سيڪشن؛ شاعري

ڪتاب: شاهه شريف ڀاڏائيءَ جو رسالو

صفحو :12

وائي 80.

مون جني سان نينهن، سي سامونڊي ساريان.

1.                آيل وڻجارن کي، رئان راتو ڏينهن

2.               واحد شال وَسائيين، ميڙائي جو مينهن

سر سهڻي

 

داستان پهريون

615. پوڄ پيتائين کير، مهارئون محبت جو

تنهين لاءِ، شريف چئي، ندي تري نير

اکيين ڏٺائين پِير، ساهڙ سنگهارن ۾.

 

616. مهارئون محبت جو، پَٽُ پيتائين پاڪ

چکندي او چُئاڪ، گهر وَرُ ويڙس وسري.

 

617. مهارئون محبت جو، جوپ پيتائين جام

ٿيس عشق امام، گهر ور ويڙس وسري.

 

618. مهارئون محبت جو، حاصل ڪيائين حال

ڪڍيائين قلب مان، ڪوڙو قيل مقال

موٽڻ ٿيس محال، ويندي ساهڙ سامهون.

 

619. ساهڙ سنگهارن، ڪنهين ويل نه وسري

آڳهه اکڙين، توشو آهي توڙ جو.

 

620. اکين اکڙين آئون، جان ڪي جهلون پائيان

ساهڙ سوٺائون، سانگو ڪين نه ساهه جو.

 

621. اکيون آڪيرين، . . . . . . . . . . . .

پايو پيچ پرت جا، نينهن نڀايو نِينِ

ميهر . . . . . . . . . ، ڇڏي سانگو ساهه جو.

وائي 81.

آئين آئين، . . . . . . . . . . . .

1.   . . . . . . ڪنڀارن جي، ٻَهُون ڀتين سا ٻولي

2.      ساهڙ جنهن کي سيني ۾، سا ڪيئن نه گهڙندي گولي

داستان ٻيو

622. توڏيءَ کي توڙا، مشاهدو محبوب جو

گهوڙا ڙي گهوڙا، وڃي وَههِ ويلا ڪندي.

 

623. توڏي ڪري تاڻ، ڪاريءَ رات ڪُنن ۾

عشق جو اهڃاڻ، آڻي اُڪاري آر کان.

 

624. توڏي ڪري تانگهه، ڪاريءَ رات ڪنن ۾

وڃي پئي وَهه ۾، سُڻيو چڙن چانگ

سي ساهه نه ڪرين سانگ، جن صحيح سڪ، شريف چئي.

 

625. رات اونداهي، جرُ جهرَڪي، ڪيا وڄن وانڌاڻا

مون کي سور ساهڙ جا، اندر اُڌاڻا

ميهر نه ڄاڻان، ڪر ٻيلي ٿيندم ٻارِ ۾.

 

626. رات اونداهي، جر جهَرڪي، وڄ کِوندي هوءِ

ويندي ساهڙ سامهون، ماڻهو منهن نه پوءِ

تاسين ڀرم هوءِ، جاسين مِلان مهار کي.

 

627. اُٿيو آڌي رات جو، . . . . . . . . . . . .

سهڻي گهڙي گهيڙ ۾، ولهون وسن پارا

. . . . . . . . . . . . نانگ وتن ڪارا

ميهر چاري ڪنڍيون . . . . . . . . .

ڏيو ڳچين ڳارا، ويٺي روئي وڇن سان.

 

628. ويٺي روئي وڇن سان، (جهليو پينگهن پاند

ڏم جهڙا ڪانڌ، گهڻائِي سي گهوريا.

 

629. ويٺي روئي وڇن سان، جهليو پينگهن پاند

ڪوه ڪنديس ايءُ ڪانڌ، گهر ڀڳو تان گهوريو.

وائي 82.

ويندي جا پِريان جي پار ڏي، سا مَرُ تار تري

1.      محبت منجهه مهار جي، پُريو پير ڀري

2.     تَرڪُ ڪِيائين تُرها، مهيرُ منِ ڌَري

3.     ڏَمُ ڏينهاڻي ڏک ۾، سڻيو ڳالهه ڳري

4.     ساهڙ ڏي، شريف چئي، وڃِي تان نه وري

داستان ٽيون

630. آڌيءَ اُڌمن ۾، سهڻي ڪندي ڪيئن

جي اوسيائي اُڪري، تان مر لڌي نينهن

هاڻي مِهارُ هيئن، وڌس جيءُ جنجال ۾.

 

631. آڌيءَ اُڌمن ۾، سهڻي وڃي ڇو

ڪاري رات ڪُن گهڻا، وره واڳن جو

ميهر جي ملاقات جو مون کي نيهن لڳو

ساهڙ اکڙين ۾، ڏسان ڪين ٻيو

توڻي آئين (جهليو، آءٌ وينديس وڇارن ڏي.

 

632. وينديس وڇارن ڏي، جهلي آب اُڇل

ميهر جي ملاقات جي، مون کي آهي ڪل

آئين (جهليو م) جهل، آءٌ پورينديس پار ڏي.

 

633. آءٌ پورينديس پار ڏي، جتي گهنڊ گهڙن

اُجهي ٿا ٻَرَن، دونهان (دوست ميهار جا).

 

634. . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . . .

. . . . . . . . . سر ۾ ساهڙ ڄام جي.

 

635. سر ۾ ساهڙ ڄام جي، نديون نور نمن

پلٽيو پور پون، مٿي ڀاڻ ميهار جي.

 

636. منهنجي من مهارَ، تُرهو پڇان ڪونڪو

ساهڙ ڄام ستارُ، اُڪاريندو اوڙاه کان.

 

637. ساهڙ سٻاجهو سپرين، اندر روح رهيوم

اکين منجهه اُنگيوم، مشاهدو محبوب جو.

 

638. رهيو اندر روح، ساهڙ سٻاجهو سپرين

سنجهي ۽ صبوح، آهي ميهار من ۾.

 

639. ساهڙ سا سهڻي، درياه سو ديدار

ڪُنن ڪِيو اسرار، ڀيڄ ڀِنيءَ پاڻ ۾.

 

640. ساهڙ سان سهڻي، سائر سا سِڪُ

چاري چريان ڏِکَ، محبتي ميهار سين.

 

641. ساهڙ ڪيو سڏ، سانڀارا هٿ کڻي

تهين لاءِ، شريف چئي، مٿي ٻڌائين مڏ

من ميهار گڏ، تيلاهين تار تري.

داستان چوٿون

642. (اچي انهيءَ آر تان) جتان ڪڙڪن ڪُنُ

پاريائين پهرينءَ (جو، ساهڙ) ساڻ سمن

عشق جي اَمُنَ، اُڪاري اوڙاهه مان.

 

643. مور نه ڪيائين موج ۾، رهبر ڪو رفيق

ٻڌي تُرهو (توڪل جو)، تار گهڙي تحقيق

ساهڙ ڄام شفيق، ساڻي ٿيس سير ۾.

 

644. ساڻي ٿيس سير ۾، ساهڙ ڄام سُڌيرُ

ندي تري نِيرُ، وڃي پهتي پار کي.

 

645. ڪُنن ساڻ ڪري، ڪا جا ڳجهي ڳالهڙي

نشي منجهان نينهن جي، وڃي تان نه وري

مٿي تک تري، اچي انهي آر مان.

 

646. اچي اُنهي آر تان، ٻڏن جت ٻيڙا

ڏسيو اڇل آب جي، جت گهڙن نه گهيڙا

وِير لنگهي ويڙا، مدد ساڻ ميهار جي.

 

647. ڪُنن ساڻ ڪَهي، ڪا جا ڳجهي ڳالهڙي

اُڇل اوڀارن جي، مٿي سر سهي

ساهڙي ريءَ، شريف چئي، رتي تان نه رهي

جتان وَههُ وَهي، اچي اُنهي آر تان.

 

648. ڪري ڪُنن ساڻ، ڪا جا ڳجهي ڳالهڙي

اُٿيو آڌيءَ رات جو، مُنڌ مِڙي مهراڻُ

سُڻيو چانگ چَڙن جي، پئي پتوڙي پاڻُ

وڃيو ڏِسي وَٿاڻُ، ٿي وَڇن پاسي وندري [1].

 

649. اُٿي الله تُهار چئي، رکي مَن مِهار

سهڻيءَ کنيو سر تي، محبت جو مدار

ترهو ٿيس تڪرار، سندو توڪل تار ۾.

 

650. کڻ توڪل تار ۾، جت لهريون لڙ لپيٽ

واڳون، واسينگ، وِيريون، ڪن ڀيلي سان ڀيٽَ

سرتيون ترن سير تي مٿي چايو ميٽ

ٻنهي ڪپن ٻيٽ، ٻانڌي وڃن ٻڏندا.

 

651. کڻ توڪل تار ۾، ٻانڌي جت ٻڏن

ڏسيو دؤر درياه جو، دِليون دِلا ڌُڏن

سيسر، ٻُلهڻيون ٻار ۾، ڪڇئان ڪميون ڪڏن

لکين جئان لُڏن، توڏي گهڙي تنهن تڙان.

 

652. توڏي گهڙي تنهن تڙان، جتان گهاٽ نه گهيڙ

لرزي پسِي نه لهريون، ندي ڀانئي نيڙ

مرڪيو ڪري ميڙ، محبتي مهار سان.

 

653. محبت ۾ مهار جي، جن صدقو ڪيو ساهه

فاالله . . . . . . . . . آمُن اُن للهِ

اُڪريو اُنِ اوڙاهُ، . . . . . . مان.

 

654. محبتي مهار سان، جني . . . . . . . . . . . .

. . . . . . . تيئن پن، تري وييون تار مان.

 

655. تري وييون تار مان، جني سچو سير

اچي گڏين آر تي، خواجا خضر پيرُ

ساهڙ ڏٺائون شريف چئي سيڻاهو سڌير

سمهجيائون سنگهار کي، وڇارن ۾ وير

کلي پيتائون کير، مَنهن منجهه مهار جي.

 

656. منهن منجهه مهار جي، وڇن جو وٿاڻ

ڀِريو ميڙين ڀاڻ، دونهي ڪارڻ دوست جي.

 

657. منهن منجهه مهار جي، کرڪن جا کڙڪا

چانگارون چڙن جون، گهنڊن جا گڙڪا

آڌيءَ آب اتانگهه ۾، ڪنن جا ڪڙڪا

اوڀاري ۽ آر تي، جهولن جا جهڙڪا

ڀنيءَ ڏسيو ڀڙڪا، سنڀريو تري سير تي.

 

658. سنڀريو تري سير تي، جت لهرين جا لٽڪا

ڪاري رات ڪنن ۾، ڀيرين جا ڀٽڪا

مڇيون مانگر موج ۾، چهٽيون ڪن چٽڪا

اونهي ڪُن اگهور ۾، گهورن جا گهٽڪا

دلو سڻيو نه دهلي، ڌوڌٽ ۽ ڌڻڪا

ڌوئي ڌرارن ڌريا، منگهن ۾ ڌٽڪا

وٺتائون وٽ ڪا، ساهڙ هٿان شوق جي.

 

659. سنڀريو گهڙي سير تي، جت ٻلهڻين جا ٻڏڪار

ڊجي ڪين درياهه کان، جت لهرين جا لڏڪار

ڪاري رات ڪنن ۾، ڪري ٿي ڪڏڪار

هڏ نه اچنس هڏڪار، ساهڙ سندي سڪ ۾.

 

660. سهڻيءَ سر جهُلائيو، سانجهيءَ سج ڪنار

ٻانڌي جي ٻيٽن جا، ٽوڙي مڪائون ٽار

سچ ڪه ٻڏي سونهڻي، انگ نه اڙئس وار

واڳن واڌايون آئيون، سرها ٿيا سينسار

اکيون ڏي ميهار، وڃن ڪن ڪپينديون.

 

661. وچان ڪين وريج، پسي دهشت درياه جي

نباهي سيل، شريف چئي، محبن پاس مريج

صدقو ساه ڪريج، مٿان ساهڙ سونهڻي.

 

662. دونهان پيا دکن، ڪيڏانهن اُٿِي ويئيون

پرهه مانَ اچن، ويهه وهامي راتڙي.

داستان پنجون

663. ويندي وڇارن ڏي، ڏم نه ڏٺائين

سر تي سٺائين، مهڻا مهارن جا.

 

664. ويندي وڇارن ڏي، ڪيائين ڪونه قصور

منجهان موج مهار جي، مَي پِي ٿي مخمورُ

حاصل ٿيس حضور، ساهڙ جو، شريف چئي.

 

665. ويندي وڇارن ڏي، ٻَڌي نه ٻوڙا

جهُومڪَ ۽ جهُوڙا، لوڙهي ڇڏيائين لُڙ ۾.

 

666. لوڙهي ڇڏيائين لڙ ۾، لٽا لعل لبيس

پُسِيسِ پرڻي رات جا، وڏاندرا ويسِ

وِيَسِ وَهَ ۾ گڏجِي، ڪنڍا ڪارا ڪيس

ماري هَلِي ميس، سانگو ڇڏي ساه جو.

 

667. سانگو ڇڏي ساه جو، ساهڙ ڪيائين سڏ

”لاتَقنَطُوا مِن رحمتہَ اللهِ“ مٿي ٻڌائين مڏُ

مَنُ مِهارن گڏُ، تَنُ تري ٿو تار ۾.

 

668. تن تري ٿو تار ۾، واڳن سندي وات

پڃاڻا پرڀات، آوَتَڙائِي تَڙِ ٿي [2].

 

669. ڪچو پاس ڪنڀار، پڪو نظر نينهن جو

تُرهو توڪل جو ٻڌي، اٿي الله تهار

سُئائين، شريف چئي، سانڀارا سنڀار

ملي مان مهار، (وري ڪين) وچ مان [3].

 

670. ڪچو پاس ڪنڀارَ جي، (من مهار ڳري)

(ثابت لنگهي) سير مان، ڪو ترهي ريءَ تري

پسي دهشت درياءَ جي، وچان ڪين وري

سهڻيءَ ٿي سري، ثابت لنگهي سير مان.

 

671. محبتي ميهار جي، چُڪي ڪِي چورُ

ساڻ سنڊ کنيائين، شريف چئي، ساهڙسندو سورُ

جن پريتي پور، سي ثابت سير لنگهيون.

 

672. سي ثابت سير لنگهيون، ساهڙ جن ساڻِي

سهڻيءَ سنڊ وڃائيا، ڄاڻ ڇڏيائين ڄاڻي

تن پٽ ٿيو پاڻي، جني مهار من ۾.

 

673. گهڙي تنهين گهيڙ مان، جئان اونهان ڪن اتانگهه

وِڌِي وهه وچ ۾، چوري چرن چانگ

تات ڇڏيائين تانگهه، سانگُ نه ڪري ساه جو.

 

674. گهِڙي تنهين گهيڙ مان، جئان ڪنن جا ڪڙڪا

واڳون واسينگ وهه ۾، سوين (ڪن سُڙڪا)

(سهڻي)  سک وڃائيو، جيءَ اندر جڙڪا

(ڀنيءَ ڏي ڀڙڪا)، سانگ نه ڪري ساه جو [4].

داستان ڇهون

 675. ڪاري رات ڪُن گهڻا، نڪا سيڻہ ساڻ

اونهي آب اتانگهه ۾ پيو پڇاڙي پاڻ

منڌ لنگهي مهراڻ، مِلي مانَ مهار کي.

 

676. سنجهي سئنچي اٿيون، اجهي گهنڊ گڙن

تن سنڀارن سک ڀڳو جي ٻيلي پاس ٻرن

ڇيريون جي ڇڙڪن سي صحي سير مڻينديون

 

677. سنجهي سئنچِي اُٿيون، اُجهي گهنڊ گُڙن

سُيمِ چانگ چڙن جي، اُٿياريس اُڪنڊ

جن کي شوق، شريف چئي، سي نه پڇنديون سَنڊَ

ندي ڍورو ڍنڍ، نينهن کي ناه نگاه ۾.

 

678. ڪاري رات، ڪُن گهڻا، ڪپرَ جِي ڪانڀار

چڙن چِت چريو ڪيو، لارن جي للڪار

گهڙنديس گهوريو جندڙو ساهُ مٿان سنگهار

جيڪي ملنديس مهار، نه ته په پاسي پرينءَ جي.

 

679. ستر سڪ وڃائيو، ننگ نبيريم نيهن

ساهڙ ڏي، شريف چئي، ڏٺي وينديس ڏينهن

روز گذريِ راتڙي، ري قريبن ڪيئن

حُب مُنهِين کي هيئن، ڪ آهي سڀني جيڏيين!

 

680. وينديس آءٌ وڇار ڏي، مون مت ڪامَ ڏسي

ڪاري رات، ڪُن گهڻا، مرُ ٿو مينهن وَسي

ساه ساهڙ سرتيون، ويو کاڻيءَ جو کسي

جي طلب جي تَسي، سي صحيح سير مڻينديون.

 

681. وينديس آءٌ وڇار ڏي، مون لئون ميهر سان لاتي

ساهڙ جي صورت جي، اندر قلب ڪاتِي

پرت جن پاتي، سي صحيح سير مڻينديون.

 

682. وينديس آءٌ وڇار ڏي، جتي محب مهار

ساهڙ جو، شريف چئي، ديکينديس ديدار

پل پاڙيچيون پرينءَ ري، قلب ناهه قرار

جن ساڃائو سنگهار، سي صحيح سير مڻينديون.

 

683. ڪاجا چانگَ چڙن جي، پييم ڪن پڪار

سا جي سُڻيان جيڏيون، تني جي توار

ته ڀڳان سک سرتيون، اَلونُن جي اطوار [5].

ڇڏي خواب خمار، هوند ڪاهي پييون ڪن ۾.

وائي 83.

لئون پِريان جي پار ڏي، آڻي آڻي اول اولِي

1.      وڃي پيئي وَه ۾ ميان، جت ڇُهي جي ڇولي

2.     سئائين سنڀارن جي، ٻهون ڀَتين سا ٻولي

3.     توڏي ترسي ڪينڪي، ڏسيو هيبت هولي

4.     دهشت ڌوم درياه جي، ڀيلي نه ڀولِي

5.     گهڙي شوق، شريف چئي، گها گهائي گولِي


[1]  هن بعد غلام حيدر تيرهي جا ٻه بيت شامل، جيڪي اڳ تيرهيي فقير جي ڪلام ۾ ڇپيل آهن.

[2]  اصل متن ۾ هن بيت کان پوءِ 17 بيت اهڙا لکيل آهن جي اڳ ”تيرهيي“ فقير جي ڪلام ۾ ڇپيل آهن، اهي بيت ”تيرهيي“ فقير جي ڪلام ۾ آندا ويا آهن.

[3]  هن بيت ڀران تيرهيي فقير جي رسالي ۾ هيٺيون بيت ڇپيل آهي

ڪچو پاس ڪنڀار، پڪو نظر نينهن جو

پهچائي پراڙ ڏي عشق جي آثار

”تيرهيا“ سئائين تڪڙا ساهڙ جا سنڀار

ترهو توڪل جو ٻڌي اُٿي الله تهار

مرڪيو ساڻ ميهار، سهڻي چڙهي سيج تي

[4]  هن ورق بعد پنا نهايت ضعيف ۽ اکر ميساريل هئا، جنهن ڪري بيت پڙهڻ ۾ نه آيا.

[5]  اصل، ائين.

نئون صفحو --  ڪتاب جو ٽائيٽل صفحو
ٻيا صفحا 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 20 21 22 23 24 25 26 27 28 29 30 31 32 33 34 35 36

هوم پيج - - لائبريري ڪئٽلاگ

© Copy Right 2007
Sindhi Adabi Board (Jamshoro),
Ph: 022-2633679 Email: bookinfo@sindhiadabiboard.org