سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :29

396.هئو غلام امام جو، آجو ٿيل آزاد

تُرڪ نالو تنهن جو، هو سڏيندو سُجّاد

سعد عِجِلّيءَ اُت ڪيو، واعظ اجتهاد

اُن گڏ ٿيو امدا، سعد عبدالله سعيد کي.

 

397.اِبن حارث آئيو، پوءِ جناده جوان

عمر بن جناده اُن سان بيٺو پڙ ۾ پهلوان

مُريَ بن آبِي مُريَ ڪيو غفاري غفران

محمد بن مقداد مانجهي ٿيو مردان

عبيدالله بن بودجان، اُتهين هلي آئيو.

 

398.ابن ربيع آئيو، سعد قيس ٻيو شامل

جماد قرطي ڪامل، آسعد وعظ اُن سان.

 

399.هڪ هڪ ٿي هلي ويو، پڙ ۾ پهلوان

واري واري تي وڙهيو، سڀڪو مت سجان

غازين سرگردان، هزارن کي هڻي ڪيو.

داستان ٽيون

400.مانجهي مڙن ڪينڪي، صحابي سرخيل

ڪري ڌڙ ڌڙن تي هڻن حملي ويل

وڍي ڪوپر ڪنڌارن جا پِيل مثل ڪيائون پيل

رت جي وهي ريل، اچي اُن ايوان ۾.

 

401. اچي اُن ايوان کي، سرخ ڪيائون سارو

تبر تير ترار سان ڪيو نيزن نظارو

اڃ بک اصحابن تي، ٻيو موت مونجهارو

ڪيائون قصور ڪونه ڪو، وڄايائون وارو

صبر سيپارو، الحمد پڙهيائون امن سان.

 

402.گهورن ٿيا گهوٽ تان، اُتي اصحاب ڪرام

بيٺا رڪن ارڪان سان، امر ۾ احڪام

شهادت جا شوق مان، جوپ پيتائون جام

ذڪر ڌاران رب جي رهيا لا ڪلام

سر ڏيئي ٿيا سرخرو، لاهي مرد ملام

تن سڀني تي سلام، صلواتون سرر اُتي.

 

403.صبر سندي شاهه جو، ڪندو ڪير بيان

”والله مع الصابرين“ هو حاضر حّيَ حنان

داور ڄاڻي در جو، جو دائم آهه ديان

 ڄايڻ وقت اِن ڄام کي ڍَيو شهادت شان

هو شفاعت عام جون، اُن جي هٿن ۾ پروان

ڪين ڇڏيندو ڇوهه ۾ عاصين کي اڳوان

لنگهائيندو لطف سين منڊبو جت ميزان

صراط المستقيم جو نادر نگهبان

مرڪايائين ميدان، شڪر جو شمشر سان.

 

404.عزيز اصحاب ان جا، مديني جا مل

شاهِي تن سنگائيا، هڻي ساڻ هڪل

ڪٽي ڪنڌارن کي سٽي وڌائون سل

پڙ ۾ آيا پلٽيو، اچي جيئن اٿل

”تيرهيا“ تن جي تاب کان دل ڀڳا بادل

ٿي مارو تنهن مهل، سفيانين جي سر تي.

 

405.هئا مڪي مدني مير سان، سائو سر بلند

ڪٽي تن ڪوفين جا ڀڳا ڪرنگها ڪنڌ

حملا هزارن ۾ هڻي ڪيائون هنڌ

سي دلاور دين جا، داناء دانشمند

سينگاريو سمنڊ، سروسر ٿي سنڀريا.

 

406.آسب تازي اُن جا، اُڃ کؤن ٿيا آتاب

نڪو پاڻي پٽ ۾ نڪو ابرسحاب

وڄن جيئن ٿي وريا، جي وٺن اُت رڪاب

داڻي پاڻي گاهه ري سڃ ۾ ڪن شتاب

وٺتائون ويرين کان حملي وير حساب

جيئن تيرن ڪيو تاب، تيئن ٿي مرڪب مرڪيا.

 

407.ملڪ تابع مير جا، فلڪ ڪل غلام

لوح قلم ۽ ڪرسي، هئا منجهه حڪام

عرش ڀانيو آءٌ کڻي کائي ڇڏيان خام

زمين ڀانئي ڳهان هي بيهودا بدنام

پر امر سندو غلام، مڙني مٿي سر مڃيو.

 

408.ٽري ڪنهن پر ڪينڪي آگي جي تقدير

تنهين کي تدبير، آڏي اچي ڪانڪا.

 

409.مشڪلڪشا مير، مدد نه مڱي ڪنهن ملا

جيئن جيئن سرسختي تيئن تيئن شڪر منجهه شبير

پنجاه صحاب شهيد ٿيا ڀلا بي نظير

لکڻ ليکو ناهه ڪو تني جو تحرير

پاسي لڳي پارس جي اور ٿيا اڪسير

ماڻيائون سِدره جو سرير، ڪنجڪ مان قَوسين جي.

 

410.ويهه تن باقي بچيا، نسوروئي نور

لرزو زمن زمين تي، پيو ڪرسي منجهه ڪلور

هاڃو ههڙو ڪونه ٿيو اڳي ايءُ دستور

ذرو ناهه يزيد جو، هيءُ محبت جو مذڪور

شريفي شعور، ڪو پروجهي ڪِٿهِين.

 

411.ڪو پروجهي ڪٿهين، شريفاڻو شان

گهڙي سو گهوٽ ٿئي، گوءِ اهو ميدان

”آلبلا اشّد البلا“ اهڙو ايءُ امڪان

جو خنجر جهلي خان، سو پڌرو اچي پڙ ۾.

 

412.ڪو پروڙي ڪٿهين، محبت سندي مام

منجهه نظاري نينهن جي، سو هاتڪ هڻي هام

اصل آدم تي رَهِي، موران ايءُ ملام

”لاتقربا هّذه الشجره“ امر منجهه اِلهام

تقدير لاٿو تنهن کي مٿان بالا بام

سو مڃي مهندان آئيو ڪربلا قيام

پيدا ٿيا تنهن پٺ کان، ڪفر ۽ اسلام

لٿي ڪشتي نوح جي مٿي ان مقام

سختيءَ وير سڀن جي، سيد جهلي سام

خضر، يحٰي زڪريا، ٻيا وڏا نالي تام

منجهه نظاري ناز جي، ڪُسي ٿيا قتلام

فوج خارج خام، فلڪ چاڙهي آئيو.

 

413.آب نه رهيو آڀ ۾، نڪي زير زمين

مستسقي مسڪين، رانيا انهيءَ رڃ ۾.

 

414.اٿي اميرن، ڪيو سعيو قتل جو

سامان سنبت جو ڏٺو وهلو وزيرن

عبدالله ابن مسلم آئيو پهرين منجهان تن

عرض ڪيائين امام کي، ڪري مٿي قدمن

ابي اول سر ڏنو، سرور منجهان ساٿين

آءٌ به اول سر ڏيان، اڳيان عزيزن

حملو ڪري هاشمي، هليو مٿي حَربَين

گهوڙو گهوٽ اٿاريو، صف ۾ سوارن

ڏسي تاب ترار جو گوشو ڪيو گيدين

سر ڪشن سر وڍيو هڻي ڌڙ ڌڙن

وڌائين مسلم مير جيئن مارو منجهه موذين

”تيرهيا“ تسبيحون پڙهيون مٿي تنهن ملڪن

مَرڪيو منجهه مردن، جام پيتائين ذوق جو.

 

415.پوءِ اُٿيو چاچو اُن جو جعفر ابن عقيل

ڪنبي جنهنجي ڪام ڀرحبش، چين، سهيل

هڻي هٽائي هزارن کي، ڀڳائين مرچو ميل

ڪيائين تڪ ترار سان تني جو طفيل

ڪري کني سان کيل، جام پيتائين ذوق جو.

 

416.اُن گڏ عبدالرحمان بن عقيل، طرف رڻ جي ٿيو تيار

سر ڏيئي سردار، سرهو ٿيو شاهه سان.

 

417.پوٽا جعفر طيّار جا آيا پڙ ۾ پهلوان

محمد ابن عبدالله، جعفر ٻئي جوان

ڀلا ڀاڻج شاهه جا، نڪري ٿيا نيشان

افضل ڏوهٽا عليءَ جا، مرد سندا ميدان

وَسِيا ٿي سر ويرئين، جيئن بادل باران

تن جون تراريون وڄ جيئن چمڪيون منجهه چوگان

حملو هزارن ۾ هڻي ڪڍيائون ڪيڪان

منجهان ئي ميخان، پي طهورا پرُ ٿيا.

 

418.پي طهورا پر ٿيا، شهزادا شهيد

اُن کي سدا عيد، ماتم مسڪينن کي.

 

419.اُن دم عبدالله آئيو، ابن امام حسن

اچي امام حسين جا چميائين چرن

اسين هت هُتِ اوهان جي شهنشاهه سرن

 امر ڏيئي امير چيو: ابا! پرور کي پرن

ڌٻِي ٿي ڌرن، ڏسيو اُڃ اهل بيت جي.

 

420.ڏسي اڃ اهل بيت جي، ڪوثر ٿي کارو

آسمان اندوهه ۾ ڪڙهي رهيو ڪارو

اصل هو اڇو گهڻو صاف صفا سارو

موت ڏٺائين مارو، ناحق اولاد عليءَ تي.

 

421.ڪاهي قلبِ گہ تي، سٽيائين سوَ سوار

ڪهي ڪوفي ڪيترا، ڏنو سر سردار

قاسم ڏٺو ڀاءُ کي ويندل تنهين وار

جيئڻ جي پچار، شاه ڇڏي رڻ سنبهيو.

 

422.علي قاسم آئيو ادب ساڻ امام

اچي امام حسين کي سورهيه ڪيو سلام

گهريائين رخصت جزم جي، تنهين هنڌ تمام

شهزادي کي شاهه چيو، قربئون هيءُ ڪلام

رهه تون همراهه عابد سان گڏجي ڏسو شام

اوهين سعيو ڪريو سفر جو، منهنجو هت مقام

امر مڃي احڪام، داناءُ ديرنيو اُٿيو.

 

423.خان خيمي گهڙيو، ٿي دلاور دلگير

پيو ياد جوان کي، تعويذ سندو تفسير

تنهين وقت تحرير، پڙهيائين پنهنجي پيءُ جو.

 

424.جان ڏسي ته آهي اُن ۾ سارو جواب سوال

ڪل قصو ڪربلا جو قهر ۽ قتال:

اُت قاسم ادي منهنجي اڳيان ٿج لهوءَ ۾ لعل

پير م رکج پوئتي، ڏسي ظلم زوال

آيو ڳنهي امام ڏي اُو دستخط في الحال:

حضرت هي اکر اوهان جي آخ جا مڙوئي مقال

ان دم شاديءَ جو ڪيو خيرالبشر خيال

خطبو خيمي ۾ پڙهيو ٿيو ختمو خوش خصال

وعدي تي وصال، ڪيو وفادار وقت جي.

 

425.ڏيئي لائون گهوٽ کي، سينگاريائون سردار

خلعت خاص حسن جي، جبو قبا دستار

چئي مبارڪ خوش ٿيو، سڀڪو خورد ڪبار

آيو آواز مَقتل مان، ڪوسنڀري اچي سوار

هانڪ حسيني آهه ڪو جهيڙي جو جهونجهار

جي ڪو آهي تان اچي، نڪري ٿئي نروار.

هڪل سڻي هاشمي، ٿيو تنهين ويل تيار

چمي قدم شاهه جا امر وٺي اظهار

اُڀريو آفتاب جيئن طلوع ڪري تڪرار

مشرق جي ميدان ۾ پيو حشر جو هلڪار

مات مريخ زحل ٿيو، ڏسي يزداني جنسار

تقرير تنهين وقت جي، ليکي ناهه شمار

ڄاڻي ڄاڻڻهار، جيڪي وهيو واپريو.

داستان چوٿون

426.سورهيه آيا سنڀري ڪاهي قلعي وير

پڙ ۾ ڀري پير، راند ڪيائون رڪ جي.

 

427.راند ڪيائون رڪ جي، کني سان کيلي

ڪهي ڪندارن جا رت وڌائون ريلي

مرڪيا منجهه ميلي، حسن مير حسين سان.

 

428.شجاعت شاهن جي ڪندو ڪير بيان

هلي آيو هيڪڙو جان پڙ ۾ پهلوان

سورهيه شڪل سج جيئن ڪيو مشرق جو ميدان

تنهن ويل تابستان، پيو ڪر ڳل ڪوفين ۾.

 

429.ڪر ڳل ڪوفين ڪيو، شامي هوا شَرَ

ڏسي قوت ڪيهر جي، سڪن ڪرايون ڪرَ

چئي: هي مڙئي هاشمي حمزي جا همسر

ڌٻي ويئي ڌر، ملڪن ٿي ماتام ڪيو.

 

430.ڪري سگهندو ڪونڪو، شارح شرح بيان

خبر سڀ خالق کي، جو سمجهي سرسبحان

ٻيو هر ڪوئي حيران، عبرت ۽ افسوس ۾.

 

431.عبرت ۽ افسوس ۾، ٿيو عالم آوارو

فلڪ اِن فراق کان ڪڙهي رهيو ڪارو

موت ڏٺائين مارو، محبت جي ميدان ۾.

 

432.محبت جي ميدان ۾، نيزن ڪيو ناز

پهلوانن پڙ ۾ ڪيو پتنگن جيئن پرواز

پروجهه کان پاس ٿيو اي نهاني راز

عشق سندو آواز، آيو سر امام جي.

 

433.امام جي امر ۾، هو عليءَ جو آل

سر ڏنائون سٽ ۾، ٿيا لوهوءَ سان لال

پيتائون پر ڪري، ڪوثر جام زلال

زمانيءَ ذات جو جامع تن جمال

ڪسڻ وير ڪمال، ڏٺائون ڏاتار جو.

 

434.مورنه مڙن مچ کان، پتنگن ڪيو پرواز

اُڏاڻان اُن اُهس تي، جت شمعون ٿيون ساز

ڪيائون قواز، تنهين تابستان ۾.

 

435.مانجهي مڙن مچ کان، پير نه پري ٿين

عشق منجهان آرڻ تي، آڻيو سر سڄَنِ

ڪارڻ جوت جمال جي، جيءُ جلايو ڏين

ڪفن نه ڪنڌ ڪرين، تقوى لباس تن جو.

 

436.مستسفي محبوب، جڏهن شاهه سڌاريو

رسيو راز ربيءَ کي جو عالم الغيوب

سريو سڀ مطلوب، مقصد ان جي من جو.

 

437.ڏسي قاسم ڪسندو، ٿيا ڀائر ان بيتاب

ابا بڪر، عمر، عثمان، عون، جعفر، سنڀري ڪيا شتاب

عباس علمدار ڪيا عالمگير ۽ عتاب

علي اڪبر اُن سان ڪيا حملا بي حساب

هيڪاندا حسين سان هئا همہ همرڪاب

جانب ساڻ جناب، مرڪيا ان ميدان ۾.

 

438.ذڪر شهادت شاه جو بحر بي پايان

ڪري سگهندو ڪو نڪو، موران ئون ميزان

مٿي وسايائون مينگهه جيئن تيرن جو باران

زخمن کؤن جاري هو، ذڪر حق زبان

قبله روءِ منهن ڪري ويٺو شاهه سجان

نيت رکي نماز جي، رڪن ڪيائين ارڪان

سر سجده ۾ سلطان، ڏيئي مرڪيو محشر ماڳ ۾.

زاري

کربلا کي بن مون، هاي هاي هي

1.بهائي بيڻي اور سبهو ساتهي

لي کر اپني بدن مون، هاي هاي هي

 

2.قاسم آيا اور اڪبر آيا

اصغر پاروتن مون، هاي هاي هي [1]

 

3.سارا عالم نيلا چولا پهني هي

جنات وعدن مون، هاي هاي هي

 

4.حوران، پريان، جن و انسان

ماتم هي ملڪن مون، هاي هاي هي

 

5.”تيرهيا“ مومن ماتام مين

هر جارين دن مون، هاي هاي هي

سر سورٺ

439.راڻي گهر رتن جي سورٺ سامائي

ويئي ولاتن ۾ تنهن ورنہ جي وائي

اوچتي آئي، جهلجي جهونا ڳڙهه ۾.

 

440.پيئي خبر کنگهار کي، تنهن آندي سان اقبال

محل، هندورا، ماڙيون، مڏيون، ڏنائينس مال

پٽ پٽيهر پهريا، زيور پاتا زال

کليو ٿئي خوشحال، راجا ساڻ رتول ۾.

 

441.راجا جي رتول ۾، ٿيا رس رهاڻ

هليو اچي هاڻ، ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾.

 

442.اتي انيراء، سئي خبر کنگهار جي

چاڙهيائين لک لشڪر جا، تک منجهارا تاء

ڪري هل هڳاءَ، اچي اوسنب تي ڍريا.

 

443.اچي اسنب تي چڙهيا، نارين ڪيا ناڏ

لاشڪ ڪريو لاڏ، لائين گليلا گرنار کي.

 

444.گليلا گرنار کي، اوڏا تان نه اچن

دانا ئن دم هنيا، پر پاڻيءَ کان نه پُرن

موٽيو پوءِ وڃن، دلمل دولهه سامهان.

 

445.راڳي راءِ گهرائيو، چارڻ چوکي ذات

ڏيئي ڏهوڻي ڏات، گهريائين سر سلطان جو.

 

446.سويروئي سنڀريو، ٻيجل ٻڌي ٻول

راجا جو رتول، تنهن هڻي تند تپائيو.

 

447.ساز سڻي سلطان، ڪيو سعيو سر وڍڻ جو

اڳي سُيَم نه اهڙي، تند ڪنهين جي تان

موٽ م مهربان، جيڪي گهرين گهر تون.

 

448.جيڪي گهرين سو گهر تون مڱڻهار ميان

گهوڙا، هاٿي، هنباريون، توکي ڏاج ڏيان

سوئي ڪج قبول هت جو منهنجو ملهه ميان

شرمسار ٿيان، امُل هيرا آڇيو.

 

449.توڻي امل آڇئين، توڻي هاٿي هنباريون

گهڻيون منهنجي گهر ۾ آهن اهڙيون عماريون

سهسين ساز سرود سان مون راڻيون رئاريون

مرريءَ سواريون، ڪم اچن ٿيون ڪينڪي.

 

450.ڪري آس الله جي هلي آيس هت

مون پري کان پنڌ ڪيو سهج ساڻ سرت

چارڻ سندي چت، سا جا رکي ڳالهڙي.

 

451.ريجهي راءِ گهرائيو، ٻيجل کي ٻيءَ رات

سوئي ڏيندس منگتا جنهن جي توکي تات

شڪر ٿيو جوسر گهريئي، ٻي نه ٻوليئي بات

وڍيان وهاڻيءَ رات، جي چوين ته هلي هت ڏيان[2].

 

452.تڏهن چارڻ چنگ کي ويهي وڄايو

دايون دلگيريون ٿيون پاين ٻاڏايو

مور نه موٽايو، ميين مڱڻهار کي.

 

453.ميان مڱڻهار کي، مور م تون موٽاءِ

سخا تو سلطان جي، آهي جاءِ بجاءِ

تند کڻي توراءِ، ڪٽاري ۽ ڪنڌ سان.

 

454.تند سان مور نه توريان ڪنڌ ڪٽار ڪماچ

”تيرهيا“ ترازوءَ ۾ اچي هنيائون آچ

ڏيئي سر ڏياچ، ٿيو مشهور ملڪن ۾[3].

 

455.ڪونه سخي ڪو سر جو ڏيهن ۾ ڏاتار

قوال سان ڪونه ڪيائين، ”تيرهيا“ ڏس تڪرار

سورٺ ڪيو سينگار، سنڀري هلي سير سان.

 

وائي 39.

سر جي ڪر ساڃاءِ، ڏيج ڏهوڻا وٺ تون

1.جاجڪ جهونا ڳڙهه ۾، جوڙي ڏيان تو جاءِ

2.اچي ويهه اکين تي، راڻيون ڪيم رلاءِ

3.سر ۾ سهج ناهه ڪو، سائل کي م سڪاءِ

4. هي جو آيو آس رکي، او مور م تون موٽاءِ

5. آئي ان ايوان ۾، سهجان سِر سٽاءِ

6. ”تيرهيا“ ڪنڌ ڪٽار سان، ڪامل ٿي ڪٽاءِ

سر بيراڳ هندي

کهليا گل سرخ ابرو کا هزاران عندليب آيد

عشق و آتش هوئي يک رنگ شمع پروانا هوجاتا

 

ديکهي جب چشم پيارل کي تو هم مستان هو جاتي

سروپا کو برهنه کر اگر عريان هو جاتي

 

نه دي آزار مُجهه دل کو تو اي آرام جان سمجهو

يه خوبي کچهه نهين رهتي سدا اي مهربان سمجهو

 

’کبير‘ مايا موهني بڙي بگاڙي کام

مکهه کڙيارا لوبهه کا، جپن نه ديوت رام

 

گر کيجي، گر مانئي، ليجئي گر کا نام

گر بن ’بانا نانکا‘ درگا نهين تهام

 

آدهي ساکهي سمجهه رهي، جيوت مرتک جاءِ

شهديو سو بهيو لوڪ جو نارائن کي گاء

 

چہ شورش اين کہ در جهان بر خواست

بيا ساقي دل ديوانه بر خواست

 

بيا بر دود عالم باش ملحد

کہ نزدي حق بسي منظور باشي.

 

من چه گويم وصف آن عالي جناب

نيست پيغمبر ولي دارد ڪتاب.

 

هزاران بار گوئي وصف آن عالي مقام

هيچ قدري برنيامد باز وعليڪ السلام.

 

هزار بار بشويم دهن زمشڪ و گلاب

هنوز نام تو گفتن ڪمال بي ادبي سست.

 

هر دوعالم کس نگويد اين ثناي ذات تو

از کسي بر تر نيايد جز لسانِ مصطفى

 

بندهء بيچاره گويد از دل و جان سالها

روز و شب در خطبہُ اهل ثنا خواني شماست.

 

مهدي و هادي تو اصلي، استقامت ده مرا

از شريفي شهر ياري ڪربلا دردو سرا.

 

مرا محبوب اب آيا هماري کول آدهي کو

کلي دل کي صفا کرکي گهونگهٽ کون کهول آدهي کو

ڪافي 1.

جائو نا يارا دربي رنگي

1.نه کو ناتهه، نه سدهه کو، نه کو صوفي بهنگي

هرکو جاتا هي چلا، جواهري کيا سنگي

 

2.کوئي کرتا بال لڻاوان، کوئي ديتا کنگي

کوئي بي سوال کهاتا، کوئي روڻي کهاتا منگي

 

3.کوئي فرمان چلاوتا، کوئي هوتا فرنگي

کوئي پير مغان کهيا، کوئي نام نه رنگي

 

4.نه مين کس کي سنگ هون، نه کوئي ميرا سنگي

مين جسي کي سنگ هون، وه همارا سنگي

 

5.”تيرهيا“ عشق عشاق کون، اوران اوپر تنگي

آهان کرتي رو رهي جا ناگ برهه دي ڏنگي

 

سر جوڳ

دلبر ديد و کاڪي سانون ڪر مدهوش کڙايا

حرف حقيقي رانجهن والا پياري يار پڙهايا

فوج زلف دي لشڪر رومي، زنگي بار چڙهايا

نادر نين ايراني ابرو، مرچا مڙگان آڻ اڙايا

دل دا ديرا لٽ نيتوني، جان لعل بدخشان لب لڙايا.

 

جنهن نون زلف دا بند ڪمند ڪپاري پاتا يار پياري

عهد الستي جو ڪو بنيا ڀلئا سوئي اقراري

آکيا چا منصور اناالحق ڏي سولي سرالاري

”تيرهيا“ طالب توبهه پڙهندي ڪري نا انڪاري.

 

بار برهه دا برسر باري ڪاڻ جنان دي آوي

ڪسڻ ڪنون وهه ڪسڪن ناهين کڙدي ڪنڌ ڪٽاوي

 

ناز حسن دي طور جلايا، موسى ڪونه ڪهاوي

عشقي خاص خليل اتي آڻ آڙاهه مچاوي

شاهنشاهه شهيدي نالي لشڪر شام لڙاوي.

 

عشق امام جنان دا هويا، تنان سيل ڪيتا هي سارا

علم عقل دي ڦاندي ٽٽي، مارئا نينهن نغارا

صرف نحوڪل محو ٿئي، ويک نفي اثبات اشارا

”تيرهيا“ شاه شريف اسانون مليا پاڪ پيارا.

 

آڌي رات اُٿاهين ويسان جتان ٻيلي والي ٻيلي

چاڪ سدا بيباڪ رهي نمناڪ فجر دي ويلي

جهنگ چير وڃان لنگهه سير اوڏاهين، جٿ رهندا مير اڪيلي

نياز سيتي پرواز ڪران جان باز مينون رب ميلي

دلبند بلند ڪمند زلف دا، گهت دام ڪريندا ڇيلي

چاهه زنح وچ ماه منور شاه مصر دا کيلي

”تيرهيا“ عشق درياه حقيقي ڪر موج نديان نون ريلي.

 

سرڪي صاف هٿون سان تيڏي جيڪو پر ڪر پيوي

مست رهي متوالا هردم بن شرابئون کيوي

مشتاق سدا غمناق ڦري جو چاڪ منجهان دا ٿيوي

”تيرهيا“ موتواقبل ان تموتوا ماهي جڳ جڳ جيوي.

 

چاڪ بنون دل چاڪ نه ٿيوي، چاڪ چڪي بن چاڪي

ستي ٻيٺي آرام نه آوي هردم هاءِ هلاڪي

نت نت پيڙ نپيڙ نيندي ڪائي چيڙ نه پهري پاڪي

هار سينگار سڀو سٽ ڇوڙيس، انگ ڀڀوت رماڪي

جوڳڻ هوڪي جوڳ ڪميندي جلدي جان جلاڪي

نادر نينهن نهوڙي نيتي، بيوس ٿئي بيباڪي

وچ ڳليان دي ڦري نماڻي نار تڪيندي ناڪي

”تيرهيا“ هير سيالان اتي کڙي هي مچ مجاز مچاڪي.

 

محبت مچ مچايا اندر عشق آرانڀي لائي

لوڪ سارامنهن موڪ سدا ڏي هوڪ متيان سمجهائي

قاضي کول ڪتابان پڙهه پڙهه مسلي روز سڻائي

”شرح ملان“ دي قصي ڪر ڪر ڏاڍي ڏر ڏکائي

”تيرهيا“ هير سيالان اُتي عشقي طبل وڄائي.

 

منجهيان نال وتي متوالا ماهي ونجهلي والا

ڳل وچ الفا، دست پهوڙا سر پر لال دوشالا

ندي ڪناري ڪٽيان چاري گهاري روپ نرالا

تخت هزارا ڇوڙيس سارا ڪيتس جهنگ قبول ڪشالا

”تيرهيا“ عشق ”شريف“ اسانو ڏتا جام جمال جلالا.

 

کيڙا خام خيال اسانون دل تي مول نه هوندا

جنهن نون عشق فراق جڳاوي سوئي مول نه سوندا

درد جنهين دي سر تي جهليا سو راه راندر نت روندا

حال حقيقت والا هردم حزني هار هنجهون دا پوندا

”تيرهيا“ داغ غمان دي آڪي برهان دلبر ڌوندا.

 

جنهن نون چاڪ پاڪ فراق ڪيتا سوئي مول نه ڌاوندا

هستي ٻاجهون بار برهه داسر تي ڪونه اٺاوندا

چاهه زنخ وچ ماه ڪنعاني مصري شاهه سڏاوندا

رنگپور دي ديري وچ آڪي رانجها چاڪ ڪهاوندا

”تيرهيا“ ماهي محرم من دا منجهيان روز چراوندا.

 

ونحن اقرب ناز سيتي جڏان شاه وڙيا آويڙي

دل وچ وسدا دوست پيارا نين نينان دي نيڙي

محرم ماهي هڪ اساڏا لک جک مريندي کيڙي

هادي آپ ڪيتي همراهي لٿي جهٽ پٽ سيالان جهيڙي

”تيرهيا“ شاه شريف اسانون موليٰ علي ميڙي.

 

جز رخ ماهي هيچ نديدم رخ ڪسي دلداري

بار دگر ميخواهم بينم زلف زنار نگاري

روز مرا بر آن رخساري گردد چوڪيداري

مرغ دلم را دام اندازد پرديمان يڪباري

”تيرهيا“ پيش حسن نوشهه دي نيست مرا انڪاري.

 

هير سيالڻ لک صدباري رانجها يار سنڀالي

چاڪ سويلي چرڪي ويندا نت نت منجهيان والي

هجر فراق تنان دي منون ڪونه اهي غم ٽالي

دام زلف دي دل ڪون ماريا ڪيسو ڪيبر ڪالي

”تيرهيا“ توڪل واليان ڪون، آماهي مک و کالي آ گڏ جالي.

 

هير سيالڻ لک صدباري رانجها يار پڇاوي

نت نت تيل ڦليل مليندي ميندي ڌڙي ڳنڌاوي

سيج سهاڳ ماهي دا ماڻيس ڪيا جي لوڪ ريساوي

چاڪ اتي بيباڪ ٿئي هي نديان تر تر جاوي آوي

”تيرهيا“ توڪل واليان ڪون، چاموليٰ محب ملاوي.

 

هير ڪنون تدبير ڳئي، چاڪيتس يار سپاهي

انگ ازل دي ڪاتب لکيا ڪاغذ قلم سياهي

هير رانجهي داوس نه ڪوئي اها بره دي بيپرواهي.

 

ناز نياز انداز سيتي جڏان آوي يار پيارا

ملڪ فلڪ غلامي ڪريندي شمس قمر نجم ستارا

ڏيک اکيان حيران ٿئي نرگس آهو ڪون بچارا

نال رڪاب گلاب چليا گل سنبل لال هزارا

”تيرهيا“ نال نگاه نيڻان دي موهيس چا جڳ سارا

ڪافي 2.

نال نماڻيان دي ماڻا، ماهي يار ڪريندا

اقرب آڪي اوٺي کڙدا، اکيان ڪول سماڻا

ونجهلي دست ڌريندا

2.چاڪي ٻاجهون چاڪ نه ٿيوي، دل ڪنول ڪوماڻا

تنهن نون تار تريندا

3.جهوڪان والا ناز نرالا، مهرخ من ڪون ڀاڻا

منجهيان روز چريندا

ڪافي 3.

مشتاقان نون مريندا، نال نيڻان دي نوڪان

1.                    ابرو ڪالي زلف بسيهر، مڙگان دست ڌريندا لڙدا سياڻي لوڪان

2.                   وچ سيالان دي هو سپاهي، منجهيان چاڪ چريندا جهنگ رانجهي ديان جهوڪان

3.                   ندي ڪناري ٻيلي وسدا، سارا سيل ڪريندا تي سهدا ٽوڪان

4.                   جهڙ ڪر اُهن تي بادل وانگون، روڪي ٽوڀي ڀريندا محبت لايان موڪان

5.                    ”تيرهيا“ دلڙي لٽ اساڏي، سائو سخن پريندا ڇوڙ ڏتونس ٿوڪان

ٽيهه اکري

الف الله دي آسري، اسان عشق دا راه پڇايا

بي تي باتان ڀل ڳيان، ثي ثبوت يقين ڪرايا

جيم جمال ماهي دا حاصر، حي خي خيال وڃايا

دال دليل ڪفر داٽٽا، ذال ذڪر ٿيا حق دا سعيا

ري زي راز رباني آڪر، سيني وچ سمايا

شين شراب طهورا والا، جامع جام پلايا

صاد صبر دا ڀاڱا ڊهيا، ضاد ضرور اٺايا

طوئي طرف سڀ وسر ڳئي، ظوئي ظاهر نور نمايا

عين، غين، في، قاف، ڪاف، لام، ميم نمايا

نون نصيب اساڏا کليا، جڏان چاڪ فراق چکايا

واؤ وصل ديان واڳان وليان، هي هي شادي طبل وڄايا

يي يقين اسان ڪون هادي مهدي مير ملايا

”تيرهيا“ طلب تمام نه ٿيوي، آپ نبي فرمايا

ڪلمان مير محّمد تي مينون رانجهي شاهه پڙهايا.

 

گل گلزار هزار کلئي، سينگار چمن ڪا سارا

ناز سيتي پرواز ڪرن پئي بلبل بي اختيارا

آکي ”تيرهيا“ وچ بستان ماهي دي الف ٿيا اظهارا

 

بي باب بره دا حل ڪيتوسي، ڳيا حرف حجابي

زيران زبران پيش نه آون اصل ڪنون اعرابي

مک مصحاف ماهي دا حاضر هويا حسن ڪتابي

تي ترڪ ٿيا تدبيران دا، تقدير نه ڪنهن تون ٽلي.

جوئي لکيا، سوئي پليا، آسان نال چاڪان دا رلي

ڪيا جي ٻاٻل جهيڙي سانون سارا عالم جهلي

رانجها رب ملاوي مالڪ، مار کيڙيان نون کلي

ثي نهين ثاني يار ساڏي دا، ڪيا يوسف ڪنعاني

ڪيا شامي، ڪيا رومي مصري، ڪيا زنگي يوناني

ڪابل تي قنڌار سڻيندا، ڪيا ايرم ايراني

هر ڪوئي هي حيران حسن وچ، ڪيا ناري نوراني

آکي ”تيرهيا“ نام هادي دا، اسان ڪيتا ورد زباني.


[1]  ٻاروتن= کم سني

[2]  هيءَ بيت شاه شريف جي پران چيل آهي.

[3]  شاه شريف جي رسالي ۾ هي ٻئي بيت، نالي وارين سٽن کان سواءِ، موجود آهن.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org