کي، روهن ۾ رئاڙي

نهارينديس نڪڻي، آءٌ هوتن کي هاڙهي

ڪڏهن ٿينديس ڪيچ ۾، پنهل جي پاڙي

وائي 64.

هوت نه ڪندڙا هيئن، نال نماڻي نيندا نيئن

چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، مٿي وسايا مون مينهن

ڪڏهن ايندا، شريف چئي، آءٌ گهران سي ڏينهن

 

وائي 65.

قاف! ڪيچين جو، ڏي ڏس ڏيرن جو! جبل جتن جو!

چڙهي ڏاڍي ڏونگرين، پُڇي پير پنهل جو

ٻانڀڻ ٻاروچن سان، ڪهڙو نينهن نماڻيءَ جو

مون نه نيائون پاڻ سان، آءٌ نه جوڙ جتن جو

ساٿين ساڻ، شريف چئي، ڪونهي سڱ سسئيءَ جو

وائي - 66

ساٿي چئجان ڪي، وو پانڌي چئجان ڪي هي پيغام پنهون کي

الله ڪارڻ اوٺيا، ڪو نينهن نياپو ني

پيرن ڪارئا پنڌڙا، ورهه ويچاريءَ کي

اَنگهن ماه اَڙائيو، برهه براهمڻ کي

سائينءَ ماڳ، شريف چئي، نينهن نباهي ني


[1]  اصل، تهتاز

[2]  هن کان پوءِ هڪ مبهم سٽ لکيل ته:

”من فريادُڪَ افرادُه“ دانهن دانهيائين

[3]  اصل ائين،

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org