داستان ٽيون
909. نڪو تيرت تڪيو، نڪو ديس پڇن
آديسي عالم ۾، ويراڳي وتن
سڪ آ ساميڙن، لاهوت لا مڪان جي.
910. نڪو ڏورڻ ڏيہ، نڪو پير پٽول تي
مون سان ڪري ميہ، لنگهيا لا مڪان
911. نڪا ڏورڻ ڏس، نڪو پير پٽول تي
دور تني جي دس، جيڪي لنگهيا لامڪان کان.
912. لنگهيا لا مڪان کان، مٿي مهيسي
رمز پروڙي راز جي، پريا پرديسي
اُسهيا آديسي، ڪانه سڻجي ڪينري
.
913. لنگهيا لا مڪان کان، پري پروڙي پنڌ
سناسين، شريف چئي، هو چتايو هنڌ
رمي ڏٺائون رند، ڪانه سڄي ڪينري
.
914. لنگهيا لا مڪان کان، هليا جيئن هئا
پسڻان پري ٿيا، ڪانه سڻجي ڪينري
.
915. سامي سڱڙين سان، مهيسي مشهور
پهه پرايو پور، نانگا وڃن نڱيا.
916. سامي سڱڙين سان، موهي ويڙا مون
مٿي پورڀ ڀون، نانگا نميا ناٿ کي.
917. سامي سڱڙين سان، ڪي جو اُڀو چوءِ
راول رتو روءِ، ويراڳي ورونهن ۾
918. سامي سڱڙين سان، ڳجهو ڳالهائين
تلڪ تاڻي لائين، جسا جلايو جوڳ ۾.
919. سامي سڱڙين سان، ڳوڙها رڱ رڱين
هٿن ساڻ ملين، مالها ملڪ ملڪوت جي.
920. سامي سڱڙين سان، ڀيريو بيٺ ٻڌن
نانگا اُت نمن، جتي نظر ناٿ جو.
921. نانگن کي نياز، ادب اکڙين ۾
هنيون حقيقت گڏيو، رويت اندر راز
پيهي ويا پهاڙ ۾، سامي سڻي ساز
مٿي تن آواز، ”مَن يتَوڪّل عَلَي الله“ جو.
922. بر ۾ بيراڳين جا، دونهان روز دکن
سندا سناسين، پَرَڀونءَ مٿي پنڌڙا.
923. بابوءَ برپٽ ۾، جوڳيءَ هنئي جُنبش
هُل هاڪارو ٿيو، هُو هُو ها هَنبش
طائوسيءَ جي طلب جو، اُهاءُ مٿي عرش
لڳي تاڻ لبيڪ جي، سورج ڪي تابش
ساميءَ جي روش، مٿي پورڀ پنڌڙا.
924. بابو برپٽ ۾، چهي جيئن چلڪن
مون ڀانيو آديسي آئيا، ٿا ويراڳي ڏسجن
ڪانگل ڪاپڙين جي، ڪا تو سڌ سندين
سناسي، شريف چئي، سامي سر سمجهن
موهيو مون وڃن، ڪفر دين اسلام ڪيو.
925. تو ڪي ويندا گڏيا، پورڀ جن جو پنڌ
راه ڏيکارج رند، مونکي مهيسين جو.
926. جوڳي جهونا ڪاپڙي، ڪا مون سڌ سڻاءِ
مٿان ونگ ورياءِ، ڪهڙي هئين ديس ۾.
927. لاهوتي شهر لال ۾، هئا بازر ۾ بيٺا
سناسي، شريف چئي، پٿر ڪنهن پيٺا
مونهين ۾ ڪر ميٺا، نشي گوشي ناٿ ڏي
.
928. ڪندا ويا گدا، لاهوتي شهر لال جي
سناسي شريف چئي، فاني ٿيا فدا
ڍڪي خاڪي کدا، روندا رميا رام ڏي.
929. لاهوتي لال شهر جا، مون ڏٺا گداگر
نانگن نظارت ديس جي، چڻي هئي چِيليَر
سناسين، شريف چئي، ڪنين سونهن ڪر
مون کي هڻي هر، پاڻ لنگهيا لقاپر ڏي.
930 مون کي پل م ماءُ، ته جيجل جوڳياڻي ٿيان.
ناهي بات بيان، سندو سڱيءَ ساءُ
گورکن جو گهاءُ، سو ڪيئن سلان عام کي.
931. ڌيءَ پلي کي ماءُ، جيجا جهل م ايترو
آيل ديسين جي، ماريو مون ڳالهاءُ
سامي سڱڙين سان، ويا ملندا مالهاءُ
فهميدا فڪر سين، فائق وجهي فالاءُ
توکي وڻي ساءَ، آءٌ نٿ جهوليندياس پرينءَ کي.
932. ماءُ پلي کي ڌيءَ، جاٽا ڪر م جوڳ جي
سامي سمهن ڪينڪي، رمن راتو ڏينهن
تون تني سان ڪيئن، آڌيءَ ڪندينءَ پنڌڙا.
933. پيٽي وجهه اڳڙيون، رڱي لاهوتين جان
چني چيل مٿي ڪري، وڃ ويراڳين ڏانهن
ٻانهوٽو ٻنڌ ٻانهن ۾، سباء ڪنجرو ڪاپڙين کان
سڀان سامي توسان، بابو ورهائين بکيا.
934. جا پر گرناٿ جي، سا پر سامي پار
”تَرڪُ الدُّنيا واجِب“ نئي ات نهار
نانگا ان درٻار، اُگهاڙي ريءَ ڪونه وڃي.
935. ڪوڙيين لکين ڪيترا، مٿي در دربان
جت نظارت نيشان، اُت اُگهاڙي ريءَ ڪونه وڃي.
936. بُک برات جن کي، اُگهاڙ آهي عيد
سي سامي ٿيا شهيد، پي پيالو اُڃ جو.
937. بک برات جن کي، عيد آهه اُگهاڙ
سامي ٿيا سُگهاڙ، پي پيالو اُڃ جو.
938. بک برات جن کي، عيد آهه اُگهاڙ
سامي سي مرڪن، جن پيتو پيالو اُڃ جو.
939. ويٺا ويٺا سبن سوئي، پايو منهن مونن ۾
ثمر ڪيائون سڃ جو، مالها مڙهيان پوئي
رام ريجهايائون روئي، پائي ڪفني ڳچيءَ ۾.
940. جيئن جيئن اُتر اُور، تيئن تيئن سامي سنرا
پہ ڪيائون پرديس جو، ڏيہ چتايائون ڏور
جوڳي ڪنهن ضرور، ستا ڪين، شريف چئي.
941. ستا ڪين، شريف چئي، ڪي جو ڏٺائون
”فَليضحکُوا قَليِلاَ وَّ لِيَبکُوا کَثِيراَ“
سوئي سمجهيائون
رتو رنائون، راه پڇيائون رام جي.
942. ڌڄا ٿي جهولي، بر ۾ بيراڳيءَ جي
عَلَم آديسيءَ جي، نُولَ ڇڏايا نُلي
ساميءَ ڪنهن سولي، تيرٿ ڪيا تڪيا.
943. ڌڄا ڪيڙي جهول، بر ۾ بيراڳيءَ جي
عَلم آديسيءَ جي، پتڻ ڇڏايا نُولي
سامي ڪنهين سُول، تيرٿ ڪئا تڪيا.
944. حج ويا حجرات، ديس ڇڏي پرديس ويا
ڪالهه ڪانگل لئيو، ويا ڪاپڙي قلات
ماتا جن جي تات، بيٺي پڇي تن لئي.
945.جي ڪہ چليا ڪامرو، موليٰ سي ملائين
ماتا خابرو، تن جي بيٺي پڇي ڪاپڙي.
946. جي ڪہ چليا ڪامروءَ، موليٰ سي ملائين
ماتا تن جي سوءَ، جي ديس ڇڏي پرديس ويا.
947. جي چليا ڪامرو ديس، موليٰ سي ملائين
ماتا تن جي ويس، پڇي پورڀين کي.
948. ڪالهه ڪامروءَ هئا، اڄ نه ڄاڻان ڪنهن ديس ڏي
سناسي، شريف چئي، لنگهي لقابر ويا
جي ماتا مٽ نه ٿيا، موليٰ سي ملائين.
949. جي هئا ڪالهه گنگا، اڄ نه ڄاڻان ڪنهن ديس ڏي
سامين جي سنگا، ويٺي گهٽ گهاٽ نهاريان.
950. چلي گنگا گيواري، گورک نانءُ گيوار جو
ساميءَ ڏسندي، شريف چئي، بر ٿيو بيکاري
بابوءَ باهه ٻاري، ٻيو ڪير ٻاري ڪاپڙيءَ ري.
951. بر بيراڳين کي، روندو ويو رت
سامين سندو پٿ، ڪوه ڄاڻان ڪاڏي ويو.
952. بر بيراڳين کي، روندو رت ڀڻي
هئي هئي ڪيو هڻي، پاڻ مٿي پاهڻين.
953. بر بيراڳين کي، روندو رت ويو
سامين سڱ ڪيو، ڪوه ڄاڻان ڪاڏي ويا.
954. بر بيراڳين کي، رويو رتوروءِ
هئي هئي ڪيو چوءِ، لاهوتي لڏي ويا.
955. جوڳي ناهن جوءِ ۾، واڄٽ تان نه وڄن
نڪو ساز سرود ڪو، دونهان ڪين دکن
آهي ماٺ مڙهين، آسڻ پوري اُسهيا.
956. جوڳي ناهن جوءِ ۾، جي ڪاپڙي ڪن چير
سناسي، شريف چئي، ويا ويراڳي وير
ڪين پروڙي پير، آسڻ پوري اُسهيا.
957. جوڳي جوءِ ۾، ويا کڻي کدائون
سڱيون مرليون هٿ ڪري، ڪينر نيائون
تاڙيون ڏنائون، آسڻ پوري اُسهيا.
958. سامين سانباهِي سفر جِي، ويراڳي ويندا
اچي ٿيا اُن جا، مون سين سور سينڌا
کنيائون کدا، آسڻ پوري اُسهيا.
959. ڪالهه وڄائيندي، ڪاپڙي، ڪي واڄٽ ويا وات
بيان ٿئي نه بات، تن جي سوز سرود جي.
960. ڪالهه وڄائيندي ڪاپڙي، ويا سناسي ساز
عشق جو آواز، هڻي ڦوڪ فراق جي.
961. ڪالهه ڪاپڙين جو، هو هلڻ جو هاگام
سڱين سوز، شريف چئي، ٿئو تني جي تمام
اُن واڄٽ ويراڳين جي، آيل ڀڳم آرام
دل وڌايوم دام، وڄائي واٽ ٿيا.
962. ڪالهه گڏيم ڪاپڙي، بابو بي نظير
سڱيون، مرليون، ڪينريون، ويا وڄائيندي وير
هئا فراقي فقير، سناسي شريف چئي.
963. هليو ويو هنگلاج ڏي، پورڀين جو پَٿ
ڪنهن جنهن فڪر فراق کان، ٿي رنائون رت
اُو اندر جو آتُ، سامي سلن ڪينڪي.
964. هليو ويو هنگلاج ڏي، سامين سندو سنگ
طمع ڇڏيائون طعام جي، تن ڏنائون تنگ
نانگن کي ننگ، ويو وجودي وسري.
965. هلج ڪيم هنگلاج ڏي، پورڀ ڪج ۾ پنڌ
سناسي، شريف چئي، نانگا ٿِيج م نند
پرج پروڙي پاڻ ۾، راول روحي رند
آهه حقاني هنڌ، سامي تو سرير ۾.
966. اڏيا ڊاهي هليا، ڪاپڙي ڪک
نانگن کي نابود جي، پيئي صحيح پرک
لوڪ لنگهيائون لَک، الک کي اوڏا ٿيا.
967. پرڏيهي پوري ويا، مڙهيون ۽ ماڳ
تاڙيون ڏيئي طاق، آسڻ پوري اُسهيا.
968. پرڏيهي پوري ويا، جهوڪون جهروڪون
محبت جون موڪون، لاهوتي لائي ويا.
969. ڪو جو ڪاپڙي کي، اندر منجهه آگاه
سناسي، شريف چئي، مور نه چاڙهين ماه
سوز سڪاين ساه، سدا سوڪون اُن کي.
970. ڪا جا ڪاپڙين کي، اندر منجهه اداس
سڪ سجهايا، شريف چئي، پورڀي پياس
خاڪ ڀڪليا ڪاپڙي، ويٺا منجهه وماس
ڪونهي اُن آساس، نانگن ننڊ حرام ٿي.
971. پنڻ ڪانه پنج ڪڻي، توشو تان نه کڻن
ويا وصفن کان لنگهي، نانگا ناسوتين
طلب ناهي طعام جي، موران مهيسين
فاقو فرحت تن، سور سُئايا ڪاپڙي.
972. ڪين کڻن ڪي ڪاپڙي، توشو طعام تمر
”نَجَي المُخَفّفُون وهَلَڪَ المُثَقّلونَ“
ايءُ پڙهيائون اکر
ساڻن ڪونه ثمر، جوڳي جريدا هليا.
973. اَن نه اوڏا ڪاپڙي، پاڻي تان نه پين
ذوق چکيائون زهد جو، فاقي منجهه ڦرن
طعام طلب نه تن، قوت قلبي جن کي.
974. پَهرَ نه ويجها ڪاپڙي، وَسيئن تان نه وڃن
سناسي، شريف چئي، راول رڃ رهن
فاقي ۽ فقر ۾، مهيسي مرڪن
لاهي ڇڏيا لباس جا، وڳا ويراڳين
”اَجِيفُوا بُطُو نَڪُم وَ اَعروااَجسامَڪُم“،
سمجهيو ساميڙن
عجيب آديسين، گت پرائي گر کان.
975. اکيون سيني سامهيون، منهن مٿي مونن
سناسي سڪوت جو، دل ۾ دور پڙهن
ويٺي وره ٿين، آهن آديسي احرام ۾.
976. آه آديسين احرام، سدائين سڪوت جو
سناسي، شريف چئي، ڪڇن ڪونه ڪلام
ويا مهيسي محو ٿي، منجهين ماٺ مدام
اُن تي سنت ناه سلام، فرض ۾ فنا ٿيا
977. پيا مهيسي مراقبي، محبت پيتائون مند
”وجُفِلَت فِي النَّفسِ طَرِيقةُ الزّاهِدِينَ“،
ايءُ پروڙيائون پنڌ
آهي فاقي جو فند، جيءُ جلائين جوڳ سين.
978. جيءَ جلايو جوڳ ۾، ڪاپڙي ڪڙهن
پيا آهن پور ۾، مهيسي مڙهن
سناسي سڙن، ڏيو تسيا تن کي.
979. نانگا نرالا ٿيا، لاڳاپا لاهي
اُنهن کي آهي، رمز ريجهائڻ رام جي
.
وائي 98.
پڇ وڃي بينَ سرا، ڏِس وڃي سردارا
1.
سڻ وڃي ساز سرودا، ڪڏهن منهنجو پنهل آويگا
2.
مين جو دور دور دقنا بيا، بَڪن بقايا
سر پورب
980. وچينءَ ويراڳين جي، هئي هئي آهي هاڪ
سناسي، شريف چئي، گوندر ڪيا غمناڪ
عشق جن املاڪ، سي لاهوتي لال ٿيا.
981. وچينءَ ويراڳين جي، هئي هئي آهي هُوءِ
پيهي ويا پهاڙ ۾، جوڳي جهاري جوءِ
بابو بيکاري ٿيا، بر ۾ آين بوءِ
”والّذين جاهَدُوا فِيَنا لَنَهدِ يَنَهُم
سُبلنَا“،
رمي ڏٺائون روءِ
خاطر وڃائي خوءِ، نانگا نيهن نهال ڪيا.
982. وچينءَ ويراڳين جو، پري پيو پنڌ
”اَلستُ بِربِڪُم قالو بليٰ“، ايءُ سوٺائون رند
نانگن نايو ڪنڌ، نظر اڳيان ناٿ جي.
983. وچينءَ ويراڳين جو، پري پنڌ پيو
”سُبحانَ رَبِي اَلاعَليٰ“، سامين سير ڪيو
نانگن سر نيو، نظر اڳيان ناٿ جي.
984. ڪانگل ڪاپڙين جي، تو ڪا ڪل آهي
ساري سناسين کي، رات رنم رائي
سامي هليا، شريف چئي، لاهوتي لُنگ لائي
مون کي مهائي، لنگهيا لڪ لقاپر جو.
985. ڪانگل ڪاپڙين جي، تو ڪا آهي ڪل
جن جي مون کي رل، سي ڪڏهن ايندا سپرين.
986. آءٌ ڪانگا لوءُ لام، ڏي سنيها، شريف چئي
جن ري گذريا ايام، سي ڪڏهن ايندا سپرين.
987. آءٌ ڪانگا لوءُ لوڏ، ڏي سنيها شريف چئي
جن سان هنيڙي ڪوڏ، سي ڪڏهن ايندا سپرين.
988. آءُ ڪانگا وڻ ويہ، ڏي سنيها شريف چئي
جن ڏور چتايو ڏيهه، سي ڪڏهن ايندا سپرين.
989. آءٌ ڪانگا لوءُ لات، ڏي سنيها شريف چئي
جي ڪهيا ڏونہ قلات، سي ڪڏهن ايندا سپرين.
990. جي ناگهه وتن نانگا، سي مان سامي گڏيا شريف
چئي
ميڙيو ڪرجهڻ ڪاٺيون، اوريان ٻڌن ڦانگا
تانڪي لئج ڪانگا، مٿي انگهه عظيم جي.
991. مٿي انگهه عظيم جي، ڪانگل لئي ”ڪان“
مَنهن محبوبن جي، ڇمر ڏٺائين ڇان
ڳنهي نانگن نان، ٿيو لال لقاپر ۾.
992. مٿي انگهه عظيم جي، ڪانگ لئي ڪارو
سامي سفر هليا، نانگن ڪيو نعرو
آديسين الک جو، چوڏس آهي چارو
پورپ وسائي پارو، نانگن ناٿ نمائيو.
993. موري وڻ، ويڙهه اکين ۾، اوڀڙ اُڀريا انگهون
سامي ڪن تنگون، تني ڏينهن شريف چئي.
994. جانا جونا جودريون، ڪارون ٻهون ڪريج
هٿان حبيبن کي، پيرين تون پئيج
لمي ليلائيج، اڱڻ عجيبن جي.
|